Awaz Andaz & Script

Awaz Andaz & Script Motivational quotes in sindhi hindi urdu and marwadi
sad quotes sad poetry sad status and much more
RJ Sarwan Hirani ڍاٽڪي ٻولي وارا پيج فالو ڪريو

16/10/2025

Fallow our page
ڪو به دوست پنهنجي نالي تي شاعري تحرير ڪهاڻي يا ٻيو مواد پنهنجي نالي سان ريڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو ته هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري

03358160762 واٽس ايپ

03413298528 رابطه نمبر

16/10/2025

Fallow our page
ڪو به دوست پنهنجي نالي تي شاعري تحرير ڪهاڻي يا ٻيو مواد پنهنجي نالي سان ريڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو ته هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري

03358160762 واٽس ايپ

03413298528 رابطه نمبر

16/10/2025

Fallow our page
ڪو به دوست پنهنجي نالي تي شاعري تحرير ڪهاڻي يا ٻيو مواد پنهنجي نالي سان ريڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو ته هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري

03358160762 واٽس ايپ

03413298528 رابطه نمبر

15/10/2025

Fallow our page
ڪو به دوست پنهنجي نالي تي شاعري تحرير ڪهاڻي يا ٻيو مواد پنهنجي نالي سان ريڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو ته هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري

03358160762 واٽس ايپ

03413298528 رابطه نمبر

درد جو درياهه – رزاق ھاليپوٽو جو اوچتو وڇوڙوڳوٺ رامسر جي خاموش هوا اڄ به ساڳي آهي، پر ان ۾ هڪ خاموشي، هڪ خالي پڻي جو احس...
15/10/2025

درد جو درياهه – رزاق ھاليپوٽو جو اوچتو وڇوڙو

ڳوٺ رامسر جي خاموش هوا اڄ به ساڳي آهي، پر ان ۾ هڪ خاموشي، هڪ خالي پڻي جو احساس موجود آهي — ڄڻ فضا پاڻ به روئي پئي هجي. رحمت الله ھاليپوٽو جي قلم مان نڪتل هر لفظ ۾ تڙپ ۽ تڪليف جو ساھ محسوس ٿئي ٿو، ڇو ته اها لکڻي ڪنهن اجنبي غم نه، پر پنهنجي رت جي رشتو رکندڙ، ماسات رزاق ھاليپوٽو جي اوچتي جداييءَ جو نوحو آهي.

ڪڏھن بـ نـ سوچيو هو ته زندگيءَ جا خوشيءَ سان ڀرپور ڏينهن، اچانڪ اهڙي ڏک ۾ بدلجي ويندا. رزاق، جيڪو سڀني جي دلين ۾ مرڪ جو سبب هو، جنهن جي اکين ۾ اميدن جا تارا ٽمٽمايا پيا هئا، جيڪو پنهنجي شاديءَ جي تيارين ۾ مصروف هو — ڊسمبر ۾ سندس گهر ۾ گيتن ۽ خوشين جو شور هئڻ گهرجي ها، پر افسوس، قسمت پنهنجي ليک جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.
ڊسمبر ۾ مھندي سان ھٿ رنگجڻا ھيا مگر ، 6 آڪٽوبر 2025 جي رات جو يارنھن وڳي مٽيءَ سان رنگجي ويا. هڪ روڊ حادثي جو منظر، جيڪو ڪنهن عام ماڻهو لاءِ خبر ٿي سگهي ٿو، پر رحمت الله ۽ سندس ڪٽنب لاءِ اها قيامت جي رات هئي.

اهو منظر، جڏهن جوان رزاق بيهوش حالت ۾ رستي وچ ۾ پيو هو، ڄڻ وقت بيهجي ويو. هر اک ۾ لڙڪ هر دل ۾ ٿرٿلو، ۽ هر زبان تي فقط هڪ جملو— “نه رزاق! تون ائين نه وڃ.”

زندگيءَ جون راهون ڪيتريون عجيب آهن — ڪڏهن محبتن جا گل وکيري ڇڏين ٿيون، ته ڪڏهن انهن گلن تي مٽيءَ جا پردا وجهي ڇڏين ٿيون. رزاق جي ياد اڄ به هر ڪنڊ ۾ زنده آهي، هر مائٽ جي دل ۾ سندس آواز گونجي ٿو، سندس نوراني چهرو اڃا تائين ذهن ۾ تري ٿو.

رحمت الله پنهنجي لکڻيءَ ۾ جيڪو درد اظهاريو آهي، اهو فقط لفظن جو مجموعو ناهي، پر دلين مان نڪتل سسڪين جو اظهار آهي. رزاق جي اوچتي وڃڻ سان نه صرف هڪ گهر، پر سڄو ڳوٺ رامسر اداس ٿي ويو. ماڻهو اڄ به ياد ڪن ٿا ته هو ڪيترو نيڪ، ملنسار ۽ سڀني سان محبت ڪندڙ نوجوان هو.

هو ته زندگيءَ جي نئين سفر لاءِ تيار ٿي رهيو هو، پر قسمت کيس هميشه لاءِ آرام جي سفر تي روانو ڪري ڇڏيو.

رحمت الله جا لفظ ڄڻ دل جي رت سان لکيل آهن:

“اسان ڪڏھن به نه وساري سگھنداسين اهو منظر، جڏهن تنھنجا هٿ ٿڌا ٿي ويا ۽ وقت بي وس ٿي ويو. تون اسان جي اکين کان پري آهين، پر دلين ۾ سدائين زنده رهندين، رزاق.”

زندگيءَ جو اهو سبق، جيڪو رزاق جي وڇوڙي سان مليو، اهو آهي ته موت جي ڪا عمر نه هوندي آهي، ۽ اسان سڀ مسافر آهيون — ڪنهن کي اڳي وڃڻو آهي، ڪنهن کي پوءِ، پر يادون هميشه رهنديون آهن.

زندگي ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وار ڪندي آهي، جيڪو ساهه ۾ ساهه نه ڇڏيندو آهي...
ڳوٺ رامسر اڄ به خاموش آهي، پر ان خاموشيءَ ۾ هزارين سسڪيون لڪل آهن.
اڄ رحمت الله ھاليپوٽو پنهنجي دل جي تڙپ لفظن ۾ اُتاري ٿو، ڇو ته اوچتو ئي اوچتو هن کان جدا ٿي ويو سندس پيارو ماسات رزاق ھاليپوٽو — هڪ اهڙو نوجوان، جنهن جي اکين ۾ خواب، دل ۾ اميد ۽ چهري تي مرڪ هئي.
6 آڪٽوبر 2025 جي رات، يارنھن وڳي، قسمت ايتري بي رحم ٿي ويندي.
ڊسمبر ۾ رزاق جي شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون،
گهر ۾ خوشين جي گونج هئي، مائٽن جا چهرا مرڪيل هئا،
پر اوچتو ئي اها سڀ رونق مٽيءَ جي خاموشيءَ ۾ تبديل ٿي وئي.

جن هٿن تي مھندي لڳڻي هئي، سي هٿ مٽيءَ سان رنگجي ويا.
جيڪي اکيون خوابن سان ڀريل هيون، سي هميشه لاءِ بند ٿي ويون.

رحمت الله جي دل جي هر ڌڙڪن، هر جملي ۾ اها ئي تڪليف گونجي ٿي:

“اي رزاق، تون ته اسان جي زندگيءَ جي مسڪراهٽ هئين،
تون ويو آهين، پر تنهنجي ياد اسان جي ساهن ۾ رهي ٿي.”

زندگيءَ جو هيءَ سبق ايترو سخت آهي، جو دل قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي.
موت کي نه عمر جي پرواه آهي، نه خوابن جي...
هو اچي ٿو، بنا اجازت، بنا اطلاع — ۽ سڀ ڪجهه ويران ڪري وڃي ٿو.

رزاق جو وڇوڙو فقط هڪ گهر جو غم ناهي،
سڄي رامسر ڳوٺ جي خاموشيءَ ۾ سندس نه هجڻ جو احساس آهي.
مايون اڄ به دعا ڪن ٿيون، مرد اڄ به ڳوڙها لڪائن ٿا،
ٻار اڄ به سندس نالو ٻڌي اداس ٿي وڃن ٿا.

“تون اسان کان پري آهين، پر دلين ۾ هميشه زنده رهندين،
تنهنجي مرڪ، تنهنجي لهجي، تنهنجي محبت —
اسان جي دلين ۾ صدين تائين گونجندي رهندي، رزاق.”

💔 “ڪجهه وڇوڙا انسان نٿو وساري سگھي، ۽ رزاق جهڙا ماڻھو ياد بڻجي دلين ۾ امر ٿي وڃن ٿا.”

15/10/2025

Fallow our page
ڪو به دوست پنهنجي نالي تي شاعري تحرير ڪهاڻي يا ٻيو مواد پنهنجي نالي سان ريڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو ته هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري

03358160762 واٽس ايپ

03413298528 رابطه نمبر

وڏيرو حسين  سمون – ڳوٺ ڪانڪهئيو جو نيڪ مرد، جنهن جي ياد اڄ به اسانجي دلين زنده آهيوڏيرو حسين سمون اهو نالو هو، جيڪو نه ص...
11/10/2025

وڏيرو حسين سمون – ڳوٺ ڪانڪهئيو جو نيڪ مرد، جنهن جي ياد اڄ به اسانجي دلين زنده آهي

وڏيرو حسين سمون اهو نالو هو، جيڪو نه صرف ڳوٺ ڪانڪهئيو پر سڄي کاھوڙ تر جي ماڻهن جي دلين ۾ احترام، محبت ۽ عقيدت سان جڙيل آهي۔
هو هڪ اهڙو شخص هو، جنهن وٽ صرف زمينون، جاگير يا حيثيت نه هئي، پر سڀ کان وڏي دولت انسانيت هئي۔

وڏيرو حسين سمون پنهنجي سادي طبيعت، انصاف پسند سوچ ۽ دل جي صفائي سبب ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو هو۔ جڏهن به ڳوٺ ۾ ڪو جهيڙو، ڪيس يا پريشاني پيدا ٿيندي، ته ماڻهن کي عدالتن يا ٿاڻن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوندي هئي — ڇو ته سڀ ڄاڻندا هئا ته "حسين سمون جي فيصلي ۾ انصاف آهي"۔
هن جو در هميشه کليل هوندو هو — امير، غريب، ننڍو، وڏو، سڀني لاءِ هڪجهڙو پيار ڏيندو ھو
ڪو غريب ماڻهو جيڪڏهن پوليس جي پريشاني ۾ ڦاٿل هجي، ته وڏيرو حسين پاڻ ميدان ۾ لهندو هو۔ هو پوليس سان ڳالهائيندو، خرچ پاڻ ڀريندو، ۽ غريب کي انصاف ڏياريندو۔
اها ئي ڳالهه هن کي ٻين وڏيرن کان الڳ ڪندي هئي — هو طاقت نه پر محبت سان حڪومت ڪندو هو۔

وڏيرو حسين سمون جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته هو هر ڪنهن جي سڏ تي حاضر هوندو هو۔
ڪنهن جي گهر شادي هجي ته هو سڀ کان اڳ پهچندو ھو ڪنھن جي گهر غم جو ڏک هجي ته سڀ کان پوء روانو ٿيندو ھو
هن جي موجودگي ڳوٺ ۾ برڪت محسوس ٿيندي هئي۔ مگر ھن جي وڃڻ کان پوء ھاڻ ڳوٺ ڪانڪئيو اداس آھي
هو نه رڳو ماڻهن سان، پر قدرت سان به محبت ڪندو هو۔
جڏهن هو ھن فاني دنيا مان ھليو ويو، ته رڳو انسان نه پر وڻ به روئي پيا ڄڻ ته فطرت به اداس ٿي وئي هجي۔
سچ پڇو ته سندس وڃڻ سان ڳوٺ جي رونق به ساڻس گڏ هلي وئي۔ وڏيرو حسين سمون
فيصلو ڪندو هو ته ٻئي ڌريون مطمئن ٿينديون هيون۔
نه رشوت، نه لالچ، نه ڪو تعصب — صرف سچ ۽ انصاف۔
هن جو اهو اصول هو ته "جيڪو حق تي آهي، اهو منهنجو آهي، پوءِ اهو غريب هجي يا امير۔"

انهن ئي اصولن سبب ڳوٺ ۾ امن، پيار ۽ ڀائچاري جو ماحول قائم رهيو۔
ڪڏهن به ڪنهن کي مجبور ٿيڻ نه ڏنو، ڪنهن کي ذليل ٿيڻ نه ڏنو۔
هن جو هڪ جملو اڄ به ماڻهن جي زباني زنده آهي —

“انصاف انسان جي عزت بچائي ٿو، ظلم رڳو وقتي طاقت ڏي ٿو۔

اڄ جڏهن وڏيرو حسين سمون اسان جي وچ ۾ ناهي، ته به سندس ياد، سندس خوشبو، سندس ڳالهين جي گونج اڄ به هر دل ۾ آهي۔
گهرن ۾ جڏهن ڪو فيصلي جي ڳالهه ٿئي ٿي، ته ماڻهو چون ٿا —
“جيڪڏهن حسين زنده هجي ها، ته هي ڪم ائين نه ٿئي ها۔”
اها ئي سچي زندگي آهي — جڏهن انسان وڃڻ بعد به دلين ۾ جيئرو رهي۔
وڏيرو حسين سمون جو نالو اڄ به عزت، ايمانداري ۽ محبت جي علامت آهي۔
هو ويو ضرور آهي، پر پنهنجي عملن سان امر ٿي ويو آهي
وڏيرو حسين جهڙا ماڻهو صدين ۾ هڪ ڀيرو پيدا ٿيندا آهن۔
اهي ماڻهو ڪنهن قوم، ڪنهن ڌرتيءَ جو فخر بڻجن ٿا۔
سندس زندگي اسان سڀني لاءِ سبق آهي —
جيئن انصاف سان جيئڻ، محبت سان پيش اچڻ، ۽ بغير لالچ جي ٻين جي مدد ڪرڻ۔

او منھنجا بابا...
اڄ وري شام ٿي آهي، سج لهڻ ٿو وڃي، وڻن جي ڇانو ڊگهي ٿي وئي آهي، ۽ هوا ۾ اوهان جي خوشبو اڃا تائين گهمي ٿي۔
ڪڏهن ڪڏهن لڳي ٿو ڄڻ در تي اوهان جو آواز ايندو پيو اچي...
پر پوءِ احساس ٿئي ٿو ته اها ته دل جي آوازن مان نڪتل اُميد آهي، حقيقت نه۔

بابا، اوهان جو وڃڻ رڳو هڪ ماڻهوءَ جو وڃڻ نه هو، پر هڪ زماني جو وڃڻ هو۔
اوهان جي وڃڻ سان گهر جو سڪون، دل جو اطمينان، ۽ ڳوٺ جو وقار به ساڻس گڏ ويو۔

🌾 اوهان رڳو بابا نه، پر دنيا جا سڀ کان وڏا سهارا هئيا

منهنجا بابا، مون توھان کان سکيو ته سچ ۾ طاقت آهي، ته انصاف سان وقار آهي، ۽ غريبن جو ساٿ ڏيڻ ئي سڀ کان وڏي عبادت آهي۔
اوهان جڏهن به ڳوٺ ۾ ھوندا ھئا ته هر ماڻهوءَ جي چهري تي خوشي جا رنگ ڇانئجي ويندا هئا۔
ڪو غريب توهان کي ڏسي چوندو هو تـ —

“هاڻي ته اسان جو مسئلو حل ٿي ويندو...”

اوهان جو در ڪڏهن بند نه ٿيو،
اوهان جو دل ڪڏهن سخت نه ٿي
اوهان جي نرم ڳالهين ۽ انصاف جي روشنيءَ ۾ ڳوٺ جو هر ماڻهو پاڻ کي محفوظ محسوس سمجھندو هو۔

🌿 اڄ جڏهن اوهان نه آهيو... سڀ ڪجهه ويران ٿي ويو آهي

بابا، اوهان جي وڇوڙي کان پوءِ گهر جي ديوارن ۾ خاموشي آهي،
اڱڻ ۾ اوهان جو کلڻ، ڳالهائڻ، دعائون ڏيڻ سڀ ڪجهه وسري ويو آهي۔

اوهان جي کٽ خالي آهي، پر اهو خال صرف ڪاٺ جو نـ آهي،
اها ته دلين جو خال آهي، جيڪا ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگھي

ڪڏهن ڪڏهن منھنجي اکين ۾ اوهان جي ڳالهه تي لڙڪ اچن ٿا
۽ مون کي لڳي ٿو ڄڻ سمورو گهر اوهان جي ياد ۾ روئي ٿو۔

🕊️ بابا، اوهان جي ياد سان ئي جيون گذاري رهيو آهيان

مون کي ياد آهي، اوهان چوندا هئا —

“فريد، ماڻهوءَ جو نالو سچائيءَ سان زنده رهي ٿو، نه دولت سان।”

اڄ جڏهن ماڻهو مون کي احترام سان ڏسندا آهن،
ته منهنجي دل چوندي آهي، “هي سڀ منهنجي بابا جو سايو آهي، جنهن جي دعائن سان اڄ به مان زنده آهيان।”

بابا، اوهان جي ياد هر ڏينهن وڌندي ٿي وڃي۔
ڪڏهن ڪنهن فقير کي ڏسان ٿو، ته اوهان جي سخا ياد اچي ٿي۔
ڪڏهن ڪنهن يتيم ٻار کي ڏسان ٿو، ته اوهان جو هٿ ياد اچي ٿو، جيڪو بنا دير جي مدد لاءِ وڌندو هو۔

🌺 اوهان جو نالو، اوهان جي ورثي جيان امر آهي

اوهان جي زندگي اسان لاءِ مثال آهي،
اوهان جو نالو عزت، نيڪي ۽ انصاف جو علمبردار بڻجي ويو آهي۔
اڄ به جڏهن ڳوٺ ۾ ڪو مسئلو ٿئي ٿو، ته ماڻهو چون ٿا —

“جيڪڏهن وڏيرو حسين زنده هجي ها، ته فيصلي ۾ انصاف ٿئي ها

اهي لفظ منهنجي لاءِ فخر آهن،
پر انهن لفظن ۾ اوهان جي ياد بـ آھي ۔

او منھنجا بابا،
وقت گذري رهيو آهي، پر اوهان جي ياد جو پاڇو نه ٿو هٽي۔
هر ساهه، هر دعا، هر رات ۾ اوهان جي ياد سان گڏ رهندو آهيان۔
مون کي يقين آهي، اوهان جو روح اڄ به اسان تي دعا جو سايو بڻيل ھوندو

اوهان اسان کان جدا ضرور ٿي ويا آهيو،
پر اوهان جي نيڪين، اوهان جي ڳالهين، ۽ اوهان جي ياد اسان جي دلين ۾ هميشه جي لاءِ زنده رهندي۔

🕯️
"بابا، اوهان نه رڳو منهنجا والد، پر منهنجو فخر، منهنجي دنيا ۽ منهنجي سڃاڻپ آهيو۔
اوهان جي ياد ۾ هر لڙڪ، هڪ دعا بڻجي نڪري ٿو..."

08/10/2025
چري دل جي چاھتدل! اهو عجيب عضوو آھي جيڪو نه صرف رت سان سڃاتو وڃي ٿو۽ نه صرف  ڌڙڪن سان، پر اُن احساس سان جيڪو اندر ۾ تڙپ ...
08/10/2025

چري دل جي چاھت

دل! اهو عجيب عضوو آھي جيڪو نه صرف رت سان سڃاتو وڃي ٿو۽ نه صرف ڌڙڪن سان، پر اُن احساس سان جيڪو اندر ۾ تڙپ پيدا ڪري ٿو. چري دل جي چاھت به اهڙي ئي ڪهاڻي آهي ــ بي سبب، بي منطق، ۽ بي قرار محبت جي ڪهاڻي، جتي عقل جو ڪو واسطو نه هوندو آهي.
ڪنهن وقت دل ڪنهن ماڻهو، ڪنهن آواز، ڪنهن مسڪراهٽ يا ڪنهن ياد سان اهڙي طرح جُڙي پوي ٿي، ڄڻ ته سڄي دنيا جو وجود اُن لمحي ۾ قيد ٿي وڃي ٿو ماڻهو پاڻ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هي رڳو وهم آهي، پر اندر جي ڪنهن ڪنڊ مان آواز ايندو آهي: "نه، هيءَ چاھت حقيقت آهي!"

چري دل جي چاھت ۾ هڪ عجيب سرشاري به هوندي آهي. ماڻهو بغير ڪنهن اميد جي، بغير ڪنهن مطلب جي، ڪنهن جي لاءِ دعائون ڪندو رهي ٿو. ڪنهن جو انتظار ڪري ٿو، ڪنهن جي تصوير سان ڳالهيون ڪري ٿو، ۽ ڪنهن جي نالي سان پنهنجا سپنا سينگاري ٿو. دنيا چوي ٿي ته اهو پاڳل ٿي ويو آهي، پر دل چوندي آهي ته هي ته محبت جي سچي راهه تي آهي.

اهڙي چاھت ڪڏهن تڪليف ڏيندڙ به ٿيندي آهي. جڏهن جيڪو چاهيو وڃي، اُهو پري هجي، يا ڪنهن ٻي دنيا ۾ وڃڻ وارو هجي، تڏهن دل جا درياهه اکين مان لڙڪ بڻجي نڪرندا آهن. پر عجيب ڳالهه اها آهي ته اهو درد به مٺو لڳي ٿو، ڇو ته اهو “چاهت” جو تحفو هوندو آهي.

چري دل جي چاھت ۾ ماڻهو هر شيءِ وساري ويهي ٿو ــ وقت، دنيا، عقل، ۽ خودي به. پر ان وسارڻ ۾ ئي شايد اصل محبت لڪل آهي، ڇو ته جڏهن انسان پاڻ کي وساري ٻين لاءِ جيئڻ سکي ٿو، تڏهن ئي محبت پنهنجي اصل صورت ۾ نظر اچي ٿي.
ڪنهن چڱو چيو آهي تـ
“دل چري آهي، پر سچ ڳالهائيندي آهي،
عقل سوچيندو آهي، پر هميشه دير ڪندو آهي.”

آخرڪار، چري دل جي چاھت زندگيءَ جو سڀ کان خوبصورت تضاد آهي ــ جتي تڪليف ۾ سڪون، پريشاني ۾ اميد، ۽ بيقراري ۾ قرار لڪل هوندو آهي.

07/10/2025
ھن بيحس نگري جا بيقياس ماڻھو ھي انسان جي روپ ۾ راڪاس ماڻھوڏڦيڙ جو مرڪز ھي ڏاڍا ھي ڏنگاھي پليت بدنيت اوباش۔ ۔ ۔   ماڻھواڳ...
07/10/2025

ھن بيحس نگري جا بيقياس ماڻھو
ھي انسان جي روپ ۾ راڪاس ماڻھو

ڏڦيڙ جو مرڪز ھي ڏاڍا ھي ڏنگا
ھي پليت بدنيت اوباش۔ ۔ ۔ ماڻھو

اڳ ۾ بـ اڳڀرا پري کان بـ پڌرا
برائي جو ناسور ھي بدماش ماڻھو

ھي رڪشڪ جي روپ ۾ ڀڪشڪ ماڻھو
ھي حوس جا پوڄاري بيحواس ماڻھو

07/10/2025

Fallow our page
ڪو به دوست پنهنجي نالي تي شاعري تحرير ڪهاڻي يا ٻيو مواد پنهنجي نالي سان ريڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو ته هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري

03358160762 واٽس ايپ

03413298528 رابطه نمبر

Address

Mithi
69230

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awaz Andaz & Script posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share