21/09/2026
♥️🌹🌹♥️
الحمدلله! اسان سردار عبدالباري خان پتافي صاحب جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، جن اسان جي ڳوٺن جي ترقي ۽ عوام جي سهولت لاءِ ترقياتي ڪم ڏنا آهن.
ان شاءَ الله، ڳوٺ محمد صديق ڪلوڙ ۾ سردار عبدالباري خان پتافي صاحب ترقياتي ڪم جو افتتاح ڪندا. افتتاح کان پوءِ ڳوٺ محمد صديق ڪلوڙ ۾ پاڻي جي نيڪال، نالين ۽ ٽف ٽائل جو ڪم شروع ڪيو ويندو.
ڳوٺ فضل ٿهيم ۾ جاري نالين جو ڪم پڻ آخري مرحلي ۾ پهچي چڪو آهي، جڏهن ته ڳوٺ قاضي لعل بخش ڪلوڙ ۾ نالين ۽ پاڻي جي نيڪال جو ڪم هن وقت جاري آهي.
ان شاءَ الله، ان کان پوءِ ٿوري ئي وقت اندر ڳوٺ قاضي لعل بخش ڪلوڙ ۾ پوري ڳوٺ اندر ٽف ٽائل لڳائڻ واري ڪم جو افتتاح سردار عبدالباري خان پتافي صاحب ڪندا.
انهن سمورن ترقياتي ڪمن جي نگراني سردار قاضي طفيل احمد ڪلوڙ ڪندا، ته جيئن ڪم بهتر نموني ۽ مقرر معيار مطابق مڪمل ٿي سگهي.
ان شاءَ الله، اسان جي ٽنهي ڳوٺن محمد صديق ڪلوڙ، فضل ٺهيم ۽ قاضي لعل بخش ڪلوڙ جا ترقياتي ڪم مرحليوار مڪمل ڪيا ويندا.
اسان هڪ ڀيرو ٻيهر سردار عبدالباري خان پتافي صاحب جا دل سان ٿورائتا آهيون، جن اسان جي علائقي جي ترقي لاءِ عملي قدم کنيا آهن.
ان شاءَ الله، ترقي جو هي سفر اڳتي به جاري رهندو.