HRPF Pakistan News

HRPF Pakistan News Human rights protection forum HUMAN RIGHTS PROTECTION FORUM Pakistan is working as an independent, non-governmental non-profit and charitable organization.

It works under its own memorandum of articles of association and Leadership. It has no affiliation of with any regional ethnic or political organization of Pakistan or anywhere in the world
HUMAN RIGHTS PROTECTION FORUM Pakistan is exclusively engaged and supports charitable purposes, particularly supporting education, health care, legal add, Human rights and other related relief services. HUMA

N RIGHTS PROTECTION FORUM is dedicated to the services of humanity in all parts of the Pakistan without any discrimination of creed, religion, and political association

___________________
___________________
(FOR DONATIONS)
You can directly deposit cash or cheque at out Bank Account
Title of Account: Human rights Protection Forum
Meezan Bank Ltd Khairpur Mirs
Account No. 9201-0104174329
Mobile No. 0300-5664165
What Apps No. 0344-2376755
______________________________________________________________

Chairman Mahboob Chang and Members Work With a Talented Team of Professionals to Accomplish Human Rights Protection goals and mission. Mobile No. 0300-5664165

04/11/2025

جن خوش نصیبن نماز فجر ادا ڪري ڇڏي آهي، انهن الله جي پيارن ۽ جن ناهي پڙهي انهن کي به مون فقير جو السلام عليڪم قبول پوي،🌹

اداره برائيء انساني حقوقهيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاران مفت هنر سِکيا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن, جنهن م 80 کان مٿي نياڻيون ...
03/11/2025

اداره برائيء انساني حقوق
هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاران مفت هنر سِکيا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن, جنهن م 80 کان مٿي نياڻيون مفت م سلائي. ڀرت. ڪڙھائي ۽رليون سبڻ سکن ٿيون ھن اداري کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ هيٺ اداري جي آڪائونٽ م پنھنجو حصو وجهو داخلا هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪندا
03005664165
Donate by
MEEZAN BANK
A/C PK28MEZN0092010104174329
Human Rights Protection Forum

03/11/2025

اداره برائيء انساني حقوق
هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاران مفت هنر سِکيا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن, جنهن م 80 کان مٿي نياڻيون مفت م سلائي. ڀرت. ڪڙھائي ۽رليون سبڻ سکن ٿيون ھن اداري کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ هيٺ اداري جي آڪائونٽ م پنھنجو حصو وجهو داخلا هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪندا
03005664165
Donate by
MEEZAN BANK
A/C PK28MEZN0092010104174329
Human Rights Protection Forum

02/11/2025
01/11/2025

ڪامياب ٿيل سڀني وڪيل دوستن کي لک لک مبارڪون، پاران
محبوب چانگ
چيئرمين هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم ،

(ڀاء نمعت کهڙو جو تلخ حقيقت تي لکيل ڪڙو)🔃ڪراچيءَ ۾ ھيئر ٽرانسپلانٽيشن ماھر جو قتل- واقعي بابت ڇرڪائيندڙ تفصيل ظاھر- مُڪم...
01/11/2025

(ڀاء نمعت کهڙو جو تلخ حقيقت تي لکيل ڪڙو)
🔃
ڪراچيءَ ۾ ھيئر ٽرانسپلانٽيشن ماھر جو قتل- واقعي بابت ڇرڪائيندڙ تفصيل ظاھر- مُڪمل پڙھندا، ۽ شيئر پِڻ ڪندا تہ جيئن ھِن ظُلم ۽ بَربريت کي وائکو ڪري سَگھجي، ۽ شَھيد جي خُون سان انصاف جو پِڻ ڪوئي رَستو نِڪري اَچي!

مَعلوم ٿيو آھي تہ خانواھڻ واسي ميڊيڪل ٽيڪنيشن مھمير تنيو 16 آڪٽوبر تي ڳوٺ تُنيہ بقا شاھ خانواھڻ کان ڪراچي روانو ٿيو!

ھُن کي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ داخل پير مُحمد تنيو نالي شخص جي عيادت ڪرڻي ھُئي، ۽ خيرپور ۾ واقع سندن ڪلينڪ لاءِ ڪُجھ ضروري سامان بہ وٺڻو ھو، جِتي ماڻھن جي ھيئر ٽرانسپلانٽيشن ڪئي ويندي آھي!

مَھمير جي ڀاءُ توفيق احمد ٻُڌايو ته مھمير ڪراچيءَ ۾ ڀاءُ الھوسايي جي گھر ترسيو، جيڪو ٽرئفڪ پوليس جو اھلڪار آھي!

اُن کان اڳ مھمير ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال پُھچي پير مُحمد جي عيادت ڪئي، جيڪو جگر جي مرض ۾ وڪوڙيل آھي، ۽ جنھن جي حالت خراب آھي- پير مُحمد تنيو اصل ميھڙ جو آھي- هُو ننڍي ھُوندي کان مھمير وارن وٽ رَھيو، ۽ ڏھين ڪلاس تائين اُتي ئي پڙھيو!

مَھمير نه رُڳو پير مُحمد جي عيادت ڪئي، پر وس آھر سندس مالي مدد پِڻ ڪئي، ڇو تہ پير مُحمد ھُنن کي سڳن ڀائرن وانگر آھي!

اسپتال کان ٿِي مَھمير موسميات واري علائقي ۾ پَنھنجي ڀاءُ الھوسايي جي گھر ۾ ترسيو، ۽ 19 آڪٽوبر تي شام جو اُھو چئي گھران نِڪتو ته کيس ھيئر ٽرانسپلانٽيشن سينٽر جو سامان وٺڻو آھي!

مَھمير جي وارثن موجب ھُن وٽ گھٽ ۾ گھٽ بہ 10 کان 15 لک روپيا روڪ موجود ھُئا!

مَھمير رات جو دير تائين گھر واپس نہ موٽيو- کيس ڪال وئي ته موبائيل نمبر بہ کُليل ھو- وارثن سَمجھو تہ ھُو مارڪيٽ ۾ پَنھنجي ڪم ۾ مصروف ھُوندو، پر مَھمير صُبح تائين واپس نه وريو!

مَھمير جي ڀاءُ توفيق احمد ۽ ضمير حُسين مُطابق ھُو ٻئي ڏينھن مطلب 20 آڪٽوبر تي به گھر نه آيو!

اُن کان اڳ وارثن ڳولا شُروع ڪئي، پر ڪِٿان بہ ڪا خبر چار نہ مِلي!

آخرڪار! 21 آڪٽوبر تي صُبح جو 10:24 تي ھِڪ موبائيل نمبر تان مَھمير جي ڀاءُ توفيق احمد کي ڪال آئي- توفيق اُن وقت پَنھنجي ڳوٺ تُنيہ بقا شاھ خانواھڻ ۾ موجود ھو!

ھيلو! آپ توفیق بات کر رہے ہیں...؟؟

جي! مين توفيق ہُوں!

اچھا! آپ مھمير تنيو کے بھائی ہيں...؟؟

جي! ميں مھمير تنيو کا بھائی ہُوں!

توفيق موجب ھُو اُن وقت بيحال ٿِي ڪِري پيو، جڏھن ڪال ڪندڙ ھمراھ چيو: ميں ايدھی ھوم سُھراب گوٹھ سے بات کر رہا ہُوں- آپ کے بھائی کی تین دن سے ڈیڈ باڈی پڑی ہُوئی ہے- وہ لے جائیں!

توفيق ٻُڌايو ته مُون جيئن تيئن ڪري پاڻ سنڀاليو، ۽ پوءِ پَنھنجي ھِڪ ڀاڻيجي کي اُھو نمبر ڏنو ته ھِن ھمراھ سان ڳالھاءِ تہ ھِي ڇا ٿو چَوي...؟؟

تفصيل مَعلوم ڪرڻ تي ايڌي ھوم واري ھمراھ چيو: گُلشنِ اقبال پوليس ڈیڈ باڈی دے کر گئی ہے- پولیس کا کہنا ہے کہ بندہ انکاؤنٹر میں مارہ گیا ہے!

وري ورجايان ٿو تہ اُھا ڪال پي ٽي سي ايل نمبر تان نہ، زونگ جي موبائيل نمبر تان آئي!

پوليس داخل ايف آءِ آر ۾ مَھمير کي نامعلوم ڄاڻايو آھي- ٻئي طرف ڪال ڪندڙ ھمراھ کي سَڀ خبر ھُئي تہ ھِي ڪير آھي، ۽ ڪنھن جو ڀاءُ آھي!

بَھرحال! وارث فوري طور ايڌي ھوم سُھراب ڳوٺ پُھتا تہ ڪال ڪندڙ شخص بہ موجود ھو، ۽ اُن سرد خاني ۾ وٺي وڃي لاش ڏيکاريو، ۽ ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو!

توفيق احمد ۽ ضمير احمد موجب ھُنن اُن ظُلم خلاف سَخت احتجاج ڪيو، پر فوري طور ڪو بہ کڙتيل نه نِڪتو- ھُو لاش کڻائي ڳوٺ آيا، جِتي مَھمير جي والدہ امان شريفان جي حالت نازڪ ٿِي چُڪي ھُئي- مَھمير جي گھر واريءَ کي بيھوشيءَ جا دورا پئجي رَھيا ھُئا، ۽ ھُن جو اڪيلو مَعصوم پُٽ عباس حيدر پَنھنجي پيءُ لاءِ روئي رَھيو ھو!

مَھمير جي وارثن ٻُڌايو ته ٽِن ڏينھن جي تڏي کانپوءِ ھُو ڪراچي روانا ٿيا، ۽ گُلشنِ اقبال پوليس اسٽيشن پُھتا تہ کين سَڄو ڏينھن رُلايو ويو- شام جو جاچ آفيسر پرويز احمد آيو، ۽ مَڇرجي چَوڻ لڳو تہ اُھو ھمراھ ڏوھاري ھو- توھان ٿاڻي تي ڇو آيا آھيو...؟؟

۽ پوءِ ھِڪ ايف آءِ آر جي ڪاپي پَڪڙائي مھمير جي ڀائرن جي ھٿ ۾ ڏني وئي، جنھن ۾ لکيل ھو تہ ڪُجھ ڏوھارين ھِڪ گھر مان ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي- اطلاع مِلڻ تي پوليس پُھتي- مُقابلو ٿِي پيو- ھِڪ نامعلوم ڏوھاري مارجي ويو- ھِڪ جوابدار جميل احمد گرفتار ٿيو، ۽ باقي جوابدار فرار ٿِي ويا!

حيرت جي ڳالھ ھِيءَ بہ آھي تہ مارجي ويل مَھمير سان گڏ جيڪو گرفتار ٿيل شخص ڏيکاريو ويو آھي، اُن جو چوڻ آھي ته ھُو مارجي ويل شخص کي بلڪل بہ نٿو سُڃاڻي!

ھِي سَڄو قصو ٻُڌي مُنھنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو- ھِي ڪيڏو نه وڏو ظُلم آھي- ڪراچي پوليس چيف ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي ٿورڙو بہ شرم حياءُ ھُجي تہ جيڪر! ڪُرسيون ڇَڏي ڪنھن قبر ۾ وڃي ڪِرن، پر اَفسوس! جو نہ ته حُڪمرانن منجھان ۽ نہ ئي وري پوليس آفيسرن منجھان ڪنھن ۾ ڪا شرم حياءَ ۽ ضمير جي ذري آھي!

مَھمير جي وارثن جو حتمي طور چَوڻ آھي تہ پوليس مَھمير کان گھٽ ۾ گھٽ بہ 10 کان 15 لک روپيا روڪ ڦُر ڪيا آھن، ۽ پوءِ مُعاملي کي ٻيو رَنگ ڏيڻ لاءِ مَھمير کي گوليون ھڻي شَھيد ڪيو ويو!

ڄاڻ وٺڻ تي خبر پئي ته مَھمير کي 9MM پسٽل ۽ SMG جُون گوليون لڳل آھن- پوليس پوسٽ مارٽم رپورٽ به لِڪائي ڇَڏي آھي!

مَھمير جي وارثن موجب ھُو اَڄ پھرين نومبر تي سنڌ بار جي چُونڊن کانپوءِ ڪراچي وڃي حق ۽ انصاف لاءِ عدالت سان رُجوع ڪندا!

پاڻ ھِن موقعي تي ظالم، قاتل، جلاد، ۽ ڪانئر حُڪمرانن کان ڪھڙو مُطالبو ڪريون- وري بہ چيف جسٽس سنڌ ھائڪورٽ ۽ چيف جسٽس سُپريم ڪورٽ کي ھِن مُعاملي جو سَختيءَ سان نوٽيس وٺڻ، ۽ شَھيد جي خُون سان انصاف ڪرڻ جي گُھر ڪريون ٿا!

31/10/2025

کل ڈوائس ھولڈرز کے خلاف بنیادی حقوق کی خلاف ورزی پر قانونی کارروائی ہوگی،
ترجمان hrpf

31/10/2025

فیضگنج مین ڈوائس مافیا نے گھر گھر جا کر اور دکانوں پر بیٹھ کر مستحق خواتین سے پر کارڈ 2000 کی کٹوتے کر رہے ہیں کل انشاءاللہ وزٹ ھوگی،

Address

Pacca Chang
66300

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when HRPF Pakistan News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to HRPF Pakistan News:

Share