Pithoro Times

Pithoro Times پل پل هر پل جي خبر صرف پٿورو ٽائيمس

پٿورو/ مٺڙائو ڪينال مان نڪرندڙ پائپ لائن خلاف ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي سڏ تي سوين آبادگارن طرفان شھر مين ختم نبوت صلم چ...
27/08/2026

پٿورو/ مٺڙائو ڪينال مان نڪرندڙ پائپ لائن خلاف ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي سڏ تي سوين آبادگارن طرفان شھر مين ختم نبوت صلم چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو.

26/08/2026

پٿورو عیدِ میلادُ النبی ﷺ ريلي

🌹 جشنِ عید میلاد النبی ﷺ مبارک 🌹پٿورو ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ شاندار جلوس، ”ختمِ نبوت ﷺ چوڪ“ جو افتتاحٽائون ...
26/08/2026

🌹 جشنِ عید میلاد النبی ﷺ مبارک 🌹

پٿورو ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ شاندار جلوس، ”ختمِ نبوت ﷺ چوڪ“ جو افتتاح
ٽائون چيئرمين آصف حسين ڇورو ڪيڪ ڪاٽي تاريخي چوڪ جو افتتاح ڪيو،

جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺ جي بابرڪت ڏهاڙي تي پٿورو شهر ۾ عاشقانِ رسول ﷺ پاران شاندار جلوس ۽ ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته 12 ربيع الاول جي تاريخي موقعي تي شهر ۾ ”ختمِ نبوت ﷺ چوڪ“ جو باقاعده افتتاح پڻ ڪيو ويو.

تفصيل موجب، نبي اڪرم ﷺ جي ولادت جي ڏهاڙي تي پٿورو شهر ۾ هڪ عظيم الشان جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ شهرين ۽ عاشقانِ رسول ﷺ وڏي انگ ۾، جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. جلوس ۾ شامل ماڻهن هٿن ۾ سبز جهنڊا کنيل هئا، جڏهن ته فضا نعت خواني ۽ درود و سلام جي صدائن سان گونجندي رهي، جنهن ماحول کي انتهائي روحاني بڻائي ڇڏيو. ان موقعي تي منتظمين پاران جلوس جي رستن ۽ ٻين انتظامن تي خاص ڌيان ڏنو ويو، ۽ سڄي شهر ۾ مذهبي جوش ۽ جذبو ڏسڻ ۾ آيو.

ٻئي پاسي، هن تاريخي ۽ بابرڪت ڏينهن جي مناسبت سان پٿورو ۾ ”ختمِ نبوت ﷺ چوڪ“ جو باقاعده افتتاح ڪيو ويو. ٽائون چيئرمين آصف حسين ڇورو رب پاڪ جي حضور شڪرانو ادا ڪندي چوڪ جو افتتاح ڪيو ۽ خوشي جي اظهار طور ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.

افتتاحي تقريب ۾ شهر جي معززين ۽ عام شهرين وڏي عقيدت ۽ احترام سان شرڪت ڪئي. تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ويو ته هي چوڪ عاشقانِ رسول ﷺ جي عقيدت، محبت ۽ ختمِ نبوت ﷺ سان وابستگي جي عظيم علامت طور پٿورو شهر جي نئين سڃاڻپ بڻجندو. شهرين ٽائون چيئرمين محترم آصف حسين ڇورو جي هن نيڪ قدم کي ساراهيندي کيس زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو.

26/08/2026

🌹 جشنِ عید میلاد النبی ﷺ مبارک 🌹

💚 12 ربیع الاول کی خوشیاں آپ سب کو مبارک ہوں۔

26/08/2026

12 ربیع الاول — جشنِ ولادتِ مصطفیٰ ﷺ مبارک ہو!

تمام اُمتِ مسلمہ کو 12 ربیع الاول کی پُرنور اور بابرکت خوشیاں دل کی گہرائیوں سے مبارک ہوں۔
اللہ تعالیٰ اس مقدس دن کے صدقے ہم سب پر اپنی رحمتیں نازل فرمائے۔ آمین

عاشقانِ مصطفيٰ ﷺ ۽ پٿورو شهر جي غيور عوام لاءِ عظيم خوشخبري!​الحمدالله! الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان، پٿورو شهر جي مين چؤ...
25/08/2026

عاشقانِ مصطفيٰ ﷺ ۽ پٿورو شهر جي غيور عوام لاءِ عظيم خوشخبري!

​الحمدالله! الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان، پٿورو شهر جي مين چؤڪ جو نالو "ختم نبوت ﷺ چؤڪ" منظور ٿي چڪو آهي.
​ان سلسلي ۾ ٽائون چيئرمين محترم آصف حسين صاحب جن جا نهايت ئي شڪرگذار آهيون، جن جي ترجيحي ڪوششن ۽ بهترين تعاون سان هي عظيم ڪم ممڪن ٿيو. سندن هي محبت قابلِ تحسين آهي.


​12 ربيع الأول تي نڪرندڙ عظيم الشان جلوس پٿورو شهر مان ٿيندو درگاهه شهيد عبدالرحيم گرهوڑي (گرهوڑ شريف) روانو ٿيندو، جتي چادر چاڙهي ويندي.
​جلوس دوران پٿورو جي مين چؤڪ تي "ختم نبوت ﷺ چؤڪ" جو شاندار افتتاح به ڪيو ويندو.

افسوسناڪ ڏک جي خبرانا لله وانا اليه راجعونپوليس انسپيڪٽر دودو خان آريسر جو نوجوان پٽ شهريار آريسر لاڏاڻو ڪري ويو. هن افس...
22/08/2026

افسوسناڪ ڏک جي خبر
انا لله وانا اليه راجعون
پوليس انسپيڪٽر دودو خان آريسر جو نوجوان پٽ شهريار آريسر لاڏاڻو ڪري ويو. هن افسوسناڪ واقعي تي سندس خاندان، مٽن مائٽن ۽ دوستن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪجي ٿو.
مرحوم جي نمازِ جنازه اڄ صبح 10 وڳي ڳوٺ هوندو آريسر ۾ ادا ڪئي ويندي.
الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ وارثن کي صبرِ جميل عطا فرمائي. آمين 🤲

گورنمنٽ گرلس ڪيمپس ها۽ اسڪول پٿورو جو نائيب قاصد سراج ولد نظام دين اڄ تاريخ 2026_08_18 تي پنهنجي سروس جا 60 سال پورا ڪيا...
18/08/2026

گورنمنٽ گرلس ڪيمپس ها۽ اسڪول پٿورو جو نائيب قاصد سراج ولد نظام دين اڄ تاريخ 2026_08_18 تي پنهنجي سروس جا 60 سال پورا ڪيا اسٽاف پاران الوداعي پارٽي رکي وئي ❤️

18/08/2026

وائيس چئيرمين ٽائون ڪميٽي پٿورو سيٺ وڪرم ڪمار جسواڻي جو پراڻي شادي پلي لڳ موٽرسائيڪل ڍڳي سان ٽڪرائجڻ سبب زخمي

پٿورو: گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول پٿورو ۾ 14 آگسٽ، پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي حوالي سان پرنسپال سائين تاراچن...
14/08/2026

پٿورو: گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول پٿورو ۾ 14 آگسٽ، پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي حوالي سان پرنسپال سائين تاراچند مھاراج جي ميزباني هيٺ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي.

پٿورو: تقريب ۾ ٽائون ڪميٽي پٿورو جي چيئرمين آصف حسين ڇورو، استاد غلام محمد نهڙي، رمضان سومرو، محمد موسيٰ نهڙي، شهرين، استادن ۽ اسڪول جي ۾ شاگردن شرڪت ڪئي.

Address

Main Pithoro Bacha Band Road, Pithoro Town
Pithoro
69060

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pithoro Times posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share