23/09/2025
ٻانڌي روڊ مورو تي تعميراتي ڪم تي عوام پاران خوشي جو اظهار
وزير داخلا سنڌ محترم ضياء الحسن لنجار جي مورو شهر جي ترقي ۽ تعميراتي پروگرام جي سلسلي ۾ سالن کان اڌ ۾ رهجي ويل ٻانڌي روڊ جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿي ويو آهي
علائقي جي ماڻهن جي چهـرن تي مرڪون اچي ويون آهن ۽ انهن محترم ضیاء الحسن لنجار جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان جي آواز کي اهميت ڏيڻ ۽ سالون پراڻي منصوبو مڪمل ڪرائڻ تي اسين محترم ضیاء الحسن لنجار جا دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيون
ٻانڌي روڊ جي مڪمل ٿيڻ سان مقامي واپار، اسڪولن، اسپتالن ۽ عام رستا وڃڻ ۾ وڏو سولو ٿيو آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهڙي ترقياتي قدم علائقي جي خوشحالي لاءِ انتهائي ضروري آهن،