14/08/2025
جشن آزادي جي موقعي تي مقصود پبلڪ اسڪول ڦلجي اسٽيشن طرفان جشن آزادي جي تقريب منعقد ڪئي وئي جيڪا هر سال جيئان منعقد ڪئي ويندي آهي.
هي اسڪول ڦلجي اسٽيشن جي بهترين اسڪولن مان هڪ اسڪول آهي جنهن تازو ضلعي ستح تي ٿيل پروگرام ۾ حصو وٺي پوزيشن حاصل ڪئي.
ان دوران بهترين ٽيبلو پيش ڪيا ويا بهترين شاگردن تقريرو ڪيون جيڪي قابل تعريف آهن.
پروگرام ۾ چيف گيسٽ طور سجاد علي پنهور هئا.تقريب جي صدارتي تقرير جنرلسٽ محترم شاهنواز سومرو ڪئي.
مهمانن ۾ سائين وقاس ياسين آرائين سميت ٻيا ب موجود هئا.
تمام مهمانن جو چوڻ هو ت محترم مقصود راجپوت وڏو محنتي انسان آهي جنهن هي اسڪول قائم ڪري ڦلجي لاء وڏو ڪم ڪيو آهي جتي پنجاه کان وڌيڪ ٻار فري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ پڻ انهن کي ڊريسنگ بڪس ڪتاب فري ۾ ملن ٿا.
آخر ۾ جن شاگردن پوزيشن حاصل ڪيون انهن کي پڻ تعفا ڏنا ويا.
اهڙا انسان اهڙا اسڪول قومن جي حالن کي تبديل ڪندا آهن سلام