29/05/2025
سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، شڪارپور کان ڪنڌڪوٽ تائين ڌاڙيلن جو راڄ آهي، ماڻهو ڏوهارين جي خوف کان رات جو سفر نٿا ڪري سگهن، وڏيرا گاڏيون ڀري ڌاڙيلن کي هٿيار فراهم ڪن ٿا، انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي، پوليس ڪيترن ڌاڙيلن کي ماريو آهي؟ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪڏهن شروع ٿيندو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ جا آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ کان سخت سوال، قمبر ۾ قتل ڪيل ماسترياڻي صدف حاصلو ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران آءِ جي سنڌ عدالت ۾ پيش، عدالت سوال ڪيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ رينجرز ڇا ڪري رهي آهي، رينجرز کي ڪيتري بجيٽ ڏني وڃي ٿي، رينجرز هيل تائين ڪيترن ڌاڙيلن کي پڪڙيو آهي، گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته رينجرز کي 6 ڏهائي هڪ ارب رپيا ڏنا پيا وڃن، جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ۾ چيو ته ايتري بجيٽ هئڻ باوجود رينجرز سنڌ ۾ هڪ به ڌاڙيل ناهي پڪڙيو؟ بهتر آهي ته اوهان 2 ارب پوليس کي ڏيو، جيئن اها جديد هٿيار خريد ڪري.