Study with Moazam Ali

Study with Moazam Ali اسان جي پيج اسٽيڊي وٿ معظم علي کي فالو ڪري نون اسٽيڊي ويڊن لاء اسان کي سپورٽ ڪندا

نثري نظم .... شميم سومرو احساسن جا وفائن جا خلوص جا وڏا وڻ نہ وڍيا وڃن ھا تہ اڄ ڪوبہ ماڻھو لاوارثي جي رڻ ۾نہ جلي ھا
24/11/2025

نثري نظم .... شميم سومرو
احساسن جا
وفائن جا
خلوص جا
وڏا وڻ
نہ وڍيا وڃن ھا تہ
اڄ ڪوبہ ماڻھو
لاوارثي جي رڻ ۾
نہ جلي ھا

24/11/2025

سڪندر اعظم ۽ يونان جو مست
پيتامبر لوھاڻو

جڏھن سڪندر اعظم پنھنجي پيءُ جي قتل کان پوءِ ميسوڊان ۽ يونان جو بادشاہ بڻيو تہ ان وقت جا سڀئي اشراف، امير، رئيس، شاعر ۽ فلسفي کيس مبارڪون ڏيڻ لاءِ سندس درٻار ۾ حاضر ٿيا پر ھڪ اھڙو فلسفي ھو جنھن ان روايت کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس مبارڪون ڏيڻ نہ ويو.

سڪندر چاھيو پي تہ ھو سندس درٻار ۾ اچي کيس مبارڪون ڏي. پر جڏھن ھن کي پڪ ٿي وئي تہ اھو قلندر سندس درٻار ۾ ڪونہ ايندو تہ ھو پاڻ ھن وٽ ھلي ويو.

جڏھن سڪندر ساڻس ملڻ آيو تڏھن ھو حسبِ عادت اٿينس شھر جي مکي مندر جي ٻاھران تتل ڪاڙھي ۾ پٽ تي ليٽيو پيو ھو. ھن وٽ سوائي ھڪڙي چادر جي ٻيو ڪجھ بہ ھو. اھا چادر ايتري مختصر ھئي جو اھا مشڪل سان ھن جي اگھاڙپ لڪائي ٿي سگھي.

ھو سڪندر جي جاہ جلال کان بي پرواہ سج جي روشني جو لطف وٺي رھيو ھو. جڏھن سڪندر ھن جي سامھون آيو ۽ کيس چيو تہ؛

”آئون سڪندر آھيان ۽ بادشاہ ٿي ويو آھيان، ٻڌائي تون کي ڇا گھرجي؟“

”تون منھنجي ۽ سج جي وچ ۾ رڪاوٽ بڻجي بيٺو آھيان. ٿوري پري ٿي تہ سج جي پوري روشني مون تائين پھچي.“

سڪندر کي ھن جي خيالن ۽ افعالن جي پھرين خبر ھئي پر ھن جي بي باڪي کيس حيران ڪري ڇڏيو.

ان مست جو نالو ڊايوجينز ھو. ان نالي سان ڪئي ٻيا فلسفي پڻ يونان ۾ آيا آھن تنھنڪري ٻين کان منفرد ڪرڻ جي لاءِ کيس ڊايوجنيز سپوئي چوندا آھن. ھو اصل ۾ موجودہ اتر ترڪي جي علائقي سپو جو رھواسي ھو جتان ھو يونان ۾ آيو ھو.

سڪندر ساڻس جيڪا ڳالھ ٻولھ ڪئي تنھن ۾ ٻيو دلچسپ ٽاڪرو ھي آھي“

”آئون جيڪڏھن سڪندر نہ ھجان ھا تہ ڊايوجنيز ٿيان ھا“ سڪندر کيس چيو

”۽ آئون جيڪڏھن ڊايوجنيز نہ ھجان ھا تہ بہ ڊايوجنيز ئي ٿيان ھا“

ھن مست جي لاءِ سڪندر جي بادشاھت ۽ طاقت جي ڪابہ حيثيت نہ ھئي ھو مندر جي ٻاھران ھڪڙي چادر ۾ مست ھو. ھڪ ڀيري ھو ڪنھن سفر سان سانگي ٻي علائقي ۾ ٻيڙي ۾ چڙھي پي ويو ۽ ان ٻيڙي کي ڪجھ قزاقن لٽيو ۽ ماڻھن کي غلام بڻائي وڪيو. ھي بہ انھن ۾ غلام بنجي ڪنھن سيٺ وٽ پھتو. سيٺ کائنس پڇيو تون ڪھڙو ڪم ڪري سگھين ٿو. ھن جو جواب ھو ڪجھ بہ نہ. سيٺ سياڻو ھو ۽ ھن جي ڳالھين مان سمجھي ويو تہ ھي مست ڪو فلسفي آھي ۽ کيس چيو تہ تون منھنجي ٻارن کي پڙھائي. سيٺ جا ٻار ھن جا پيرڪار ٿي ويا ۽ ھو غلام ھوندي مالڪ بنجي ويو ۽ مالڪ ھن جا چيلا.

ھو اڪثر چوندو ھو تہ ”مان ڪُتي وانگر آهيان، ڇو ته مان سچ کي ڀونڪان ٿو“ ھو فطرت مطابق سادي زندگي گزاريندو ھو. ھن جي خيال ۾ ھڪ چادر ۽ پيالي کان سوائي باقي سب شيون غير ضروري آھن. ھڪ ڀيري ھو ڪٿي پھاڙي علائقي ۾ سفر ڪري رھيو ۽ ڪو ٻار پھاڙي چشمي مان پنھنجي ھٿن سان پاڻي پي رھيو ھو. ھن ٻار کي ھٿن سان پاڻي پئيندي ڏسي پيالو ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ ٻار کي چيو تنھنجي مھرباني تون مون کي عقل ڏنو تہ آئون پيالي کان سوائي بہ جِئي سگھان ٿو.

روايت آھي تہ ھو ڏينھن جو شھر ۾ لالٽين کڻي هلندو هو. جڏهن ماڻھو کائنس پڇندا ھئا تہ ”ڏينھن ڏٺي لالٽين کڻي ڇا پيو ڳولين؟“
ھن جواب ڏيندو ھو ”سچو انسان پيو ڳوليان“

ھن جي فلسفي موجب اخلاق ۽ فضيلتون سادگي ۾ آهن. مال، جائداد، شهرت ۽ شوق نفس کي بگاڙين ٿا. سچي آزادي اها آهي ته ماڻھو کي ڪنھن به خواهش يا خوف جو غلام نه بڻائي. سچي دانش ان ۾ آهي ته ماڻھو پاڻ کي سڃاڻي ۽ سموريءَ دنيا مان ڪجهه به طلب نه ڪري. ھن جي خواھش ھئي تہ مرڻ کان پوءِ ھن جو لاش ڪُتن کي کارايو وڃي جيڪي ڪوڙ ڪونہ ٿا ڳالھائين. ان جو ٻيو مطلب اھو آھي تہ مرڻ کان پوءِ جسم جي ڪابہ اھميت نہ آھي. ھن پنھنجي جسم جي ننگي پڻ سان دنيا جي دوکن ۽ مڪاري کي ننگو ڪيو. ھن جي فڪري جرئت، زاهدانه زندگي، ۽ طنزيه حڪمت کيس تاريخ جو نرالو مست بڻايو. ھن طرز زندگي ۽ فڪر مان فلسفي جي ھڪ برانچ نڪتي آھي جنھن کي سنڪ ازم چيو ويندو آھي. سنڪ يوناني ٻولي جي ڪنڪ جي بگهڙيل شڪل آھي جنھن جي معني ڪُتو آھي. ڊايوجنيز چوندو ھو تہ ”آئون ڪتو آھيان ۽ چڪ ھڻي دوستن کي بچايان ٿو“

11/03/2025

ڀٽو فيڪٽر ئي سنڌ جو حقيقي دشمن آهي تنهنڪري ئي ڪرپٽ زرداري , سندس سڀ حواري , سڀ جاهل جيالا ۽ پاڳل پيپلا ڌرتي ماء سان غداري پيا ڪن
1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو “ون يونٽ“ جي حمايت ڪري سنڌ سان غداري ڪئي هئي ۽ هاڻي
2025ع ۾ پي پي پي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ڪئنالن جي منظوري ڏئي نائون مل ۽ چنيسر جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي روء زمين تي پيپلن جهڙو وطن دشمن نه ڪٿي ڪو پيدا ٿيو آهي نه ئي ڪڏهن ڪٿي ڪو ڄمندو اهو عظيم بيغرتي جو اعزاز صرف ڀٽو صاحب جي پوء لڳ پيپلن کي ئي حاصل رهندو

11/03/2025

پيءُ زرداري ڪئنال ٺاھڻ جي منظور ڏي ٿو، پٽ ڪئنالن خلاف اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ٿو ڪري، واٺا چون ٿا ڪئنال ڪاٿي ٿا ٺھن..؟
برياني تي گذارو ڪندڙ چون اسان ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين.😂

05/11/2024

غداري رڳو جنگ جي ميدان تي ناهي ٿيندي، ڪو استاد ڪلاس ۾ نٿو پڙهائي ته اها بہ قوم سان غداري آهي.

05/11/2024

ميڊيڪل ٽيسٽ پيپر ليڪ ڪيس م
ايف آئي اي پاران ڊاڪٽرن جي اڳواڻ وارث جکراڻي کي نوٽيس.

اٺ نومبر تي پنهنجي موبائيل فون سميت جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيو نه ته توهان جي غير حاضري م فيصلو ڪيو ويندو......
ڊاڪٽر وارث جکراڻي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو اڳوڻو سيڪيورٽي انچارج ئ هاڻي سول اسپتال ڪراچي م ڊي ايم ايس زڪوات آهي.

ايف آئي اي وارن جيڪڏهن درست رخ م جاچ ڪئي ته وڏا ڦاٽ ڦاٽندا. ذهين پر مسڪين شاگردن جو حق ماريندڙ سمورن چهرن تان نقاب لهندا........

04/11/2024

چيني جوڙي وٽ جڏھن ٻار ڄمندو آ تہ ان جو نالو رکڻ لاء اسٽيل جو ٿانء فرش تي ڦٽي ڪندا آھن جيڪو آواز اچي اھو نالو
ٽن ٽنگ شين فان شو

Address

Nasirabad
ALIALI1

Telephone

+923053158636

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Study with Moazam Ali posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Study with Moazam Ali:

Share