24/06/2025
سيد علي حيدر شاه صاحب
پير سيد علي حيدر شاه پيرجوڳوٺ شهر جو اھو نالو آھي، جيڪو اڄ جي نوجوانن لاءِ روشنيءَ جو مينار بڻجي چڪو آھي. ھن شخصيت ھر سياسي، سماجي ۽ يوٿ جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي، پنھنجي شهر جي حوصلا افزائي ڪئي آھي. نشن جي خلاف وڏي آواز سان آواز اٿاري، نوجوان نسل کي واٽ تي آڻڻ لاءِ سرگرم آھي.
پنهنجي قابليت، سوچ ۽ عزم جي زور تي ھن پيرجوڳوٺ شهر کي سڄي سنڌ ۾ مشهور ڪيو آھي. ھن جي ڪردار ۽ خدمت کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي. ھو نه رڳو ھڪ نيڪ مرد آھي، پر پيرجوڳوٺ شهر جي نوجوانن لاءِ اميد جو علامت آھي.