Press Club Mithiani Registered

  • Home
  • Press Club Mithiani Registered

Press Club Mithiani Registered Press Culb Mithiani Registered

پریس۔ کلب مٹھیانی رجسٹرڈ تقریب حلف برداری کہ بعد مھمانون کہ ساتھ  گروپ  تصویر
23/03/2026

پریس۔ کلب مٹھیانی رجسٹرڈ تقریب حلف برداری کہ بعد مھمانون کہ ساتھ گروپ تصویر

تقریب حلف برداری پریس کلب مٹھیانی رجسٹرڈ بتاریخ: 23-03-2026
22/03/2026

تقریب حلف برداری پریس کلب مٹھیانی رجسٹرڈ
بتاریخ: 23-03-2026

مٺياڻي ( رپورٽ : پریس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ )  ڪچي جي ڪوٽ مٺا ٿاڻي جي ايس ايڇ او رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو , چار سال مسلسل رھي مٺي...
03/03/2026

مٺياڻي ( رپورٽ : پریس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ ) ڪچي جي ڪوٽ مٺا ٿاڻي جي ايس ايڇ او رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو , چار سال مسلسل رھي مٺياڻي ٻيلي جون پنج چوڪڙيون مڪمل طور ڪٽرائي ڪروڙين روپيه ڪمائي ورتا , ھر نئون ايندڙ ايس ايس پي به ان جي ڪارڪردگيء مان راضي , ڪچي جي ماڻھن کان کير ,بصر , پٽاٽا ۽ ٻي ڀاڄي به کسڻ جو ماھر , متاثر ڳوٺاڻا ڪيترائي دفعا احتجاج پڻ ڪري چڪا , سڄاڻ ڌرين پاران مٺياڻي ٻيلي جي ڪروڙين روپيه ماليت جو ڪاٺ وڍجي وڃڻ جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو . خبر موجب مٺياڻيء جي ڪچي واري علائقي جي ٿاڻي ڪوٽ مٺا جي ايس ايڇ او ( محمد امين نظاماڻي ) چار سال مسلسل ھڪ ئي ٿاڻي تي رھي ھڪ طرف رڪارڊ قائم ڪيو آھي ٻئي طرف مٺياڻي ٻيلي مان ڪروڙين روپين جو ڪاٺ وڍرائي ٻيلي جي اٽڪل پنجن چوڪڙين کي پڌرو پٽ بڻائي ڇڏيو آھي , روزانه جي بنياد تي ٽيھارو کن ٽرئڪٽر ٽراليون ۽ سوين گاڏا ڪاٺ جا ڪچي کان مٺياڻي شھر , مورو , نوشھرو فيروز , ٺاروشاھ , ڪراچي ۽ حيدرآباد ڏانھن وڪري لاء موڪليا وڃن ٿا , جڏھن ته ايس ايڇ او ڪوٽ مٺا في ٽرئڪٽر ٽراليء تي پنجاھ ھزار روپيه ۽ في گاڏي تي پنجن کان پندرنھن ھزار روپيه وصول ڪري ٿو , ھوڏانھن ڪچي واري علائقي جي جي رھواسين اختر علي , ممتاز , عبدالمجيد , وارث ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڪوٽ مٺان ڪچي جي رھواسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي , ڪچي جي طرف کان ايندڙ ڳوٺاڻن کان کير , مکڻ توڙي ماکي کسيو ڇڏي جڏھن ته شھر کان ڪچي ڏانھن پنھنجن گھرن ڏانھن موٽندڙن کان پڻ بصر , پٽاٽا ۽ ٻيون ڀاڄيون کسي کين سڄو سڄو ڏينھن ٿاڻي تي ويھاري ڇڏي ٿو , ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل چئن سالن کان مذڪوره ايس ايڇ او ڪوٽ مٺا ٿاڻي تي مقرر ٿيل آھي , ھر نئون ايندڙ ايس ايس پي به سندس ڪمائيء واري طريقي مان متاثر ٿي کيس شاباسي ڏئي ساڳيء جاء تي کيس اڳي کان به وڌيڪ پڪو ڪري ڇڏي ٿو , متاثر ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته مٺياڻي ٻيلي جي اٽڪل پنجن چوڪڙين جنھن جي ايراضي پڻ اٽڪل ڇھ سئو ايڪڙ ٿيندي کي ٻيلي مان پڌرو پٽ بڻائيدڙ ڪوٽ مٺا پويس خلاف اڳ به ٽي ڀيرا شھر مٺياڻيء جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرا ڪري چڪا آھيون ليڪن پوليس کاتي جو کاٽو پٽ ھجڻ ڪري ھينئر تائين سندس بدلي ته ڇا پر ان جو وار به ونگو ناھي ٿي سگھيو , متاثر ڳوٺاڻن سميت مٺياڻي شھر جي سڄاڻ ڌرين چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي , آء جي سنڌ پوليس , ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشھرو فيروز کان مٺياڻي ٻيلي جي بربادي , وڻ وڍي ڪروڙپتي بڻجي ويلن سميت ڪوٽ مٺا ٿاڻي جي ايس اي او خلاف جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ ۽ ملوث جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي .

15/10/2025

سينيئر سياستدان، سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر ۽ پ پ اڳواڻ آغا سراج دراني لاڏاڻو ڪري ويو

مٺياڻي پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ پاران ڏک جو اظھار اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْنانتھائي نفيس ۽ کل مک انسان يو سي...
01/05/2025

مٺياڻي
پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ پاران ڏک جو اظھار

اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن
انتھائي نفيس ۽ کل مک انسان يو سي چيئرمين پياري عبدالرحيم پنھور جي حادثاتي وفات تي ڏک جو اظھار ڪجي ٿو سندس پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ سان ويجھڙائپ ء شفقت ھئي پريس ڪلب مٺياڻي پاران ٽي ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪجي ٿو ۽ پريس ڪلب تي ڪارو جھنڊو چاڙھيو ويو
عبدالرحيم پنھور جي لاڏاڻي تي سندس وڏي ڀاء نامياري شخصيت عبدالڪريم پنھور ۽ سندس عزيزن ۽ دوستن، ووٽرن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون. اللہ تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائيندو آمين

پاران: پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ

12/04/2025
04/03/2025

قانوني ڪارروائيءَ جو نوٽيس

مٺياڻي پريس ڪلب رجسٽرڊ ھڪ بھتر ساک رکندڙ صحافين جو ادارو آهي ۽ ڪجھ ماڻھو انجو نالو استعمال ڪري رھيا آھن. کين خبردار ڪجي ٿو تہ پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ جو نالو استعمال نہ ڪن نہ تہ سندن خلاف فراڊ، ڌوڪي بازي ۽ اداري کي بدنام ڪرڻ تي قانوني قدم کنيو ويندو.

پاران: صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ليگل ٽيم مٺياڻي پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ

20/02/2025

نوشہروفیروز: انسداد دہشتگردی عدالت نے مقدمہ قتل میں جی ڈی اے رہنما مرتضیٰ جتوئی کی ضمانت کا حکم جاری کردیا گیا
نوشہروفیروز: عدالت دو لاکھ روپیہ میں ضمانت منظور کی، مقدمہ کی سماعت وڈیو لنک پر ہوئی
نوشہروفیروز: مرتضیٰ جتوئی کو نارا جیل میں رکھا گیا، سندھ حکومت نے جیل میں ٹرائل کا نوٹیفکیشن جاری کر رکھا ہے
نوشہروفیروز: مورو کے قریب عام انتخابات کے دوران فائرنگ سے نوجوان بلاول زرداری زخمی ہوا، جو بعد میں دم توڑ گیا تھا
نوشہروفیروز: مرتضیٰ جتوئی اس وقت نارا جیل حیدرآباد میں قید ہے اور لاڑکانہ کی عدالت نے ایک اور مقدمہ میں انکا 7 دن کا ریمانڈ دے رکھا ہے۔

01/02/2025

انتباہ/ خبردار

پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ جو اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ڪجھ شرپسندن پاران پاڻ کي صحافي سڏائي صحافت کي بدنام ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي اھڙن لوفرن کي خبردار ڪيو ويو تہ جيڪڏھن صحافت کي بدنام ڪرڻ جون شرپسندن حرڪتون بند نہ ڪيون تہ انھن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. ان حوالي سان آئي جي پي سنڌ، ايس ايس پي نوشهروفيروز محترم سنگھار ملڪ کان مطالبو ڪيو ويو تہ صحافت جي آڙ ۾ لڪل ڏوھارين خلاف قدم کنيو وڃي. اھو پڻ فيصلو ڪيو ويو تہ انھن شرپسندن جي فھرست جلد ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او مٺياڻي حوالي ڪئي ويندي.

30/12/2024

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Press Club Mithiani Registered posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share