Pithoro Times

Pithoro Times پل پل هر پل جي خبر صرف پٿورو ٽائيمس

27/10/2025

پير پٿورو صاحب جو ميلو جاري

گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول پٿورو ۾ بليڪ ڊي ملهائيو ويو27 آڪٽوبر 1947ع تي، ڀارت پهريون ڀيرو غيرقانوني طور قبضي ڪيل ڄمون ...
27/10/2025

گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول پٿورو ۾ بليڪ ڊي ملهائيو ويو

27 آڪٽوبر 1947ع تي، ڀارت پهريون ڀيرو غيرقانوني طور قبضي ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير (IIOJK) ۾ پنهنجا فوجي دستا لاٿا. ان وقت کان وٺي ڪشميري عوام تي ظلم ۽ سندن بنيادي حق ــ خوداراديت ــ کان محرومي جاري آهي.

اڄ، گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول پٿورو ۾ بليڪ ڊي ملهائي، ڪشمير جي بهادر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ قبضي هيٺ واديءَ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

شاگردن ۽ عملدارن طرفان ڪشمير جي شهيدن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ سندن آزادي ۽ انصاف لاءِ ڏنل قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن ڪارا ربن ٻڌا ۽ اتحاد، امن ۽ ناانصافي خلاف آواز بلند ڪرڻ جي اهميت بابت پنهنجا خيال ظاهر ڪيا.

ان موقعي تي، تارا چند مهراج، پرنسپال گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول پٿورو، ۽ مسٽر فريد احمد ڪنڀر، سيڪنڊري اسڪول ٽيچر، خطاب ڪندي زور ڏنو ته نوجوان نسل کي ڪشمير بليڪ ڊي جي اهميت ۽ تاريخي پسمنظر بابت آگاهه ڪرڻ تمام ضروري آهي.

پٿورو شھر جي بند پاڙي ۾ سيد برادري سيد رجب شاھ سيد اقبال شاھ سيد خدن شاھ جي ٽن گھرن کي اوڇتو باھ لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل نياڻ...
27/10/2025

پٿورو شھر جي بند پاڙي ۾ سيد برادري سيد رجب شاھ سيد اقبال شاھ سيد خدن شاھ
جي ٽن گھرن کي اوڇتو باھ لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل نياڻي جي ڏاج سميت ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل وس وارن کان واھر جي اپيل




26/10/2025

پٿورو شهر جي بند محلي ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهر ۾ رکيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثر گهر سيد برادري جو ٻڌايو پيو وڃي. فائربريگيڊ پٿورو جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي بروقت ڪارروائي ڪندي باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل، جڏهن ته ٽائون ڪميٽي پٿورو جو چيئرمين آصف علي ڇورو به فوري طور موقعَ تي پهچي ويو.

25/10/2025

پير پٿورو جو ميلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي.

سنڌ جي مشهور بزرگ اولياءِ پير پٿورو صاحب جو ساليانو ميلو اڄ کان باقائده شروع، تياريون مڪمل، پهريون ۽ افتتاحي ملاکڙو اڄ ٿ...
25/10/2025

سنڌ جي مشهور بزرگ اولياءِ پير پٿورو صاحب جو ساليانو ميلو اڄ کان باقائده شروع، تياريون مڪمل، پهريون ۽ افتتاحي ملاکڙو اڄ ٿيندو، تفصيل موجب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور امن ۽ ڀائيچاري جي علامت بڻيل بزرگ اولياءِ پير پٿورو صاحب جو ساليانو ميلو اڄ ڇنڇر جي ڏينهن کان ريلوي اسٽيشن پٿورو جي ڀرسان باقائدي شروع ٿي رهيو آهي، ميلي جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، ميلي جو افتتاح گادينشين پير ڪانجي سنگهه سوڍو ڪندو، جڏهن ته ميلي جو پهريون ۽ افتتاحي ملاکڙو اڄ کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ ٿر، اتر، ۽ لاڙجا مشهور ملهه پهلوانن ۾ ملهن جا مقابلا ٿيندا، ملاکڙو ست ڏينهن جاري رهندو، جڏهن ته ميلي ۾ گهوڙن جي ڊوڙ پڻ ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ جا مشهور شوقين گهوڙن جي ڊوڙ ۾ پنهنجن گهوڙن سميت حصو وٺندا، ٻي طرف ميلي ۾راڳ رنگ ۽ صوفياڻين محفلن جا پروگرام پڻ رکيا ويا آهن، شائقينن جي تفريحي جي لاءِ ميلي ۾ سرڪس، جهولا، موت جا کوهه وغيره لڳايا ويا آهن. واضح رهي ته پير پٿورو صاحب جو ساليانو ميلو ڪتي جي مهيني ۾ لڳندو آهي، جڏهن ته پير پٿورو صاحب جو وڏو ڏهاڙو چيٽ جي مهيني ۾ چيٽي چنڊ جي رات ملهايو ويندو آهي، ۽ ان رات هزارين جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند ٻارن ٻچن سميت درشن ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. پوليس پاران سڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت هوندا آهن.

fans

21/10/2025

پٿورو شھر جي بسو مل ڪارخاني وٽ تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر 2 ڄڻا سخت زخمي سيريس حالت ۾ حيدرآباد ريفر زخمين ۾
ھڪ ڪولھي ۽ ھڪ جٽ

21/10/2025

ديوالي جي موقعي تي جن مسلمان ڀائرن،دوستن وش ڪيو انھن جي انھن ھٿڙن تان قربان جيڪي پيار ڏين ٿا، سڄو فيسبوڪ ديوالي لڳو پيو آھي، شڪريه

ڪاوش 14 آڪٽومبر 2025
14/10/2025

ڪاوش 14 آڪٽومبر 2025

13/10/2025

پٿورو
ٻه ڏينھن اڳ وچ شھر مان ھٿيارن جي زور تي دوڪاندار کان روڪ رقم ۽ ٻه موبائل فون ڦر ڪندڙ ھڪ جوابدار نعمان آرائين پوليس ھٿان
گرفتار

ڊگري ڪاليج پٿورو جا شاگرد توجه ڏين ..!
13/10/2025

ڊگري ڪاليج پٿورو جا شاگرد توجه ڏين ..!

ڪاوش 12 آڪٽومبر 2025
12/10/2025

ڪاوش 12 آڪٽومبر 2025

Address

Main Pithoro Bacha Band Road, Pithoro Town
Pithoro
69060

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pithoro Times posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share