14/07/2026
سيلاب متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير تي لڳ ڀڳ 5 لک رپين کان وڌيڪ خرچ اچي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ سرسو تنظيم طرفان صرف 3 لک رپيا فراهم ڪيا پيا وڃن۔
غريب ۽ مزدور ماڻهو، جيڪي روز جي روز ڪمائي ڪري پنهنجو گذر سفر هلائين ٿا، اهي باقي 2 يا 3 لک رپيا هن مهانگائي ۾ ڪٿان آڻين؟
🙏 سنڌ حڪومت، سرسو تنظيم ۽ لاڳاپيل ادارن کان پرزور اپيل آهي ته هن فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ سيلاب متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير جي امداد گهٽ ۾ گهٽ 6 لک رپيا مقرر ڪئي وڃي، جيئن هر مستحق خاندان پنهنجو گهر مڪمل ڪري سگهي.
📲 هن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو، جيئن هي آواز وس وارن تائين پهچي سگهي۔