Morai Ayaz Solangi

Morai Ayaz Solangi مورو جي عوام جو آواز

سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سان مورو جي معزز شخصيت پ پ اڳواڻ رئيس طارق علي زرداري سنڌ اسيمبلي ۾ ملاقات،
11/05/2026

سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سان مورو جي معزز شخصيت پ پ اڳواڻ رئيس طارق علي زرداري سنڌ اسيمبلي ۾ ملاقات،

03/05/2026

مورو

مورو قومي شاھراھ تان ڦر ٿيل سي ڊي موٽرسائيڪل 2026 مورو ايس ايڇ او امتياز علي کھاوڙ رڪور ڪرائي ورتي گاڏي جا پيپر چيڪ ڪرڻ بعد اصل مالڪ سيٺ سرفرار ڀٽو حوالي ڪري ڇڏي، ان موقعي تي شاھنواز ڀٽو ۽ سرفراز ڀٽو مورو پوليس جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته ايس ايڇ او مورو امتياز علي کھاوڙ چيو ته ايس ايس پي نوشھروفيروز مير روحل خان کوسو جي سخت هدايتن تي ڏينھن رات گشت جاري آھي شھرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي،

مورو مورو ويجھو قومي شاھراھ سڌوجا وٽ ڪار کي ٽرالر جو ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار سعيد احمد سھتو ۽ سندس فيملي ميمبر زخمي...
29/04/2026

مورو

مورو ويجھو قومي شاھراھ سڌوجا وٽ ڪار کي ٽرالر جو ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار سعيد احمد سھتو ۽ سندس فيملي ميمبر زخمي ٿي پيا جنھن کي ايمبولينس جي بروقت سھولت نہ ملڻ تي ڊاٽسن ذريعي مورو اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏني وئي مورو اسپتال ۾ سھولتون نه ھجڻ تي سعيد احمد سھتو کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ھڪ عورت معمولي زخمي هئي جنهن کي طبي ي امداد بعد گھر موڪليو ويو، حد جي ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ داخل

27/04/2026

افسوسناڪ خبر

مورو ڀرسان ڪورائي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنھڙي وٽ سرن جي ٻٺي تي سرون پچائيندڙ ڪانڌڙا ڪالوني واسي مستري سونو سولنگي اڳچت باھ ۾ ڪري سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو، اطلاع تي فائر برگيڊ عملو ۽ ڪرين مشين واقعي واري ھنڌ رواني علائقي واسي به وڏي تعداد ۾ پھچي ويا،
نوجوان ڪاريگر جو لاش ڪڍڻ مشڪل آھي باھ تمام تيز آھي جنهن سبب انساني ڍانچو ملڻ تمام مشڪل آھي، سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ مزدور

26/04/2026

فائزه علي پنھنجي ڀاء جي شادي جي خوشي واري تقريب ۾ پنھنجي مڙس ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ

26/04/2026

مورو
آل سنڌ آء بي اي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ويٽنگ ٽيچر سنڌ جي سڏ تي مورو ۾ ويٽنگ ٽيچر اميدوارن عبدالله کوسو، عارف سولنگي، اعجاز سھتو، پرويز سومرو، زاھد گل، عاشق راھوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڏک جي خبرشاهد علي شيخ، واجد ۽ ماجد علي شيخ جو والد نور محمد شيخ وفات ڪري ويو آھي، جنهن جي جنازي نماز اڄ منجھد جو 2 وڳي ح...
26/04/2026

ڏک جي خبر

شاهد علي شيخ، واجد ۽ ماجد علي شيخ جو والد نور محمد شيخ وفات ڪري ويو آھي، جنهن جي جنازي نماز اڄ منجھد جو 2 وڳي حيدرآباد الرحمان اپارٽمينٽ ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ مرحوم جو تڏو به اتي ئي وڇايو ويو آھي، الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي آمين

پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي مورو جي نئين چونڊيل باڊي جو پهريون تعارفي اجلاس سولنگي هائوس مورو ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت ت...
17/04/2026

پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي مورو جي نئين چونڊيل باڊي جو پهريون تعارفي اجلاس سولنگي هائوس مورو ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت تعلقي صدر محترم دوست علي سولنگي ڪئي. اجلاس جي ڪارروائي جنرل سيڪريٽري رئيس رحيم بخش زرداري هلائي.
اجلاس ۾ ضلعي باڊي جي عهديدارن ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو (نائب صدر)، خان محمد اعواڻ (نائب صدر)، علي اڪبر سمون، محمد اسماعيل ڪورائي (ڊپٽي جنرل سيڪريٽري)، حاجي بادل زرداري (ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري) ۽ نائب صدر سٽي مورو اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پارٽي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ يونين ڪائونسل سطح تي جلد تنظيم ڪاري مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
تعلقي صدر دوست علي سولنگي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي بقا ڀٽو ازم ۾ آهي ۽ اسان پنهنجي ڊويزنل صدر محترم ضياءُ الحسن لنجار جي قيادت ۾ پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.
اجلاس ۾ پيپلز پارٽي تعلقہ نائب صدر محمد اسلم قريشي، ارشاد ٻگهيو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري غلام حيدر بڙدي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امتياز علي چانڊيو، انفارميشن سيڪريٽري نور سولنگي، اياز علي لاکو،ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري مرتضيٰ چنڊ، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري نديم اختر آرائين، رڪارڊ ۽ واقعات سيڪريٽري ظفر علي مومن کوسو رابطه سيڪريٽري ۽ ماليات سيڪريٽري سڪندر علي لنڊ شرڪت ڪئي.
نور سولنگي
انفارميشن سيڪريٽري،
پي پي پي تعلقو مورو

Address

Bandhi Roas Moro
Moro
67130

Telephone

+923042988814

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Morai Ayaz Solangi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share