26/10/2025
رتوديرو لڳ طيب جي ڳوٺ نياز حسين رند ۾ نوجوان جو لاش زرعي زمين مان هٿ، وارثن جو جيها برادريءَ مٿان قتل جو الزام، وارث لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهتا، ان موقعي تي وارثن ڳالهائيندي ٻڌايو ته محمد حنيف ولد امام الدين رند ڪجهه ڏهاڙن کان شڪايت ڪري پيو ته جيها برادريءَ جا ڪجهه ماڻهو پريشان ٿا ڪَنِ پر اسان پوءِ به ڪجهه نه چيو ڇاڪاڻ ته اسان امُن پسند آهيون پر اڄ جڏهن گولي لڳل لاش زرعي زمين تي هٿ آيو ته اسانجو شڪ اُنھن ڏانھن ئي ويو،
هُنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سامهون پوليس بائي پاس تي بيٺل هئي پر ڪنهن به اسانجي واهر نه ڪئي جنھن کان بعد لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهتا آهيون، جتي نه ڊاڪٽر پهتا آهن نه ئي پوليس پهتي آهي،
هُنن اعلیٰ اختياريون کي اپيل ڪندي چيو تہ اسان سان ظلم ٿيو آهي نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي