Shama Tv Hd

Shama Tv Hd ھر شھر جي تازہ خبر.....

27/07/2026
مورومورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي، تيز هوائن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ شهرين سڪون جو ساهه کنيو. موسميا...
25/07/2026

مورو
مورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي، تيز هوائن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ شهرين سڪون جو ساهه کنيو. موسميات کاتي موجب 25 تاريخ تي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو، پر هن وقت تائين شهر ۾ برسات نه ٿي سگهي آهي. شهرين اميد ظاهر ڪئي آهي ته جلد برسات پوڻ سان موسم وڌيڪ خوشگوار ٿي ويندي.
رپورٽ: سرمد رضا مستوئي

سيما زرداري جو الزام: سليم زرداري کي ناجائز گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، انصاف جي گهر
25/07/2026

سيما زرداري جو الزام: سليم زرداري کي ناجائز گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، انصاف جي گهر

25/07/2026

مورو
مورو ڀرسان ڳوٺ مڪرياري زرداري جي رهواسين، زرداري برادري جي مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن ايس ايس پي نوشهروفيروز خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي حاجي غلام اڪبر زرداري، ڪامريڊ خادم حسين، قاضي حسين، رجب زرداري، ذاڪر حسين، ممتاز زرداري، نذير احمد، محمد زرداري ۽ سليم زرداري جي گهرواري سيما زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته پوليس بيگناهه ماڻهن کي حراست ۾ وٺي بعد ۾ پئسن جي گهر ڪري ٿي، ۽ رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا.
سيما زرداري دعويٰ ڪئي ته سندس مڙس سليم زرداري عورتن سان گڏ تعزيت لاءِ وڃي رهيو هو، جنهن دوران پوليس کيس حراست ۾ وٺي وئي. سندس چوڻ موجب بعد ۾ پئسن جي گهر ڪئي وئي ۽ رقم نه ڏيڻ تي ڀريا سٽي ٿاڻي تي چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.
مظاهرين صدر پاڪستان آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، حاجي علي حسن زرداري، عاشق حسين زرداري ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي سليم زرداري مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
رپورٽ: سرمد رضا مستوئي
03033427246

08/07/2026

📢 خوشخبري!

شمع ٽي وي مورو پنهنجي Test Transmission جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻي "مورو کان دنيا تائين" سچيون، تيز ۽ بااعتماد خبرون، مقامي مسئلا، سماجي سرگرميون، تعليمي، ثقافتي ۽ عوامي معاملن جي بهترين ڪوريج جلد توهان تائين پهچندي.
🙏 پنهنجي دعا، ساٿ ۽ قيمتي راءِ سان اسان جي همٿ افزائي ڪريو.
🎥 SHAMA TV MORO
TEST TRANSMISSION
Coming Soon...
"مورو کان دنيا تائين"

21/06/2026

يونين ڪائونسل مناھين ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

21/06/2026

Maa

21/06/2026

مورو (رپورٽ: سھيل رضا مستوئي)

تعلقي مورو جي يونين ڪائونسل مناھين جي رهواسين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ روڊ، ڊرينيج، بجلي، گيس، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ اسٽريٽ لائيٽن سميت بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي، جنهن سبب عوام کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

هنن الزام لڳايو ته ترقياتي فنڊن باوجود علائقي ۾ عوامي ڀلائي جا ڪم نظر نٿا اچن. مظاهرين مطالبو ڪيو ته يونين ڪائونسل مناھين جي مسئلن جو فوري نوٽيس وٺي بجلي، گيس، ڊرينيج ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

مظاهرين ايم اين اي ذوالفقار علي ڀڻ ۽ ايم پي اي ضياءُ الحسن لنجار کان مطالبو ڪيو ته علائقي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

Address

By Pass Moro
Moro
67130

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shama Tv Hd posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Shama Tv Hd:

Shortcuts

Share