Mokhi Media

Mokhi Media Mokhi Media is First Sindhi Broadcasting & Media Production Company

26/05/2026

نوشھروفيروز (موکي نيوز)
ڊسٽرڪٽ جيل نوشهروفيروز مان 20 مئي ”مورو سانحي“ جا چار بيگناھ قيدي مشھود علي لغاري، منظور علي لغاري، سڪندر علي لغاري ۽ سائين بخش لغاري ضمانت تي آزاد ٿي ويا. جيل ٻاهران سندن وارثن، دوستن ۽ قومي ڪارڪنن پاران استقبال، هار پارائي مبارڪون پڻ ڏنيون ويون.

25/05/2026

ميرپور ماٿيلو ۾ شھيد نصر الله گڏاڻي جي 02 ورسي جي پروگرام جا منظر

ڪنڊيارو ۾ علي حسن زرداريءَ جي سرپرستيءَ ۾ ڪنڊيارو بلڊر مافيا پاران ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ جي زمين تي قبضي خلاف سنڌ سا...
24/05/2026

ڪنڊيارو ۾ علي حسن زرداريءَ جي سرپرستيءَ ۾ ڪنڊيارو بلڊر مافيا پاران ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ جي زمين تي قبضي خلاف سنڌ ساگر پارٽي، يوٿ ايڪشن ڪميٽي ۽ پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو.

24/05/2026

سوھانہ سنڌو ”ماروئڙا“ ڪلام ٻڌائيندي، سنڌو امان چانڊيو، رفعت سنڌي، ارزو سنڌي ۽ ٻيا گڏ

مورو (پريس پڌرائي) موکي نيوزجيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي نوشھرو فيروز طرفان ڳوٺ بجراڻي لغاري/موري جي شھيدن شھيد عرفان ...
24/05/2026

مورو (پريس پڌرائي) موکي نيوز
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي نوشھرو فيروز طرفان ڳوٺ بجراڻي لغاري/موري جي شھيدن شھيد عرفان لغاري ۽ شھيد زاھد لغاريءَ جي ورسيءَ جي مناسبت سان "شھداءِ سنڌو درياھ" جي عنوان سان ڳوٺ بجراڻي لغاريءَ ۾ سياسي جلسو منعقد ڪيو ويو.
پھرين نشست ۾ شھيدن جي وارثن سان گڏجي جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري پرويز چانڊيي، جوائنٽ سيڪريٽري صالح دراوڙ، پريس سيڪريٽري عاقل ڪلھوڙي، ضلعي دادوءَ ۽ نوشھروفيروز جي قيادت ۽ ڪارڪنن پاران عرفان لغاري، شھيد زاھد لغاري ۽ نياڻي فضيلا لغاريءَ جي آخري آرام گاھن تي حاضري ڀري، قومي پرچم چاڙھي، گلن ۽ قومي تراني سان ڀيٽا پيش ڪئي.
ٻي نشست ۾ جسقم مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا، جساف مرڪزي جنرل سيڪريٽري پرويز چانڊيي، پريس سيڪريٽري عاقل ڪلھوڙي، جيئي سنڌ پورھيت سنگت جي اڳواڻ ملوڪ کوسي، سعيد چانڊيي، ضلعي نوشھرو فيروز جي چيف آرگنائيزر دلي سنڌيار، ڊپٽي چيف مھتاب سنڌي، ايس يو پي ضلعي اڳواڻ ياسين سومري ۽ ٻين اڳواڻن جلسي کي خطاب ڪيو.
آخر ۾ محفل موسيقي پڻ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ نوجوان قومي فنڪار عامر سنڌيءَ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. جلسي ۾ جسقم، جساف جسقم، سنڌ سڀا، ايس يو پي ۽ آس پاس جي رھواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

نوشھروفيروز (پريس رليز) موکي نيوزجساف جسقم ضلعي نوشهروفيروز پاران ڳوٺ بجراڻي لغاري سان تعلق رکندڙ شھيد عرفان لغاري ۽ شھي...
21/05/2026

نوشھروفيروز (پريس رليز) موکي نيوز
جساف جسقم ضلعي نوشهروفيروز پاران ڳوٺ بجراڻي لغاري سان تعلق رکندڙ شھيد عرفان لغاري ۽ شھيد زاھد لغاري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ”شھداءِ سنڌوءَ درياھ“ جي عنوان سان 23 مئي 2026ع تي شام جو 7:30 وڳي ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ سياسي جلسو ڪيو ويندو. جنھن ۾ محترم ڊاڪٽر ذوالفقار زئور ۽ محترم سميح جانپير مقرر طور شرڪت ڪندا، جڏھن تہ قومي فنڪار عامر سنڌي شھيدن کي لفظن جي ڀيٽا ڏيندو.
جساف جسقم جي اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ غلامي جي ڏينهَن ۾ تاريخ انهن ماڻھن کي ياد رکندِي آهي، جن آزاديءَ جي راھ ۾ رت جو ريج ڏئي ڌرتيءَ سرسبز ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ھجي، روز ڪيترائي ماڻھو ھن دنيا ۾ ڄمن ۽ مرن ٿا، پر زندہ اُھي ئي رھندا آھن، جيڪي ڌرتي، انسانيت ۽ ھن ڪائنات کي کي ڪجھ نہ ڪجھ ڏئي ويندا آھن، ڳوٺ بجراڻي لغاري سان تعلق رکندڙ شھيد عرفان لغاري ۽ شھيد زاھد لغاري اھي مٽيءَ ھاڻا ماڻھو ھئا، جن گولين جي سامھون سينا ساھي شھادت تہ ماڻي پر رياست جي فرسودہ نظام کي قبول نہ ڪيو.

21/05/2026

مورو سانحي جي ياد ۾ سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان مورو ۾ احتجاجي جلسي کي سيد زين شاھ خطاب ڪندي.

21/05/2026

تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي طرفان ملڪ م مھنگائي، بيروزگاري، پيٽرول جي وڌندڙ اگھن ۽ بيگناھ قيد ڪيل سياسي سماجي اڳواڻن جي آزادي لاءِ 22 مئي 2026ع، جمع جي ڏينھن پوري ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آھي، ان ڪري ايس يو پي ڪارڪنن کي ھدايت ٿي ڪجي تہ جمع جي ڏينھن پوري سنڌ جي ھر ضلعي ۾ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڀرپور احتجاج ڪيو وڃي ـ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مرڪزي صدر سيد زين شاھ

20/05/2026

مورو ۾ زين شاھ جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان 20 مئي ”مورو سانحي“ جي شھيد عرفان لغاري ۽ شھيد زاھد لغاري جي پھرين ورسي جي موقعي تي احتجاجي جلسو جاري

مورو ۾ زين شاھ جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان 20 مئي ”مورو سانحي “جي شھيد عرفان لغاري ۽ شھيد زاھد لغاري جي پھرين ...
20/05/2026

مورو ۾ زين شاھ جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان 20 مئي ”مورو سانحي “جي شھيد عرفان لغاري ۽ شھيد زاھد لغاري جي پھرين ورسي جي موقعي تي احتجاجي جلسو جاري

20/05/2026

مورو ۾ 20 مئي ”مورو سانحي“ جي ياد م اڄ شام 05 وڳي سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران احتجاجي جلسي جون تياريون زور شور سان شروع آھن.

Address

Office Mokhi Media, Khera Bazar
Moro
67130

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mokhi Media posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Mokhi Media:

Share