15/08/2025
جنيد جاني کي
ڪنهن گرفتار ڪرايو
تحرير قادر لاشاري
ڊجيٽل دور جي اها ڪا پهرئين بدقسمتي ناهي جو اڄ پوري سوشل ميڊيا جنيد جاني جي گرفتاري واري مسئلي سان ڀري پئي آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي به مجبوري ٿي وئي آهي جيڪي جنيد جاني جي گرفتاري جي خبر رپورٽ ڪن پيا. سوشل ميڊيا جو جائزو وٺڻ کانپوءِ مون وٽ هن اسٽوري جا رڳو ٻه پاسا رپورٽ ڪرڻ لاءِ بچن پيا باقي ته گهڻي ڀاڱي سڀ ڪجهه رپورٽ ٿي چڪو آهي. هڪ اهو ته جنيد جاني ڪير آهي ڪٿان جو آهي. ڪڏهن کان اهو ڪم ڪري پيو. ٻيو اهو ته جنيد جاني کي گرفتار ڪرائيندڙ ڪير آهي ڪٿان جو آهي ايترو طاقتور آهي جو چڱا ڀلا سردار هن کي گرفتار نه ڪرائي سگهيا ۽ هڪ اهڙو شخص جيڪو عام ماڻهو هوندي به طريقي سان ايڏو وڏو ڪم ڪري ويو..
جنيد جاني کي شڪارپور سان تعلق رکندڙ صبور ميمڻ جي فرياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي. مون ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو ۽ صبور ميمڻ جي پويان ڪير آهي. صبور ميمڻ شڪارپور جي مشهور آچار واري حاجي مولا بخش ميمڻ جو پوٽو آهي. مولا بخش جي پٽ صمد ميمڻ جي پٽ صبور ميمڻ جي عمر 21 سال آهي. صبور ميمڻ حافظ قرآن پڻ آهي.
حاجي مولا بخش ميمڻ جو خاندان شڪارپور ۾ پنهنجي برادري جا چڱا مڙس پڻ آهن. صبور ميمڻ جو والد صمد ميمڻ اٿن ويهڻ وارو ماڻهو آهي هنن جا وڌ کان وڌ تعلق سردار بابل ڀيو وارن سان آهن. ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن ۾ ملڪيتون رکن ٿا. هنن جا ٻيا ڪاروبار بعد م شروع ٿيا پر مک ڪاروبار آچار جو ئي آهي..
مولوي صبور ميمڻ جنيد جاني وٽ ڪيئن ڦاٿو..
ايف آئي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت پهرين ريشما نالي ڇوڪري ميسيجر تي صبور ميمڻ سان رابطو ڪيو. جنهن م شروعاتي ڳالھ ٻولهه کانپوءِ ڊائريڪٽ ويڊيو ڪال تي اچي وئي. ويڊيو ڪال ڪرڻ بعد هو فوري طور تي اگهاڙي ٿي بيهي رهي. ايف آئي اي ذريعا ۽ صبور ميمڻ ته ان ڳالھ کي نه ٿا مڃن پر ڇهين حس ان ڳالھ کي تسليم ڪري ٿي ته پوءِ صبور ان مسئلي ۾ خود به انوول رهيو مطلب ريشما سان رابطي ۾ رهيو..
ٻڌايو پيو وڃي ته جنيد جاني ريشما. ڪائنات ۽ ٻين ان قسم جي ڇوڪرين کي استعمال ڪندي مختلف ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندو رهي ٿو جنهن ۾ چڱا ڀلا سردار ڀوتار ۽ وڏيرا به شامل آهن ته ڪافي پئسي ڏوڪڙ وارا واپاري به شامل آهن جيڪي پهرئين شوق م ۽ بعد ۾ بليڪ ميلنگ ۾ جنيد جاني کي پئسا ڏيندا رهن ٿا. جنيد جاني ويڊيوز ايڊيٽنگ پڻ ڪري ٿو
صمد ميمڻ جو چوڻ آهي ته جڏهن مون سان ريشما ويڊيو ڪال تي ڊائريڪٽ اگهاڙو ٿي ڳالهايو ته اها رڪارڊنگ ڪئي وئي ۽ پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ جنيد جاني منهنجي ريشما سان ڪيل ويڊيو ڪال کي ايڊٽ ڪري جنهن جائي تي ريشما جي تصوير هئي اتي پنهنجي تصوير لڳائي اها ويڊيو موڪلي ۽ چيو ته مون تازو هڪ وڏي برادري جي سردار جي ويڊيو پڻ رکي آهي پئسا موڪل نه ته تنهنجي ويڊيو به سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيان ٿو ۽ ان م اوهان جي حاجي مولا بخش ميمڻ آچار فيڪٽري جو نالو به بدنام ڪندس. صبور ميمڻ جو چوڻ آهي ته مان پريشان ٿي ويس ان ڪري مون جنيد جاني کي پئسا موڪليا. جنيد جاني هڪ هفتي اندر مختلف ٽرانزيشن ذريعي صبور ميمڻ کان 42لک گهرائي ورتا.. جڏهن صبور کان پئسا ختم ٿيا ان جي باوجود جنيد جاني جي پئسن لاءِ هڻ وٺ لڳي پئي هئي ته صبور پئسن ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. پوءِ هي مسئلو سوشل ميڊيا تائين پهچي ويو. جيئن ئي معاملو فيس بڪ تي آيو ته صبور کان پنهنجي گهر وارن ڪهاڻي پڇي ته هي مسئلو ڇا آهي. صبور جو والد صمد ميمڻ ياري دوستي وارو عزتدار ماڻهو آهي اڄ ڪلھ ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري سان جنگ وڙهي پيو مٿان وري هي مسئلو به ڳچي م پئجي ويس.
صمد ميمڻ شڪارپور م رهندڙ ايف آئي اي جي هڪ سلجهل آفيسر کي مدد جي اپيل ڪئي. جيڪو اڄ ڪلھ ايف آئي سائبر ڪرائيم سکر ۾ مقرر ٿيل آهي. جن صبور جي درخواست تي جنيد جاني خلاف پهرئين انڪوائري شروع ڪئي انڪوائري ۾ تقريبن سڀ ثبوت ملي چڪا آهن جنهن بعد انڪوائري کي ايف آئي آر ۾ ڪنورڊ ڪيو ويو.
شڪارپور جي ميمڻ برادري واسطي سان گڏ ڪجهه دنيا داري به ڪئي. گذريل ڏينهن ايف آئي اي سکر جي ٽيم جنيد جاني کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچي پهتي. جنيد جاني جي گرفتاري لاءِ ٻن ٽن هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا. جنيد جاني جو گهر ابل حسن اصفحاني روڊ تي آهي جتي جنيد جاني جي ماءُ. ۽ ڀيڻ رهيل هئا. جيئن ئي اتي ڪاروائي ٿي ته اتي جنيد جاني ۽ هن سان گڏ ڪم ڪندڙ ڇوڪري پڻ موجود هئي.
سکر مان گرفتاري لاء پهتل ايف آئي اي ٽيم سان ڪراچي ايف آئي اي سائبر سرڪل جي ٽيم پڻ گڏ هئي پر گرفتاري مهل جنيد جاني وڏي مزاحمت ڪئي جنيد جي هٿ ۾ ڪات هيو ۽ هو لائيو ڪري رهيو هو گڏوگڏ پاڻ سان گڏ ڇوڪري کي چيو ته هو ڪپڙا لاهي ڇڏي اهو سڀ ڪجهه هو اشو ٺاهڻ لاءِ ڪري رهيو هو ان ڪري ايف آئي اي اهلڪار پڻ هن کان ٿورو پري پري رهن پيا. آخر جنيد جي ويجهو اچي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڪات لڳڻ سبب هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو. ۽ جنيد گرفتار ٿي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ته جنيد جاني سميت ان جي ماءُ. ڀيڻ ۽ هن جي دوست کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي هن وقت ايف آئي اي تحويل ۾ آهن. ذريعن موجب جنيد جاني ۽ سندس دوست ڇوڪري جي گرفتاري ايف آئي اي سکر پاران ظاهر ڪئي ويندي جڏهن ته سندس ماءُ ۽ ڀيڻ جي گرفتاري مبينا ٽائون پوليس ڪراچي پاران ظاهر ڪئي ويندي. مبينا ٽائون ٿاڻي تي پڻ جنيد ۽ ٽنهي عورتن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي