10/06/2026
ھي پيج ھڪ خواب آھي. ھڪ خواب جي تعبير آھي.
Thank you for 2000 followers!
ٿرپارڪر جي نوجوان نسل وٽ ٽئلينٽ تہ موجود آهي پر نوڪريء جي موقعن کي انھن تائين پھچائڻ وقت جي اھم ضرورت ھئي. ان ضرورت کي مد نظر رکندي ھي پيج ڏيڍ مھينو اڳ ٺاھيو ۽ توھان سڀني دوستن ھن پيج کي سٺو ريسپانس ڏنو جنھن اسان کي تمام گهڻو اتساهه بخشيو آهي.
اسان جي ھن پيج جو مقصد ٿرپارڪر ۽ ڀرپاسي جي سڀني علائقن جون نوڪريون توھان تائين پھچائڻ آھي. جيڪڏهن توهان جو ساٿ رھيو تہ ايندڙ وقت ۾ اڃان بھتر ڪم ڪري سگھجي ٿو.
ھن پيج کي پنھنجي دوستن سان شيئر ڪريو تہ جيئن ڪنھن اھل اميدوار کي روزگار جي موقعن بابت ڄاڻ ملي سگھي. توھان جي ھڪ شيئر سان جيڪڏهن ھڪ نوجوان جو ڀلو ٿي ويو تہ اسان سمجهنداسين ته اسين پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب وياسين.
#ٿرپارڪر