Mokhi Magazine

موکي مئگزين ذريعي مختلف مضمون، ڳالھ ٻولھ، خبرنامہ، ڪھاڻيون، خاڪا، تبصرہ ۽ ٻيو گھڻو مواد آن لائين نيٽورڪ (ويب) ذريعي ماڻھن تائين پھچايو وڃي ٿو. اوھان جي راين، صلاحن ۽ مواد موڪل جو پڻ انتظار رھندو.

پروفيسر قاضي نذير احمد جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو تحقيقي جائزو ـ خالد 'ساحل' ڪيريوسوانحي خاڪو :ساھتي پرڳڻي جي تاريخي شهر مو...
18/05/2026

پروفيسر قاضي نذير احمد جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو تحقيقي جائزو ـ خالد 'ساحل' ڪيريو

سوانحي خاڪو :
ساھتي پرڳڻي جي تاريخي شهر موري جي مٽي ماضي بعيد کان تاريخ ساز شخصيتن کي جنم ڏيندي رھي آھي. انھن مان قاضي خاندان جو قاضي عبدالواحد مورائي، قاضي عبدالرؤف مورائي، قاضي محمد صديق مورائي، قاضي محمد صادق مورائي، ڪراچيءَ جو پھريون مسلمان ميئر قاضي خدا بخش مورائي، تاريخي اسلامي ناول جو بنياد رکڻدڙ قاضي عبدالخالق ”خليق“ مورائي، قاضي محمد قاسم، قاضي محمد دائود ۽ پروفيسر نذير احمد قاضيءَ جھڙين ناميارين شخصيتن وقت بہ وقت جنم ورتو. ھن پنهنجي قلم، فڪر، تدريس ۽ ادبي خدمتن ذريعي سنڌي ادب کي نوان رخ ڏنا. سندس ڪم رڳو ڪتابن تائين محدود نہ رهيو، پر شاگردن جي فڪري تربيت، ادارتي ترقي، ادبي تنظيم ڪاري، شاعري، افسانا نويسي ۽ مضمون نگاري جي ميدان ۾ بہ نمايان رهيو.
پروفيسر نذير احمد قاضي 9 فيبروري 1940ع تي موري شھر ۾ قاضي محمد قاسم جي گھر ۾ جنم ورتو. ھن بنيادي تعليم موري شھر مان، مئٽرڪ (1956ع) ڊي سي ھاءِ اسڪول نواب شاهہ، انٽر (1958ع) گورنمينٽ ڪاليج نواب شاھ، بي اي (1960ع) گورنمينٽ ڪاليج نواب شاھ ، ايم اي مسلم ھسٽري (1963ع) سنڌ يونيورسٽي، ايم اي پوليٽيڪل سائنس(1967ع) ۽ ايم اي انگريزي (1969ع) ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. سندن نوڪريءَ جي شروعات استاد جي حيثيت ۾ ڊي سي ھاءِ اسڪول نواب شاھ 1956ع ۾ ٿي. بعد ۾ 1961ع - 1962ع ۾ ھاءِ اسڪول ٺارو شاھ، 1962ع - 1963ع ۾ مورو ۾ رھيا. ڪاليج پاسي سندن پھرين نوڪري ٽنڊي محمد خان 1963ع ۾ ليڪچرار جي حيثيت ۾ ٿي. ان کان پوء ٺٽو، ھالا، نواب شاھ، مورو ۽ آخر ۾ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان 2000ع تي پرنسپال جي عھدي تان رٽائر ٿيا.
پروفيسر نذير احمد قاضيءَ جو بنيادي حوالو هڪ استاد طور آهي. هن مختلف تعليمي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس تدريسي انداز، علمي بصيرت، شاگردن سان انسيت، ۽ علم کي عام ڪرڻ جو جذبو متاثر ڪندڙ هو. شاگردن جي فڪر، ادب، ۽ تنقيد جي تربيت ۾ سندس ڪردار اهم رهيو. هن نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ذريعي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. ڪيترائي شاگرد سندس شاگرديءَ مان نڪري پاڻ بہ ناليوارا ليکڪ، استاد ۽ دانشور بڻيا. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو جائزو وٺندي چئي سگهجي ٿو تہ هو سنڌي ادب جي انهن علمبردارن مان هڪ هو، جن جون خدمتون نہ رڳو سندن دور تائين محدود آهن، پر ايندڙ نسلن لاءِ پڻ مشعلِ راه آهن. هن جي تدريس، تنظيم، تنقيد، شاعري، ۽ مضمون نويسي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
تنظيمن ۽ ادارن جوڙڻ ۾ ڪردار :
پروفيسر نذير احمد قاضيءَ 1956ع کان 1961ع وارو عرصو نواب شاھ ۾ گذاريو، جنھن دوران علمي، ادبي، ثقافتي سرگرمين ۾ خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ادبي گڏجاڻين ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ھن تعليم جي فروغ سان گڏ موري شھر ۾ علمي ۽ ادبي ادارن جوڙڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو.
ھن 1962ع ۾ بزم قاسم جي نالي سان ھڪ ادارو قائم ڪيو، جنھن پاران ڪيترائي ادبي ميڙاڪا ۽ مشاعرا ڪرايائين. ان کان پوءِ 1976ع ۾ موري ۾ باک پبليڪيشن جي نالي سان ھڪ خالص ادبي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيائين، جنھن جا ڪل ڇھ پرچا شايع ٿيا، جن ۾ سنڌ جي مختلف شاعرن ۽ اديبن جا مضمون، ڪھاڻيون ۽ شعر شامل ڪري سنڌي ادب جي فروغ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين.
ھن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري ۾ 1978ع کان 1984ع تائين جنرل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ نہ فقط سماجي ڪم ۽ مختلف سرگرميون سرانجام ڏنيون پر تنظيم کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پڻ مثالي ڪردار ادا ڪيو.
پاڻ سڃاھ ڪلچر فورم پاران پڻ علمي ۽ ادبي پروگرام ڪرايا جن ۾ نصير مرزا جي ڪتاب خوشبوءِ جي سنگ سنگ، جي مھورت (1981ع)، قاضي فيض محمد سان شام (1982ع)، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ڪتاب سنڌ جي سياسي جدوجھد جي مهورتي تقريب (1982ع) ۽ ٻيا پروگرام ڪرايا. ھن مھراڻ طبي ايسوسيئيشن جي ڪارڪن طور بہ ڪم ڪيو. ان کان علاوہ ايجوڪيشنل سوسائٽي مورو، مھراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي مورو، سنڌي ادب سنگت شاخ مورو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو ۽ طبي ايسوسيئيشن مورو جي بنياد وجھندڙن مان ھڪ آھي.
اشاعتي لحاظ کان پاڻ باک پبليڪيشن قائم ڪري راشد مورائي جي ساٿ سان اداري پاران پيڙا جي پروڙ، سڙي سارو ڏينهن، واٽون ۽ ويڇا، دربان، پويان پاڇا رات جا ۽ سج سڀاڻي جا ڪري جھڙا پرچا ڇپايا. ان کان علاوہ مھراڻ ڪاليج موري پاران خليق مخزن ۽ مھراڻ مخزن ايڊٽ ڪيا.
بحيثيت ڪھاڻيڪار :
سنڌي ادب ۾ جديد ڪهاڻيءَ جي واڌ ويجھ ۽ فڪري وسعت ۾ نذير احمد جو نالو خاص مقام رکي ٿو. پاڻ نہ رڳو جديد فڪر جو اھم حوالو آهي، پر سماج جي مختلف مسئلن جو پڻ انتهائي حساس ۽ تخليقي اظهار ڪندڙ ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ معاشرتي اونده، اندروني بيچيني، اخلاقي زوال، ۽ فرد جي ويڳاڻپ جو اهڙو نقش ملي ٿو جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي اندر ۾ لاهيندو ٿو وڃي. هو ڪهاڻيءَ وسيلي نہ رڳو سماج جي عڪس کي پيش ڪري ٿو پر ان جي خرابيءَ تي تنقيد بہ ڪري ٿو. ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ آيل ماٺار جي انت ۾ موري مان ھن بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ھن ڪجھ عرصو نواب شاهہ جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ بہ گذاريو. ان دور ۾ ھن نہ فقط شعري ادب لکيو، پر نثري ادب ۾ مضمون، مھاڳ ۽ افسانہ بہ لکيا جن جو انگ ڪو تمام گهڻو ڪونهي، پر سندس هر ڪهاڻي ھڪ بهترين ۽ شاهڪار ڪهاڻي آهي. ھن ڪهاڻين لکڻ جو آغاز 1957ع کان هڪ روسي ڪهاڻيءَ جي ترجمي سان ڪيو. سندس پهرئين ڪهاڻي ”پڪر“ آهي، جيڪا 1964ع ۾ شايع ٿي. ھي ڪھاڻي ھڪ غريب ۽ ذھين ڇوڪري جي ڪھاڻي آھي، جيڪا سماجي بي رحميءَ جو اظهار ڪري ٿي. ڪھاڻي ۾ درد جي شدت، طبقاتي نظام، غربت، اميري ۽ غريبيءَ جي فرق کان علاوہ ھي ھڪ حقيقت نگاري واري ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ خوبصورت ڪھاڻي پڻو ۽ لاجواب فنڪاراڻي ڪرافٽنگ آھي. ان دور ۾ سندس ڪھاڻي ” بُکي“ کي گهڻي مڃتا ملي. هيءَ ڪهاڻي هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي ڪردار تي مشتمل آهي، جيڪا محبت جي مچ ۾ پاڻ سان گڏ محبوب کي بہ جلائي ٿي. ڪهاڻي پنهنجي عنوان جي نباه کان وٺي ڪردارن، پلاٽ ٻوليءَ ۽ احساساتي اڇل تائين شاهڪار آهي. جيئن جيئن ڪهاڻي اڳتي وڌي ٿي، تہ پڙهندڙ تي اثر انگيز ڪيفيت جو غلبو طاري ٿيندو ٿو وڃي. ڪهاڻي ”واليون“ سندس هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جيڪا طبقاتي سماج ۾ موجود معاشي بدحالي، پير پرستيءَ ڏانهن طنزيہ اشارو ۽ غربت جي انتها جو هڪ ڳرو دستاويز آهي. ڪهاڻي پلاٽ، ٻولي، تاثر، احساس، درد، مقصد ۽ پڄاڻيءَ مطلب تہ هر لحاظ کان شاھڪار آهي. هو ھڪ ھنڌ چوي ٿو تہ: ”سندس شاديءَ کي ٽيهن کان وڌيڪ ورهيہ گذري ويا هئا. ليڪن کيس ڪو بہ اولاد نہ ٿيو. هن ڪافي علاج ڪرايا، سکائون باسيون، پير ۽ ولي ڀيٽيا، ليڪن کيس اولاد نہ ٿيڻو هو، سو نہ ٿيو.“
ڪهاڻي ”روحي“ پيار محبت ڪندڙ ٻن دلين جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو انجام جدائي ۽ بيرخي آهي. ڪهاڻي فني ۽ فڪري لحاظ کان پلاٽ، مڪالما، ڪردار نگاريءَ سان گڏ ٻوليءَ ۾ بہ سوادي ۽ عام فهم آهي. سندس ٻين ڪهاڻين ۾ ”آخر هي داغ ڪيئن ڌوئبا“، ”پيار جي زبان“، ”عزت پوش“، ”بڙ جي ڇانو“، ”ٻليدان“، ”خدابخش ۽ خدا“، ”تاساري“، ”ڊڀ نہ چرسون“، ”جهنگ ۽ ننگ آهي“، ”پوءِ ڍائو“، ”سرچاءُ“، ”مجرم مورتي“ ۽ ”رتني“ اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ڪھاڻيڪار منظرنگاريءَ جا بهترين نمونا، ڪردارنگاريءَ جا فطري رنگ، ڏک، پيڙا ۽ درد جا احساس پنهنجي مخصوص فن، فڪر ۽ اسلوب ذريعي عام سماجي ڪردارن سان انصاف ڪندي نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻين جا سمورا ڪردار پنهنجي زمين ۽ پنهنجي ماحول جا آهن. قاضي نذير احمد جي ڪهاڻين بابت ناميارو محقق پروفيسر شمشاد احمد سومرو لکي ٿو تہ: ”نذير قاضيءَ پنهنجي لکيل ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي امنگن، احساسن ۽ محرومين کي ڀرپور انداز سان پيش ڪيو آهي. سادي سٻاجهي ٻولي، نهايت ٿورا لفظ ۽ مقصد جي مڪمل پهچ سندس ڪهاڻين جي خوبي آهي.“
قاضي نذير احمد جي ٻين ڪهاڻين مان ”مجرم مورتي“ غربت ۽ بک جي موضوع تي هڪ ڇرڪائيندڙ غريب خاندان جي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جي جان ان جو مضبوط پلاٽ ۽ موضوع آهي. ڪردارنگاريءَ جي حوالي سان سندس هيءَ ھڪ اهم ڪهاڻي آهي. نذير قاضيءَ ڪيترن ئي سنگين واقعن کي ڪهاڻين ۾ ظاهر ڪيو آهي ۽ سماج جي نهايت پوئتي پيل سوچ ۽ گندي فعل ڏانهن آڱر پڻ کنئي آهي. ھن زندگيءَ جي تلخ حقيقتن تان پردو ھٽائي سماج جي اوڻائين، پراڻين رسمن ۽ جاگيرداري نظام خلاف احتجاج ڪيو آھي. سندس ڪردار ھن سماج جا سادا سودا انسان آھن. سٺ واري ڏهاڪي ۾ سندس شاعري ۽ ڪھاڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل نظر اچن ٿيون. سندس ڪجھ ڪھاڻيون علمي ادبي ۽ تحقيقي رسالي ' تخيل' ۾ وڏي عرصي جي ماٺار کان پوءِ مختلف شمارن ۾ لاڳيتو ڇپيون آھن. انھن مان ھڪ ڪھاڻي ”رتني“ جولاءِ - ڊسمبر 2021ع، واري شماري ۾ ڇپي. ھي ڪھاڻي ھڪ پورھيت ڪولھياڻي جي چؤگرد گھمي ٿي. ڪھاڻي ۾ شامون، رتني، ٺيڪيدار، راڌان، گومي ڪردار آھن. رتني پنھنجي مڙس شامون سان گڏ ٺيڪيدار وٽ ليبر ۾ ٽن چئن سالن کان ڪم ڪن ٿا. شامون نشو ڪري ٿو. رتني ڳالھائڻ ٻولهائڻ جي سيبتي ۽ محنتي آھي. ٺيڪيدار کي سندس ڳالهيون وڻن ٿيون. پر ٺيڪيدار جي اکين ۾ رتني لاءِ ڪوبہ مير نہ آھي. ڪجھ وقت کان پوءِ رتني راڌان کي بہ ڪم تي وٺي اچي ٿي. راڌي ڏاڊي تاک (طاق) عورت، ڇڙيو ڳالهائيندڙ، مردن وانگر وڏي واڪي نہ لڄ نہ لحاظ. ٻئي ڏينھن پنھنجي جوان جماڻ ڌيءَ گومي کي وٺي ڪم تي اچي ٿي. سندس ڌيءَ گومي ڇانو خاطر ڇاپري ۾ اچي ويھي ٿي. ٺيڪيدار سندس منھن مھانڊي کي غور سان جانچي ٿو. ۽ راڌان کي چوي ٿو تہ گومي نہ توسان ٿي ملي نہ تنھنجي مڙس ڌني سان. ڇا ماجرا آھي؟ ان تي راڌي ڀڙڪو کائي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چوي ٿي.
”مڙئي مهربانيون آھن، اوھان جھڙن جون سائين! چوريو اٿئي، تہ ٻڌ پنھنجن جا ڪرتوت! سورھن سترهن سال اڳ مان فلاڻن پٽن تي پورھيو ڪندي ھيس. اتي تر جي شاهوڪار جو پٽ اچي منھنجي پويان لڳو ۽ راڌيءَ کي اھڙيون پٽيون پڙهيائين جو اڄ ڏينهن تائين وتان پڪيون ڪندي. وڏا واعدا ڪيائين. پيار جو ڀرپور مظاهرو ڪيائين تہ مان سڄي وڃي سندس جھوليءَ ۾ پيس. مان اڳ اھڙي راڌان ڪانہ ھيس، جيڪا اڄ ڏسي رھيا آھيو. ان ڏينهن کان پوءِ منھنجو ڦرڪو ڦري ويو ۽ ھن جي ظالم بيوفائيءَ تي بر ٿي آھيان! پر ھو ڪير ھئو؟ سائين ڇڏ ان ڳالھ کي! ڪيترا واء وري ويا آهن! پر، ٻڌي ڇڏيو: ھيءَ تخم توھان جھڙن شريفن جو ئي آهي. گومي ٻن چئن مھينن ۾ وڃي ڪاروء جي ٿيندي. توھان کان تہ پنھنجو تخم بہ سنڀاليو نٿو ٿئي. ٻج ڇٽي ڇڏيو، پوءِ ڀيل ڪير ٿو ڪري! ان سان اوھان جو ڇا؟ صفا.... غيرت آھن اھي. راڌي ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ ھيانو جي ٻر کان الائي ڇا مان ڇا چوندي، گوميء کي ساڻ ڪري، ڇاپري مان ھلي وئي.“
سندس ھڪ ٻي ”امان ۽ منھنجا خواب“ اپريل - سيپٽمبر 2022ع جي شماري ۾ ڇپي. ھي ڪھاڻي ھڪ نوجوان جي خوابن ۽ انھن جي پورائي متعلق آھي. ھڪ ٻي ڪھاڻي ”ضمير جو غسل“ آڪٽوبر- ڊسمبر 2024ع ۾ ڇپي جيڪا روحانيت سان گڏ انسان جي اندر اجارڻ، من مان مير ڪڍڻ، ماڻهپي ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي. ڪھاڻيءَ جو ٽڪرو آهي تہ:
”ڪجھ وقت پڄاڻان، مون کان پڇيائون: ”ھي ھتي ڇو گڏ ٿيا آھن؟ ۽ ڇاپيا ڪن؟“ مون باادب ۽ عاجزيءَ سان چيو: قبلا ھي اوھان جي مزار مبارڪ کي غسل ڏيڻ لاءِ آيا آھن!!! پاڻ فرمايائون؛ وڃ! انھن کي وڃي چئو تہ پنھنجي پنھنجي ضمير کي وڃي غسل ڏين! ڏک دماغ کي ڌوئي صاف ڪن! ڪيڏي نہ غلاظت چڙھي وئي اٿن.“
ھڪ ٻي ڪھاڻي ”سکڻو سقراط“ جنوري - مارچ 2025ع ۾ ڇپي. نذير احمد قاضيءَ جو اسلوب علامتي، تهذيبي ۽ فڪري آهي. ھو سنڌي سماج جي ڏکين مسئلن کي نروار ڪرڻ وارو حساس ليکڪ آهي. سندس افسانن ۾ معاشري جي اونداهي پاسن، طبقن جي ويڇائن، ۽ انساني محرومين جو حقيقي اظهار ملي ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ غربت، اميري، ناانصافي، صوفي فڪر، عورت جي آزادي، بنياد پرستي، جبر، ۽ معاشرتي بي حسي خلاف بغاوت آھي. هو فرد کي شعور ڏياري ٿو تہ هو پاڻ کي سڃاڻي، ۽ پنهنجن حقن لاءِ آواز بلند ڪري. سندس ڪردار اڪثر هيٺين طبقي جا آهن، جيڪي گهڻو ڪري اندروني اڪيلائيءَ جو شڪار آهن. ڪجھ ڪهاڻين ۾ مذهب جي ٺهيل تصورن، ذات پات، ۽ جعلي اخلاقي قدرن کي رد ڪري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ انسانيت کي اوليت حاصل آهي. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ڇپائي ھيٺ آھي.
بحيثيت مضمون نويس :
پروفيسر قاضي نذير احمد مضمون نويسي ۾ ڪيترن ئي سياسي، سماجي مسئلن، بين الاقوامي تعلقاتن، علمي ادبي شخصيتن ۽ ٻين مختلف موضوعن تي معلوماتي مضمون بہ لکيا آھن، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آھن. پاڻ 1962,63ع ۾ روزانہ عبرت حيدرآباد جي ڪالم نگاريءَ واري مستقل عنوان ”نظري خوش گذري“ ھيٺ ن. ق پاھوڙو جي تخلص سان مزاح نگاري ڪيائين. سندس مزاح نگاري بامقصد آهي. سندس مزاحيہ طنز جو انداز بنھہ نرالو آھي، جنھن ۾ اصلاحي طنز جو ڀرپور تاثر ملي ٿو.
رسي مون سان ويو دلبر، خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؟
وتان رلندو پيو در در، خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؟
وڃان ٿو يار سان گڏجڻ چڙھي سائيڪل سڳوريءَ تي،
ٿيو جو واٽ تي پنچر، خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؟
رقيبن يار تي جادو بنگالي نج هلايو ۽،
شروع مون ڪيو سنڌي منتر، خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؟
نهاريندي حسينن ڏي ٽڙي پييون ٻئي واڇون،
لڳو جو اوچتو پادر، خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؟
اڌاري نيڪٽاء، رومال پائي پينٽ ”پاهوڙو “،
سڏائي پاڻ کي مسٽر، خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؟
نذير احمد قاضي مختلف موضوعن تي ڇپيل ڪتابن تي تبصرا، بئڪ ٽائيٽل، مهاڳ ۽ رايا پڻ لکيا آهن. ھن جي مضمونن ۾ انفرادي سوچ، فڪر، ڪلام ۽ گفتگوءَ جو منفرد انداز، ذاتي مشاهدي، تجربي ۽ مطالعي جو گهڻو دخل آهي. کيس انگريزي، اردو ۽ سنڌي زبانن کان علاوہ ٻين مختلف زبانن جي بہ سٺي ڄاڻ ھئي. ھو ھڪ سٺو ترجمي نگار بہ ھو. ھن پنھنجي علمي ۽ ادبي عروج واري زماني ۾ انگريزي توڙي اردو زبانن مان سنڌي زبان ۾ ڪھاڻيون، مضمون، نصابي ڪتاب نہ صرف ترجمو ڪيا پر مختلف ادارن جهڙوڪ آغا خان، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وغيره سان تعليمي معاملن، نصابي سرگرمين ۽ ٻين مختلف وقتن تي سھڪاري ڪردار بہ ادا ڪيو.
بحيثيت شاعر :
پروفيسر نذير احمد قاضي نثر سان گڏ شاعري ۾ بہ خوب نڀايو. ھن آمريت جي ڪاري دور جي ڏاڊ ۽ ڏھڪاء خلاف قلم کنيو. جنھن جو چٽو عڪس سندس شاعريءَ مان جابجا پسي سگھجي ٿو. ھن پنھنجي دور ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تحريڪن جھڙوڪ ون يونٽ تحريڪ، ووٽر لسٽن جي تحريڪ، شاگرد تحريڪ ، سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ، جمھوريت جي بحالي جي تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ ۽ مارشل لا جھڙين سنڌ جي ڏکين حالتن جي پيداوار آهي. نذير احمد قاضيءَ جي شاعري ان وقت جي مختلف رسالن، اخبارن ۽ مخزنن جي زينت بڻجندي رھي. بعد ۾ اھو سلسلو جاري رھي نہ سگھيو. سندس وفات کانپوءِ شاعريءَ جو ڪتاب ”هي سرمستي الستي آ“ سال 2024ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران سندس فرزند ڊاڪٽر احمر قاضي ڇپايو. ڪتاب جا پيش لفظ/ مهاڳ ڊاڪٽر سحر گل لکيو آهي. سندن سوانح حيات، خانداني پسمنظر، تعليمي ۽ تدريسي خدمتن، سماجي ۽ ادبي خدمتون قاضي منير احمد خوبصورت نموني سان لکيون آهن. جڏھن تہ بيڪ ٽائيٽل خالد حيات لکيو آهي. ھن ڪتاب ۾ غزل، نظم، گيت، ٽيڙو/ھائيڪو، چوسٽا، بيت، وائيون، حمد، نعت ۽ ٻيون شعري صنفون شامل آھن. قاضي نذير احمد جي مٿين شعري صنفن ۾ موضوعاتي گوناگونيت، سادگيءَ ۾ حسن، قومي، عوامي سجاڳي، سماجي بيداري جو فڪر، رومانوي ۽ جمالياتي رنگ، سنڌ سان والھانہ محبت، قومي ۽ انساني فڪر جي پرچار، مزاحمتي ۽ انقلابي تصورن جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو. ون يونٽ کان ايم آر ڊي جي دور تائين سياسي طور سنڌ جا اديب ۽ شاعر تمام گهڻا متحرڪ ھئا. قاضي نذير احمد بہ پنھنجي لکڻين ۽ شاعريءَ جي ذريعي سنڌي سماج جي ٻرندڙ مسئلن کي بيدار ڪندو رھيو. ھن ڪڏھن بک بدحالي جي مزمت ڪئي، ڪڏھن سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جي ڳالھ ڪئي، ڪڏھن ماڻھن جي ذھني جمود ۽ بي حسي جي شڪايت ڪئي. قاضي صاحب کي سماج کي جاڳائڻ جو جذبو ھو. ھو گھرو سوچيندڙ ۽ محسوس ڪندڙ شاعر ھو. کيس ٻوليءَ تي بھترين دسترس حاصل ھئي. ھن پنھنجي مشاھدن، تجربن، احساسن، خيالن ۽ پيڙائن کي بيان جي ساخت، اونھي سوچ سان اظھاريو آھي.
بند ٿئي کيل، سنڌ ستائڻ جو،
ڇا ارادو آ، حد پڄائڻ جو؟
دين جي ڳالھ ھڪ بھانو ھو،
اصل مقصد ھو سنڌ ڦٻائڻ جو!!
آمرن سلسلو رکيو جاري،
حق جي آواز کي دٻائڻ جو!
اھڙو منصوبو پڻ نظر ٿو اچي،
سنڌ کي اقليت بنائڻ جو.
دير ھاڻي نہ ڪو نذير ڪري،
وقت آيو آ، سنڌ بچائڻ جو.
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 114)
قاضي صاحب عام ماڻھن جي احساسن ۽ جذبن جي بھترين عڪاسي ڪئي آھي. ھن جا غزل ھڪ طرف نفيس جذبن ۽ دلي ڪيفيتن جو پرڪشش اظهار آھي. تہ ٻئي طرف انتھا پسندي، ظلم، جبر، آمريت ۽ ناانصافيءَ خلاف ڀرپور آواز آھي. ھن معاشي، سياسي ۽ سماجي مسئلن تي بہ لکيو آهي. ان ۾ سندس مشاھدي ۽ تجربي جو بہ عمل دخل آهي. سندس شعري زبان رومانوي ۽ شائستہ زبان آھي. سندس فڪر حرڪت پزير ۽ حقائق تي مبني آهي. ھن وٽ ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻھن جي مسئلن، ديس جي آزاديءَ جا ڏس آھن.
ٻئي ھنڌ ھن طرح آھي تہ
تون ظلم جي علامت، مظلوم جي مان عظمت!
تون کن ۾ ٿي فنا وئين، مون امرتا ماڻي آھي!!
ھڪڙو "نذير" ناھي، تاريخ ٿي ٻڌائي،
ظلم و ستم جي ٿيڻي، آخر پڄاڻي آھي!
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 116)
ڪن جڳن کان پيڙبا، جانڊاھ ۾ جيڪي اچن،
ايڏي شڪتي ڏي ڌڻي، تن جو سھارو ٿي پوان!
پورھيو پٿرن ڪٽڻ جو، سج سوا نيزي مٿان،
ڌرتتيءَ جو تن مٿان، ڪا ڇانوَ پاڇو ٿي پوان!
دودو، دريا خان، ھوشو، شاه عنايت يا رزاق،
واء! قسمت!! جي انھن مان، ڪونہ مان ڪو، ٿي پوان!
آھي ڪو؟ ورنائي جيڪو، سڏ سنڌ جي سور جا،
دل چوي ٿي، ڏانھن ان جو مان پڙاڏو ٿي پوان!
ماڪ، مکڙي، چنڊ تارا، سمنڊ لھرون سنڌ جون،
ڪاش! تنھنجي چاھتن جو، ڪو حوالو ٿي پوان!
واءُ خوشين جو وري، سانگي ٿين سرھا "نذير"،
ماڻي مڪتي منھنجي ڌرتي، ھو جمالو ٿي پوان!
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 118)
ست - رڇي طعام، ڪٿ ڳڀي ڳولھا،
آسمان! چؤ، زيادتيون ڪونھن!!
ماءُ جون، ڀيڻ جون، ننگن جون ھتي،
ڇو مؤثر حفاظتون ڪونھن؟
قبضو آهي سڀن وسيلن تي،
ڇا، ھي سنڌ سان عداوتون ڪونھن؟
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 121)
قاضي صاحب جي غزلن جو موضوعاتي دائرو وسيع آھي. جنھن ۾ سياسي، سماجي جبر خلاف آواز بلند ڪيل آهي. جاگيرداري نظام سبب معاشري ۾ بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جون عڪسبنديون ھن طرح آھن.
بکيو لوڪ گھري ٿو ماني،
موٽ ملي ٿي، بڙڇيون ڀالا!
انسانن ۾ فرق نہ ڪوئي،
جھڙا ٻانڀڻ تھڙا ٻالا!!
پيءُ پنھنجي بيمار ٻچي لئہ،
وڪڻي آيو زال جا والا!
پاڻ ھجون نہ ھجون، پر آخر،
ايندا نيٺ ضرور اجالا.
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 127)
قطرو قطرو لھوءَ جو ويڙھ ڪندو،
خون ھي رائيگان، متان سمجھين!
جھيڙو آمر جمھور وچ ۾ آ،
ڪو ٻيو درميان، متان سمجھين!
انقلابي جنون سگھ ٿو رکي،
نار ھيءَ ناتوان، متان سمجھين!
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 194)
قاضي نذير احمد جي ھن مجموعي ۾ فن ۽ فڪر جي گهرائي جھڙين خوبين سان گڏ ٻوليءَ جو سواد ۽ رس چس، لھجو، انداز بيان، پيشڪش ۽ اسلوب جي انفراديت جھڙيون خوبيون بہ آھن. فني لحاظ کان سندس شاعريءَ ۾ قافيي، رديف جي پختگي تشبهين، ترڪيبن، علامتن، محاورن، چوڻين ۽ مرڪب لفظن جو استعمال فنڪاراڻي نموني پيش ڪيل آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ معاشرتي منظر ڪشي ۽ فطري منظر ڪشي جا عڪس بہ مصورانہ نموني پينٽ ڪيل نظر اچن ٿا، جن کي پڙھڻ يا ٻڌڻ سان اھي تصور سامھون چٽا ٿي اچن ٿا.
نہ ھرگز ھوڏ ھستي آ، ھيءَ سرمستي الستي آ،
اسان تي ڪيم ڌر تھمت، عجب اسرار ۾ آھيون!
ڏئي فتوا ٿئين ڪارو، سڃاڻين ھا، اڙي! مفتي!!
اسان سرمد جي چھري جي، رتائين ڌار ۾ آھيون.
ڪڏھن گھاڻي ۾ پيڙياسين، ڪڏھن سوريءَ چڙھيا آھيون،
ڪڏھن منجھ ڪنڌ ڪپيل ۾، ڪڏھن تلوار ۾ آھيون.
ڪڏھن ظاھر، ڪڏھن باطن، ڪڏھن بلڪل عيان آھيون،
ڪڏھن منجھ پاڻ پوشيده، ڪڏھن نروار ۾ آھيون.
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 77)
قاضي نذير احمد جي شاعريءَ ۾ رومانوي ۽ جمالياتي عنصر بہ نمايان آھي.
چاھ چمندو رھي ھميشہ ٿو،
زلف رخسار کي ھوا ٿي ڪري.
دامن نور پنھنجو ڦھلائي،
چانڊوڪي چنڊ کي خفا ٿي ڪري.
جام، مينا، شراب شوق "نذير"،
پاڻ پياري پيو پارسا ٿي ڪري.
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 97)
قاضي نذير احمد جي ڪلام ۾ جتي سڄي سنڌ جي چپي چپي سان محبت جو اظھار آھي اتي ھو پنھنجي جنم ڀومي شھر موري ۽ نواب شاھ جھڙن محبوب شھرن کي بہ وساري نہ سگھيو آھي. نہ ئي پنھنجي همعصر ليکاري دوستن کي وساري سگھيو آھي. اھڙي اظھار جي جھلڪ سندس ھن شعرن مان ملي ٿي تہ:
سنڌڙي ساري ڏاڍي پياري،
موري جي پر ڳالھ نياري.
پير تہ اڳتي وڌندو رهندو،
توڙي طوفان آھي ڀاري.
لاھي ڇڏ سڀ من منجهارا،
ڄاڻ کٽي ھيءَ رات انڌاري.
روشن دنيا ڪارڻ پنھنجي،
دلڙي ”نذير“ مون آھي ٻاري.
يا
جڏھن اڀ تي رنگ انڊلٺ سجايا،
انھيءَ دم ئي مورو شھر ياد آيو.
نواب شاھ کي ساري، نذير يار توکي،
”قمر“، ”گل“، ”سانوڻ“، ۽ ”نظر“ ياد آيو.
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 80، 83)
روح سنڌيت جو شل رھي قائم،
سنڌيو! سنڌ سنوار ٻي ڪانھي.
تو مٽائي ڇڏيو مزاج اڳيون،
توتي مورا! ميار ٻي ڪانھي.
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 152)
دل جي ڦرھيءَ تان پراڻي ياد جيئن،
مان مٽايل شخص آھيان دوستو!
وئي وھي گذري مگر موري اندر،
اڻ سڃاتل شخص آھيان دوستو!
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 154)
چنڊ تارا، سج بہ ساڳيو، کنوڻ، انڊلٺ پڻ اھا،
ڪابہ شيءِ بدلي نہ آھي، موري وارن وانگيان.
قاضي نذير احمد جي شاعراڻي سگھ، فن ۽ فڪر دراصل سندس شاعري عام فھم لفظن، سلاست ۽ سادگيءَ ۾ آھي جو پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ کي موھي وجھي ٿي. سندس ڪلام ۾ سندس زندگيءَ جي تلخ تجربن جو بہ ذڪر آھي. اھڙي ڳالھ پاڻ ھنن سٽن ۾ خوبصورت نموني ھن طرح بيان ڪري ٿو.
سور سيني ۾ سڀئي سمائي ڇڏيم،
جيڪي خوشيون مليون سي ورھائي ڇڏيم!
يار قاضي زماني وڏا ڏک ڏنا،
ڪجھ لڪائي ڇڏيم، ڪجھ لنوائي ڇڏيم!
ساگرن کان کسي پاڻي آيس "نذير"،
پاڻ پياسو رھي ٿر وسائي ڇڏيم!
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 85)
يا
گھاو پنھنجن بہ گھٽ ڏنا ناھن،
ڌار، ڌارين بہ ڌڪ ڪئي آھي.
آگميو اڀ، تنوار تاڙي ڪئي،
اڄ ”نذير“ موري ڇڪ ڪئي آھي.
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 104)
عجب تنھنجو چھرو ٿو تاثر ڏئي،
ايامن جو مون کي ٿڪل ٿو لڳين!
ڪٿي حجر اسود ٿي چمجين پيو،
ڪٿي ڪنھن جي اک جو ڪجل ٿو لڳين!
نہ ساوڻ اٺو، ڪانہ پئي ماڪ آ،
سچي ڪر تہ ڇو گل؟ ڀنل ٿو لڳين!
چيو آرسيءَ مون کي ھڪ ڏينھن ھيئن،
”نذير“ يار ڪجھ ڪجھ ڏٺل ٿو لڳين!
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 87)
قاضي نذير احمد جي شاعريءَ جي مطالعي دوران جيڪا شيءِ وڌيڪ متاثر ڪندڙ آهي، اھا آھي اميد پرستي. سندس ڪلام ۾ ناڪاميءَ جي انڌيري کي مات ڏيندڙ صبح جي چٽي سوجھري جيان آھي. ھو سماج کي تبديليءَ جا گس ڏسي ٿو. غفلت کي ڇڏي بيداريءَ، سجاڳيءَ جي نصيحت ڪري ٿو. ھن سڀني جي دلين جي ڳالھ کي غزل جھڙي نفيس صنف ۾ نہ صرف بيان ڪيو آهي، پر ھر طبقي جي اصلاح بہ ڪئي آھي. ھن ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي تہ ستل سماج کي جاڳائي سگھجي. قاضي صاحب جي غزلن جي مختلف پھلوئن ۾ عشقيہ موضوع، سياسي، سماجي حالات، احساس جي شدت، ڪلاسيڪيت، علامتون، اشارا، طنز، امڪان ۽ سماجيات جا پھلو خاص اھيمت رکن ٿا. قاضي صاحب جي انساني محبت، نئين سماج ۽ نئين ماحول جي اڏاوت ۽ تبديليءَ جو جذبو جابجا نظر اچي ٿو.
ٿڃ پنھنجي امڙ جي ملھائي وڃو،
ٻولي، لوليءَ مٺيءَ جي بچائي وڃو.
پنھنجي غفلت ڪري، جيڪي ڪاھي ويا،
وھٽ سيئي سڀيئي ورائي وڃو.
سستي ڪانئرپڻي کي تياڳي ڇڏيو،
ھمتن، جرئتن کي ورھائي وڃو.
علم سان، عقل سان، ھوش سان اي نذير،
جان جڪڙيل کي جيئن تيئن ڇڏائي وڃو.
(ھيءَ سرمستي الستي آ ص 112)
قاضي صاحب پنھنجي جذبن ۽ خوبصورت احساسن جو اظھار عام ماڻھن جي ڏکن سورن جي ڳالھ کي شاعراڻي انداز سان بيان ڪري ٿو. ھو امن پسند، اصول پرست، سماج سڌارڪ شاعر ھو. ھو چاھيندو ھو تہ سماج ۾ امن قائم رھي. ماڻھو پاڻ ۾ محبت سان رھن. سٺا ڪم ڪن. برائي کان نفرت ڪن. غلط ريتن، رسمن، ڪوڙ، ڪٽرپڻي کان پاسو ڪن. ھو عام ماڻھن جي زندگين ۾ محبت، خوشحالي ڏسڻ جو خواهشمند ھو. ھو انسان جي مختلف ڪيفيتن ڏک، درد، غربت، مفلسي، لاچاري ۽ سماجي زندگيءَ جا عڪس ھن طرح چٽي ٿو.
واليون وڪڻي علاج پيءُ ڪيو،
تڏھن نياڻيءَ جو ڪن ٻٽو ھوندو.
آسمان لڙڪ خون جا ھاري،
ڪو وري ڪربلا ڪٺو ھوندو.
اڄ وري رات گھر نہ آيو ”نذير“،
پاڻ ئي پاڻ سان رٺو ھوندو.
يا
وري ڏاڍ جو ڏر، وري زور آمر،
وري دار ڪونڌر چڙھيا ڇا ڪجي!
وري ڦٿڪي ڦاھي، مئي بي گناھي،
نہ منصف ھئا بي ريا ڇا ڪجي!
”نذير“ يار پرخوف ماحول ڏاڍو،
لڪي لوڪ پائي ليا ڇا ڪجي!
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 89، 90)
ڪنڌن تي اڀيون ڪئين ڪھاڙيون رھن ٿيون،
تڏھن مانديون مانديون، مھاڙيون رھن ٿيون.
ھلو يار! تن کي اسان ڀي ڍڪايون،
غريبن جون آسون، اگھاڙيون رھن ٿيون!
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 97)
روئي روئي پاڙي جا سڀ ٻارڙا بکيا ستا،
قسمين قسمين طعام وارين دعوتن روئي ڏنو؟
قرض ۾ ڪاٽي بٽئي سڀ کڻي ڀوتار ويو،
سڪل منھن، ڏٻرين اکين، سکڻن ھٿن روئي ڏنو!
(ھيءَ سرمستي الستي آ، ص 134)
محبتي مھراڻ کي ڳولي لڌم،
سونھن ۽ سرھاڻ کي ڳولي لڌم،
دم اندر دلدار جو ديدار ٿيو،
يار ”قاضي“ پاڻ کي ڳولي لڌم.
(ھيءَ سرمستي الستي آ، 281)
قاضي صاحب جي ڪلام ۾ سرمد، مخدوم بلاول، منصور حلاج، شاھ عنايت شھيد، شاھ لطيف، سچل سرمست، دودي، دولھ دريا خان جھڙن املھ ڪردارن سان گڏ لوڪ داستانن جن ۾ مومل راڻو، سسئي پنهون، نوري ڄام تماچي، سھڻي ميھار، سورٺ راءِ ڏياچ وغيرہ کي وقت جي نزاڪت سان تمثيل، تشبيھ، علامت، استعارن طور استعمال ھيٺ آڻي سماجي تبديليءَ ۽ صوفي ناصحانہ فڪر ڏنو آھي. قاضي نذير احمد جي شاعريءَ تي ڪتاب جي 'پيش لفظ' ۾ سحر گل جي راءِ آھي تہ؛
”قاضي نذير احمد جي شاعريءَ ۾ اعلي انساني فڪر، صوفياڻن تصورن جا ڇال، اخلاقي قدر، نيستي ۽ خودفنائيت جا تصور، صوفياڻي سرمستي، جهانگين جي غربت، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌين جي وطنيت، جنھن ۾ عام انسان جي سدورائپ ۽ سٻاجهڙائي جھڙي داخلي سونھن جو ذڪر آھي. سنڌو درياءَ ۽ ان جي ڪنارن سان محبت جي ڪھاڻي بيان ڪيل آهي. سندس شاعري ان ڪري ئي منفرد آهي جو منجھس ھڪ ئي وقت عام ٽوڙي لازوال تصور بيان ٿيل آهن. اھا ھڪ ئي وقت عوامي ۽ فڪري آھي. پورھيت دوست آهي. حق جي راھ تي باطل خلاف ھڪ سدا آھي.“
قاضي نذير احمد سنڌ جي ماڻھن جي آزادي انصاف، ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل لاءِ جدوجھد ڪئي. ھو سنڌ خاص طور موري جو ھڪ اھڙو غيرمعمولي ترقي پسند اديب ۽ شاعر ھو جنھن پنھنجي شھر جي نوجوان نسل کي علم، ادب، فلسفي، ڏاھپ، سماجي ڪمن، ادارن جوڙڻ ۽ جديد تعليم جو انقلابي شعور ڏنو. سماجي تبديليءَ جو ولولو پيدا ڪيو. مجموعي طرح قاضي نذير احمد ھڪ ئي وقت مضمون نگاري، مزاح نگاري، مھاڳ نويسي ۽ شاعريءَ ۾ پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري سنڌي نثري توڙي شعري ادب جي زرخيزي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس علمي، ادبي ۽ ادارتي خدمتون ھميشہ زنده جاويد رھنديون. سندس خواب جي ھڪ ڏينھن ضرور ساڀيان ٿيڻي آهي.
ملڻو اٿئي ملي وڃ من! موڪلاڻي آهي،
سورن سندي سفر جي شايد پڄاڻي آهي.
ھڪڙو نذير ناھي تاريخ ٿي ٻڌائي،
ظلم و ستم جي ٿيڻي آخر پڄاڻي آهي.

موکي مئگزين 17 مئي 2026

ظلم جي خلاف مزاحمت فطري عمل آهي ـ اعجاز ممنائيتاريخ ۾ اهو هڪ دلچسپ واقعو آهي تہ جڏهن ڪو مزاحمت ڪندڙ فرد يا گروه موجودہ ح...
18/05/2026

ظلم جي خلاف مزاحمت فطري عمل آهي ـ اعجاز ممنائي

تاريخ ۾ اهو هڪ دلچسپ واقعو آهي تہ جڏهن ڪو مزاحمت ڪندڙ فرد يا گروه موجودہ حالت جي قوتن کي شڪست ڏئي ٿو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو، تہ ڪجهہ وقت کان پوءِ اهو پاڻ موجودہ حالت جي صورت اختيار ڪري ٿو. پوءِ ان جي خلاف مزاحمت شروع ٿئي ٿي. اهڙي طرح، انساني سماج ۾ انقلاب اچي ٿو.جيڪڏهن توهان هتي هيگل کي ياد ڪري رهيا آهيو، تہ اهو بي سبب ناهي. مان ڪجهہ ٻيو چوڻ چاهيان ٿو. مذهبي تاريخ ۾، حضرت عيسيٰ عہ روايتي مذهبي قيادت جي خلاف آواز بلند ڪيو. هي غير فعال مزاحمت نہ هئي. يهودين کيس پنهنجي خاطر صليب تي چاڙهيو، پر خدا جو فيصلو مختلف هو. بهرحال، حضرت عيسيٰ عہ ان جي قيمت ادا ڪئي. پوءِ هڪ وقت آيو جڏهن رومي شهنشاه پنهنجو مذهب اختيار ڪيو ۽ ان وقت جي رواج مطابق، سڄو روم سٿين بڻجي ويو. وقت سان گڏ، چرچ ظلم جي هڪ قوت طور اڀريو ۽ انسان جي ذهني آزادي محدود ٿي وئي. مذهب اسٽيٽس جي علامت بڻجي ويو. ان جي خلاف گليليو جهڙن ماڻهن جي مزاحمت تاريخ جو هڪ باب آهي. اهو وقت آيو جڏهن عيسائيت کان نجات لاءِ هڪ مشهور تحريڪ اڀري. سيڪيولرزم ان جو نتيجو آهي. اهو چوڻ غلط نہ ٿيندو تہ هڪ متبادل مذهب وجود ۾ آيو.
هاڻي اچو تہ جديد تاريخ جو مطالعو ڪريون تہ ڪميونزم هڪ وڏي مزاحمتي تحريڪ هئي. روس جو زار يا بلڪہ، مزدورن ۽ هارين يورپ جي صنعتڪارن ۽ زميندارن خلاف احتجاج جو جهنڊو کنيو. ڪميونزم مشهور نعرو بڻجي ويو. اسان کي اهو بہ ٻڌايو ويو تہ هاڻي زنجير ٽٽي ويندا. جيل سٺا نہ آهن. هاڻي خدا جا ماڻهو حڪومت ڪندا. ڪميونزم جو انقلاب آيو. ڪجهہ ڏينهن کان پوءِ، اهو احساس ٿيو تہ رياست ظلم جي هڪ نئين قوت طور اڀري آئي آهي. لينن ۽ اسٽالن کي اسٽيٽس جو مظهر قرار ڏنو ويو. لوهي پردو اڀرڻ لڳو. برلن جي ڀت ڪري پئي ۽ سوويت يونين جا حصا ٽٽي پيا. وچ ايشيا جي رياستن سڪون جو ساه کنيو تہ اهي بدترين ظلم کان آزاد ٿي ويا. پوءِ ايران ۾، اسان ڏٺو تہ پهلوي بادشاهت جي خلاف هڪ تاريخي مزاحمت ٿي ۽ بظاهر هڪ مذهبي طبقي جي حڪومت قائم ٿي جنهن دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو. اڄ، ايران نئين طاقت ۽ انسانيت جو علمبردار ٿي اڀريو آهي جڏهن تہ انسانيت جي ويري دنيا تي ٻيهر پريشاني جون لهرون اڀري رهيون آهن. اسان انساني تاريخ مان ڪيترائي وڌيڪ مثال وٺي سگهون ٿا تہ ڪيئن، اسٽيٽس مزاحمت جي نالي تي اڀرندڙ قوتون وقت سان گڏ موجودہ حالت جي علامت بڻجي ويون ۽ پوءِ ماڻهن کي انهن جي خلاف آواز بلند ڪرڻو پيو. اهو معلوم ٿيو تہ طاقت انسان کي گمراھ ڪري ٿي. چاهي اهو مذهب جي خالص تصور جي نالي تي حاصل هجي يا ڪميونزم جهڙي مشهور نظريي سان وابستگي هجي، طاقت ظلم کي جنم ڏئي ٿي. اسلام جي خلافت جي نظام مان، ماڻهن خانداني بادشاهت بحال ڪئي. ماڻهن کي خدا جي حڪمراني جو وهم ڏئي، بدترين آمريتون لاڳو ڪيون ويون. هڪ گروه زمين تي خدا جو نمائندو بڻجي، خدا يا ماڻهو هجڻ جو دعويٰ ڪرڻ لڳي ٿو.خدا کي اهڙن ماڻهن جي خبر هئي، پر ماڻهن نہ ڄاتو. حڪومت جي آداب تي ڪتابن ۾ ڪجهہ ماڻهن لاءِ، سياست هن عمل جي سمجھ جو نالو آهي، اهو چيو ويو هو تہ طاقت جي سياست جو اخلاقيات سان ڪو بہ تعلق ناهي. جن ۾ جرئت آهي اهي ان جو کليل اظهار ڪن ٿا. جڏهن تہ ٻيا منافقت سان ڪم ڪن ٿا. جڏهن پاسبان جماعت اسلامي کان الڳ ٿيو، تہ سوال پيدا ٿيو تہ هڪ تنظيم ٺهي وئي آهي، هاڻي ان سان ڇا ڪيو وڃي؟ اسان ڄاڻون ٿا تہ قاضي حسين احمد جي اڳواڻي ۾ قائم ڪيل تنظيم پاڪستان اسلامڪ فرنٽ جو پهريون دستو پاسبان هو. اهي اُهي هئا جيڪي هر هنڌ ظلم خلاف آواز بلند ڪري رهيا هئا. ان دور جو مشهور نعرو هو.”اي ظالمو! جج اچي رهيو آهي“ ائين پاسبان نوجوان ظلم خلاف مزاحمت جي علامت بڻجي ويا. راولپنڊي جي مشهور آسيہ ايوب ڪيس پاسبان کي قومي شهرت تي پهچايو. جڏهن فرنٽ لائن کي ٽوڙيو ويو ۽ جماعت اسلامي پاسبان جو بار کڻڻ کان انڪار ڪيو، تہ اهي نوجوان پنهنجي مستقبل بابت پريشان ٿيڻ لڳا. ملڪ جو هڪ مشهور ڪالم نگار ۽ هڪ دانشور جيڪو هن نظام کي تيزاب سان غسل ڏيڻ چاهيندو هو، پاسبان جو دانشور اڳواڻ هو. ان بہ هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاسبان لاءِ مستقبل جو طريقو تجويز ڪيو. سندس هڪ تجويز اها هئي تہ پاسبان کي هڪ باقاعدہ سياسي پارٽي بڻايو وڃي. هن چيو تہ، ”ان خيال کان نجات حاصل ڪريو تہ توهان ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ اٿيا آهيو. توهان اصل ۾ نوان ظالم پيدا ڪرڻ لاءِ اٿيا آهيو.“ صرف انهن ۾ ئي اها جرئت آهي تہ اهي سياست جي هن بي رحم ۽ ننگي حقيقت کي ظاهر ڪن. اهو تاريخي عمل جو نچوڙ آهي تہ ظلم جي خلاف مزاحمت پاڻ ظلم جي طاقت آهي. هاڻي سوال اهو آهي تہ، ڇا تاريخ ۾ هن کان ڪا استثنا آهي؟ منهنجي خيال ۾ ان جا ٻہ قسم جا استثنا آهن. هڪ اهو تہ ماڻهن ۽ قيادت جو اخلاقي معيار تمام گهڻو بلند هجڻ گهرجي. ايترو بلند جو جيتوڻيڪ اهي زميني آهن، اهي زمين سان ڳنڍيل نہ آهن. جيتوڻيڪ اهي انسان آهن، انهن کي انساني خواهشن کان آزاد هجڻ گهرجي. اقتدار ۾ بہ، انهن جو اخلاقي شعور اهڙو تربيت يافتہ هجڻ گهرجي جو زمين موجودہ کان آواز ڏئي: دل وارن جي حڪمراني غربت آهي، بادشاهت نہ. تاريخ ان خيال کي مشهور ڪيو آهي، جيتوڻيڪ اهو ڪجهہ سالن لاءِ هو. الله جي آخري رسول، حضرت محمد ﷺ، ان کي شروع ڪيو. ٻيو قسم اهو آهي تہ سماجي ادارا اخلاقي طور تي ايترا مضبوط ٿي وڃن جو جيڪڏهن ڪو فرد اجتماعي اخلاقي قدرن جي خلاف بغاوت ڪرڻ چاهي تہ ان لاءِ اهو آسان نہ هوندو. اهو ٻن سببن جي ڪري ممڪن آهي. هڪ اهو تہ سماجي قدر مضبوط آهن. ٻيو اهو تہ انعام ۽ سزا جو نظام مضبوط آهي. اسان ان کي قانون جي حڪمراني سڏيون ٿا. يورپ ۽ آمريڪا ملڪي سطح تي وڏي حد تائين اهو ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. ڪو بہ اهو دعويٰ نٿو ڪري سگهي تہ اتي سڀ ڪجهہ سٺو آهي، پر اڄ، ماضي جي مقابلي ۾، انسان گهڻو محفوظ آهي. اهو ڪيئن ممڪن ٿيو؟ يقينن اهو ارتقا ۽ اخلاقي تربيت جو معاملو آهي ڇوتہ اهو هڪ قرض آهي۔ دانشورن ماڻهن جي سوچ کي تبديل ڪرڻ ۾ سال گذاريا. ماڻهن جي شعوري تربيت لاءِ ادارا ٺاهيا ويا. ٻن سؤ سالن کان پوءِ، انسان لاءِ محفوظ ٿيڻ ممڪن ٿيو. بهرحال، الميو اهو رهيو تہ انهن پنهنجي سماج کي محفوظ بڻايو پر انهن دائري کان ٻاهر هر ناانصافي جي بازار کي گرم ڪري ڇڏيو. هي اخلاقيات جي ان تصور جو نتيجو آهي جيڪو خدا تي ايمان جي بدران خود غرضي مان پيدا ٿئي ٿو.
مطلب تہ هر مزاحمت ضروري طور تي سٺي ناهي. ٻيو، نيڪي تي ٻڌل مزاحمت اها ٿي سگهي ٿي جيڪا هڪ شخص کي ارتقائي مرحلن مان گذرڻ سان اخلاقي طور تي باشعور بڻائي ٿي. هڪ شخص جو اخلاقي شعور جيترو پختو هوندو، اوترو ئي نيڪ خواهشن جي مزاحمت وڌيڪ هوندي. جيڪڏهن عارضي اشتعال انگيزين کي نظرياتي طور تي مزاحمت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، تہ پوءِ مزاحمت جي طاقت پاڻ ئي موجودہ حالت جي طاقت ۾ تبديل ٿي ويندي. جيڪڏهن اسان کي ظلم جي مزاحمت ڪرڻي آهي، تہ اسان کي ان لاءِ نوان طريقا ڳولڻا پوندا. انقلابين مزاحمت جي نعري کي جنهن طريقي سان استعمال ڪيو ان جي خلاف مزاحمت اڄ تمام ضروري آهي.

موکي مئگزين 17 مئي 2026

مصنوعي ذهانت، اصل دشمني: ڊجيٽل دور ۾ دفتري ”گيس لائٽنگ“ جو عروج ـ ناديه ٿلهوتعليم توهان کي ڪم ڪرڻ جي مهارت تہ ڏئي ٿي، پر...
18/05/2026

مصنوعي ذهانت، اصل دشمني: ڊجيٽل دور ۾ دفتري ”گيس لائٽنگ“ جو عروج ـ ناديه ٿلهو

تعليم توهان کي ڪم ڪرڻ جي مهارت تہ ڏئي ٿي، پر اها توهان کي ان ’اڻ ڏٺي ديوار‘ لاءِ تيار نٿي ڪري، جيڪا لفظن جي جادوگريءَ ۽ ڊجيٽل فريب سان اڏيل آهي. اسان جي اڄوڪي دور جي ڪم وارن هنڌن تي، توهان جي ايمانداري اصل ۾ توهان جي ئي خلاف استعمال ڪئي پئي وڃي. اڄڪلهہ، سچائي ۽ سڌي ڳالهہ ڪرڻ کي اڪثر ’ٻارڻي ٻولائي‘ چئي مذاق بڻايو وڃي ٿو، جڏهن تہ خاموشي کي ايماندار ماڻهن کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. هي اسان جي ڊجيٽل ارتقا جو اونداهو پاسو آهي: هڪ اهڙي دنيا جتي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيريئر ٺاهڻ بدران انهن کي تباه ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪيو پيو وڃي. اڄ جو دور ٽيڪنالاجي جو دور آهي، جتي مصنوعي ذهانت (AI) ۽ ڊجيٽل اوزارن ڪم کي ظاهري طور تي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، پر ان ئي ٽيڪنالاجي جي آڙ ۾ هڪ نئين قسم جي دشمني جنم وٺي رهي آهي جنهن کي اسين ”ڊجيٽل گيس لائٽنگ (Digital Gaslighting)“ چئي سگهون ٿا. گيس لائٽنگ دراصل نفسياتي تشدد جي اها قسم آهي جنهن ۾ ڪنهن شخص کي ان حد تائين ذهني اذيت ڏني ويندي آهي جو هو پنهنجي ئي عقل، ياداشت ۽ سچائي تي شڪ ڪرڻ لڳي.
پهرين دور ۾ سازشون آمهون سامهون ٿينديون هيون، پر هاڻي اهي ڪمپيوٽر اسڪرينز ۽ واٽس اپ گروپن ذريعي ڪيون وڃن ٿيون. ماڻهو ChatGPT يا DeepSeek جهڙن اوزارن سان ٺهيل رپورٽون تيار ڪري ۽ ”مصنوعي اعتماد“ اوڙهي پاڻ کي بهتر ثابت ڪن ٿا، جڏهن تہ اهي مخلص ملازم جيڪي پنهنجي محنت ۽ ديانت تي يقين رکن ٿا، انهن کي ”ٽيڪنالاجي کان اڻواقف“ يا ”نااهل“ ثابت ڪري ڪنڊائتو ڪيو وڃي ٿو. سرڪاري آفيسن ۾ جڏهن ”من پسندي“ ۽ خوشامد جو ڪلچر پروان چڙهي ٿو، تہ اتي سڀ کان پهريون قتل ميرٽ جو ٿئي ٿو. ان زهريلي نظام ۾ مخلص ۽ اهل آفيسرن کي ڄاڻي واڻي سائيڊ لائن ڪيو ويندي آهي. ڪيترا ئي سال انهن کان ڪم کسي کين بيڪار ويهارڻ ۽ پوءِ اوچتو ڪنهن منجهيل ڪم جو بار وجهي سندن ڪردار ڪشي ڪرڻ دراصل هڪ سوچيل سمجهيل دفتري غنڊاگردي (Office Bullying) آهي. هي هٿڪنڊا صرف ان لاءِ استعمال ڪيا وينديون آهن تہ جيئن هڪ ديانتدار ملازم جي خوداعتمادي کي ٽوڙي کيس ذهني طور تي معذور بڻايو وڃي. جڏهن هڪ قابل شخص کي مسلسل نيچو ڏيکاريو وڃي ۽ خوشامدي ٽولو ملي کيس ”نااهل“ ثابت ڪرڻ جي مهم هلائي، تہ ان جي ڪارڪردگي ۽ ذهني صحت ٻئي تباه ٿي وينديون آهن.
انگ اکر هن مسئلي جي سنگيني جي شاهدي ڏين ٿا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) مطابق، سڄي دنيا ۾ تقريبن 22 سيڪڙو ملازمن ڪم جي جاءِ تي تشدد يا هراسانگي جو سامنا ڪيو آهي. پاڪستان ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي جتي 70 کان 90 سيڪڙو عورتون ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿيون. ان عذاب کان مرد بہ محفوظ ناهن؛ تقريبن 30 کان 40 سيڪڙو مرد بہ دفتري سياست ۽ 'گيس لائٽنگ' جو شڪار ٿين ٿا، پر سماجي انا سبب اهي ڪڏهن آواز ناهن اٿاريندا. سڀ کان لرزائيندڙ ڳالهہ اها آهي تہ هي هراسانگي صرف ذهني بيماري ناهي پر موت جو سبب بہ بڻجي ٿي. بين الاقوامي تحقيقات مطابق، دفتري غنڊاگردي جو شڪار ٿيندڙ تقريبن 30 سيڪڙو ماڻهو خودڪشي بابت سوچين ٿا. جڏهن انسان کي ان جي پنهنجي نظرن ۾ ڪيرايو وڃي ۽ ان جي رزق جا رستا بند ڪيا وڃن، تہ هو اڪثر موت کي زندگي تي ترجيح ڏئي ٿو.
اڄڪلهہ آفيسن ۾ هڪ نئون رجحان هلي پيو آهي: ”خوشامد ذريعي برتري“ ڪجهہ ماڻهو پنهنجي پيشي ورانہ ڪمزورين کي لڪائڻ لاءِ مئنيجرن کان وٺي پرڏيهي وفدن تائين کي پنهنجن گهرن تي گهرائي شاهي دعوتون ڏين ٿا. ان کي ”مهمان نوازي“ جو نالو ڏنو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ هي اعليٰ اختيارين جا ڪن ڀرڻ ۽ مراعتون حاصل ڪرڻ جو هڪ سياسي حربو آهي. ٻاهر کان ايندڙ وفد بہ اڪثر انهن چرب زبان ماڻهن جي ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو تہ هڪ حقيقي محنتي ملازم کي ”نااهل“ ۽ انهن خوشامدين کي ”هارڊ ورڪر“ قرار ڏنو وڃي ٿو. خاص طور تي سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾، مخصوص گروه 'مٿي' جي سرپرستي ۾ ميرٽ جو قتل ڪن ٿا، جنهن ۾ ڪردار ڪشي، پيشي ورانہ رڪاوٽ ۽ ٽيڪنالاجي جو استحصال عام حربا آهن. جڏهن ڪو مظلوم ملازم اعليٰ عهديدارن وٽ دانهن کڻي وڃي ٿو، تہ کيس انصاف ملڻ بدران وڌيڪ ذليل ڪيو وڃي ٿو.
هي تحرير انهن خاموش پيشيور ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي هر روز پنهنجي آفيسن ۾ صرف ان ڪري ويندا آهن تہ جيئن سندن عزتِ نفس کي لتاڙيو وڃي. ياد رکو تہ مسئلو توهان ناهيو، ۽ توهان يقينن اڪيلا بہ ناهيو. اسان هڪ اهڙي موڙ تي بيٺا آهيون جتي چونڊ اها ناهي تہ اسان ٽيڪنالاجي استعمال ڪريون يا نہ، پر چونڊ اها آهي تہ ڇا اسان ان ٽيڪنالاجي کي پنهنجي انسانيت کي دفن ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين؟ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) تيز بہ آهي ۽ طاقتور بہ، پر ان ۾ روح ناهي؛ هي ان همت، ايمانداري ۽ ڪردار جي پختگي جو مٽ نٿي ٿي سگهي جيڪا توهان جي اصل سڃاڻپ آهي. ڊجيٽل گيس لائيٽنگ اونداهيءَ ۾ پلجي ٿي، پر اها سچ جي روشنيءَ آڏو جٽاءُ نٿي ڪري سگهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ اسان سهولت جي بدران ڪردار کي چونڊيون ۽ پنهنجي ورڪ فورس جي انساني جذبن جي حفاظت ڪريون.

موکي مئگزين 17 مئي 2026

Address

Office Mokhi Magazine, Near Press Market Khera Bazar Moro
Moro
67130

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mokhi Magazine posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Mokhi Magazine:

Share

Category