Times Of Thar

Times Of Thar We share happenings which come under the Sun in Tharparkar and Sindh.

17/07/2023

ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڦر جي واردات پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آھي, گذريل ڪيتري ئي عرصي دوران مٺي شھر مان چوري ٿيل موٽر سائيڪلون توڙي ٻيو سامان اڄ ڏينھن تائين واپس ناھي وري سگھيو, عوام ايس ايس پي آفيس ۽ ٿاڻن جا چڪر لڳائي لڳائي چپ ٿيڻ تي مجبور.

17/07/2023

امن جو خطو سڏجندڙ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڦر جي واردات..!!
شڪور آباد ڀرسان موٽرسائيڪل ڪيش رقم ڦر, ٿرپارڪر پوليس ڪو ٻوٽو ناھي ٻاريو, مٺي شھر مان ڪيتريون ئي موٽر سائيڪولون چوري ٿي چڪيون آھن جيڪا اڄ ڏينھن تائين واپس ناھن ٿي سگھيون. ٿرپارڪر ضلعي جي پوليس کي چور موبائيل ڏيئي ٿا وڃن پر ٻيو سامان واپس نٿا ڏين جو پريس رليزون جاري ٿين.

12/04/2023
08/04/2023

ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا...!!!
اسلامڪوٽ جي ايس ايڇ او قادر بخش بھراڻي جو خانڪي ٽارچر سيل ھجڻ جا انڪشاف/ نوجوانن تي تشدد/ مائٽن جون ميڊيا آڏو دانھون, ايس ايس پي ٿرپارڪر خاموش

08/04/2023

ڳوٺ وڪڙيو مان وڏيرن جي ظلم ذياتين کان تنگ تي وڌيڪ ميگھواڙ برادري جا چار گھر لڏ پلاڻ ڪري اسلامڪوٽ پھچي ويا, پڌري پوٺي ويٺل خاندانن جي ساھتا ڪري انتظاميان پنھنجو ڪردار ادا ڪري.

سفينا گٽڪي/ چرس/ آفيم جا موالي توجه فرمائين..؟؟سڄي سنڌ ۾ منشيات رروشن خلاف ڪاروايون تيز, پر واحد ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏيپلو ش...
08/04/2023

سفينا گٽڪي/ چرس/ آفيم جا موالي توجه فرمائين..؟؟
سڄي سنڌ ۾ منشيات رروشن خلاف ڪاروايون تيز, پر واحد ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏيپلو شھر آھي جتي سريعا سفينا/گٽڪو/ چرس/ آفيس دستياب آھي, ڏيپلو شھر جي ويجھو ڳوٺ کاروڙو ۾ ڀاڻجي ٺڪر جي گھر اوھان کي سريعام آفيم/ ڪجھ اھڙيون مخصوص ڪئبينون آھن جن وٽ چرس ھر وقت موجود آھي. ٿرپارڪر ضلعي جي ٻين شھرن ۾ موالي پريشان آھن پر ڏيپلو شھر ۾ منشيات کي ڇوٽ مليل آھي. ذريعا دعوى ٿا ڪن ته ڏيپلو ٿاڻو مھيني جا 15 لک کان وڌيڪ منشيات جي مد ۾ ڪمائي ٿو.

نوٽ: تصوير ڪجھ ڏينھن اڳ ڏيپلي جي ڀرپاسي ڳوٺ جي آھي جتي سريعام سفينا عاداب ٽنگيل نظر اچي رھيون آھن.

08/04/2023

سفينا گٽڪي/ چرس/ آفيم جا موالي توجه فرمائين..؟؟
سڄي سنڌ ۾ منشيات رروشن خلاف ڪاروايون تيز, پر واحد ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏيپلو شھر آھي جتي سريعا سفينا/گٽڪو/ چرس/ آفيس دستياب آھي, ڏيپلو شھر جي ويجھو ڳوٺ کاروڙو ۾ ڀاڻجي ٺڪر جي گھر اوھان کي سريعام آفيم/ ڪجھ اھڙيون مخصوص ڪئبينون آھن جن وٽ چرس ھر وقت موجود آھي. ٿرپارڪر ضلعي جي ٻين شھرن ۾ موالي پريشان آھن پر ڏيپلو شھر ۾ منشيات کي ڇوٽ مليل آھي. ذريعا دعوى ٿا ڪن ته ڏيپلو ٿاڻو مھيني جا15 لک کان وڌيڪ منشيات جي مد ۾ ڪمائي ٿو.

07/04/2023

اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ وڪڙيو مان بااثرن جي ظلمن کان تنگ ٿي لڏي ويل ميگهواڙ برادري جو خاندان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ، معصوم ٻار بُزرگ عورتون کليل آسمان هيٺ نٽهڻ اس ۾ ويٺل ، ميگهواڙ برادري مردن ۽ عورتن جو چوڻ آهي ته وڏيري جا اوباش پُٽ گهرن ۾ گهڙي نياڻين کي اغوا ڪري ويندا هئا ، ان ڪري مجبور ٿي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهيون ، هن وقت به اسانجون 5 نياڻيون سندن قبضي ۾ آهن کين بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي..

اسلام ڪوٽ جي ايس ايڇ او قادر بخش بهراڻي جي خانگي ٽارچر سيل بابت ڇرڪائيندڙ انڪشافٻن پورهيت نوجوانن کي کنڀي ڪپڙن کان آجو ڪ...
07/04/2023

اسلام ڪوٽ جي ايس ايڇ او قادر بخش بهراڻي جي خانگي ٽارچر سيل بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف
ٻن پورهيت نوجوانن کي کنڀي ڪپڙن کان آجو ڪري وحشياڻو تشدد ڪرڻ، سگريٽن جا ڏنڀ ڏيڻ ۽ فحش وڊيو ٺاهڻ جا انڪشاف
Ktnnews live

07/04/2023

ذريعا دعوىٰ ٿا ڪن ته گذريل 30 تاريخ تي ننگرپارڪر تعلقي ۾ روجھ جو شڪار ٿيو ھو, ڳوٺاڻن گاڏي جو گھيرو پڻ ڪيو ھو, ٻڌايو پيو وڃي ته ننگرپارڪر ۾ علي حسن زرداري جو خاص ماڻھو ڪاشف پنھور اھو شڪار ڪري رھيو آھي, ذريعن جي دعوىٰ آھي ته ڪاشف پنھور ننگپارڪر جي ڪنھن وڏيري جي بنگلي ۾ ترسيل آھي انڪري انھي ڪاشف پنھور پاران شڪار ٿيندڙ روجھن جي بابت ڪو ڳالھائڻ لاء تيار ناھي, وائلڊ لائيف ڍاتو ڪاروائي ڪري ڪاشف پنھور کي لغام وجھي.

Address

Mithi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Times Of Thar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share