26/05/2025
نوابشاه زمين جي تڪرار تان شهري تي حملو انصاف جي اپيل
سانگهڙ واسي لياقت راجپوت تي نوابشاه ۾ زمين جي تڪرار جي سلسلي ۾ حملو ڪيو ويو لياقت راجپوت موجب هو ڌامرا روڊ تي راجپوت هوٽل تي ويٺو هو جتي پنجن ڄڻن کيس گهيري ورتو ۽ اوچتو حملو ڪيو متاثر شخص جو چوڻ آهي ته هن حملو ڪندڙن کي سڃاڻي ورتو آهي جن جو نالو *' گرداری پتنو کرشن,لاون,تکیو مل* آهن لياقت راجپوت وڌيڪ ٻڌايو ته زمين جو اهو مامرو هن وقت ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي هن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو آهي ته کيس انصاف ڏنو وڃي ۽ حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي