bk marri

bk marri general

07/02/2026
24/01/2026
انتهائي ڏک جي خبر.نوابزاده ڄام نور علي خان هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي
23/05/2025

انتهائي ڏک جي خبر.
نوابزاده ڄام نور علي خان هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي

اڄ ڀائرن جهڙي دوست رئيس حاجي شوڪت مگسي جي بنگلي تي ڊاڪٽر غلام محمد مگسي. غازي مگسي علي احمد مگسي .نياز محمد مگسي فدا حسي...
01/04/2025

اڄ ڀائرن جهڙي دوست رئيس حاجي شوڪت مگسي جي بنگلي تي ڊاڪٽر غلام محمد مگسي. غازي مگسي علي احمد مگسي .نياز محمد مگسي فدا حسين مري سان ملاقات ٿي ان لمحن کي ڪئميرا جي اک ۾ قيد ڪيو ڊاڪٽر محمد مٺل مري

شهدادپور ۾ ٻڪرار کان ٻَڪرين جو ڌَڻ ڦر ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جوڊيشل ڪسٽڊي مان فرار، پوليس جون ڊوڙون، ڊي ايس پ...
27/03/2025

شهدادپور ۾ ٻڪرار کان ٻَڪرين جو ڌَڻ ڦر ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جوڊيشل ڪسٽڊي مان فرار، پوليس جون ڊوڙون، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او، ون فائيو انچارج سميت پوليس نفري طلب، جوابدار جي ڳولا جاري

ڪئنال سمورا نا منظور ڄام نواز علي پريس ڪلب اڳيان .شاه جهان جوڻيجو . هوش محمد خاصخيلي. خميسو خان مري.بابل مگسي.. حاجي حاڪ...
27/03/2025

ڪئنال سمورا نا منظور
ڄام نواز علي پريس ڪلب اڳيان .شاه جهان جوڻيجو . هوش محمد خاصخيلي. خميسو خان مري.بابل مگسي.. حاجي حاڪم مري.عبدل رحمان خاصخيلي .رئيس رشيد خان مري .رئيس غلام علي ڪلوئي .حيدر ڪلوئي.يوسف ڪلوئي. صابر مري شاه نواز شر .عبدالله خاصخيلي.عمران بوزدار.لال بخش بلوچ .دائم مجيداڻو. الله ورايو بوزدار جي اڳواڻي ۾ هزارين سنڌ واسين جو احتجاج
جنهن ۾ اڳواڻي سنڌ پاڪ آباد گار فورم سميت سڀني پارٽي جي نمائندگي

21/03/2025

چور ٫ ڀاڳيو ٫ چوڪيدار ٫ ساڳي منصب تي هڪ يار .......

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا…آڪاش انصارينڪي عشق آتش فشان ٿي اُڀاميو،نه ئي ديپ دل مان اوهان جو اُجهاميو،نه سورن جي شدت کان...
15/02/2025

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا…

آڪاش انصاري

نڪي عشق آتش فشان ٿي اُڀاميو،
نه ئي ديپ دل مان اوهان جو اُجهاميو،
نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين،
نه سگريٽ جو ڦلو ٿي ڇڻياسين،
دُکياسين،
جلياسين،
اڌورا اڌورا،
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا...

کلياسين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو،
رُناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو،
نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رُناسين،
کلياسين رُناسين اڌورا اڌورا،
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا...

نه تارڪ ٿي دنيا هي تياڳي سگهياسين،
جهان جو به جهنجهٽ نه جهاڳي سگهياسين،
نه تون ملين،
نه ڪنهن ٻئي جا ٿياسين،
هتان کان به وياسين،
هتان کان به وياسين،
۽ دنيا جي ڌنڌي ڪرڻ کان به وياسين،
مرڻ جي مزي کان به محروم رهياسين،
۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا،
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا..

عمر اڌ اڻ کٽ عبادت ۾ وئي،
۽ باقي بُتن کان بغاوت ۾ ويئي،
خدا ڀي نه مليو نه ان جي خدائي،
اي آڪاش! جندڙي ائين وئي اجائي،
۽ ڳولها جي رڻ ۾ رُلياسين اڌورا اڌورا،
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا…

ڄام نواز علي : ڄام نواز علي ۾  ڄام ھائوس  تي مري برادري جي ٿيل خون جو فيصلو چيف سردار حاڪم خان نو ھاڻي، ڄام نفيس علي خان...
09/11/2024

ڄام نواز علي : ڄام نواز علي ۾ ڄام ھائوس تي مري برادري جي ٿيل خون جو فيصلو چيف سردار حاڪم خان نو ھاڻي، ڄام نفيس علي خان جي نگراني ھيٺ ٿي گذريو ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌي سندن امينن گواھن جي روبرو فيصلو ڪيو ويو جنھن ۾ ڌر علي مردان مري ڏوھي آھي مٿس سائينداد مري جي نوجوان پٽ جو خون ثابت ٿيڻ تي خون جو ڏنڊ ايڪاسي لک رپيا 81 رپيا خون بعد لاش کي جي تذليل ڪرڻ جو ڏنڊ چاليھ لک پنجاھ ھزار روپيا 40 لک پنجاھ ھزار روپيا رکيو ويو ٽوٽل ڏنڊ رقم ھڪ ڪروڙ ايڪيھ لک پنجاھ ھزار روپيا مقرر ڪيو ويو ٻنھي ڌرين فيصلو قبول ڪري کير کنڊ ٿيا جيڪو گولي لڳڻ جي ايف آئي آر ٿي ان جو ساک ورتو ويندو جنھن تي ثابت ٿيو ان جو ڏنڊ ڏھ لک رپيا 10 لک رپيا مقرر ڪيو ويو ان موقعي تي قائم مقام ٽنڊو الهيار جي چيرمين دريا خان مري، آبادگار اڳواڻ حاجي محمد مري، وڏيرو غلام رسول وساڻ، رئيس بابل مگسي، حاڪم خان مري ،ڌڻي بخش مري، سائين بخش مري،حاجي حاڪم مري ۽ ٻين راڄ جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي

29/10/2024

کٿوري اتي کول؛ جتي سوداگر سرهاڻ جا
اجائي عطر نه رول؛ اڳيان اڻڄاڻ جي.

Address

Sanghar
Sanghar

Telephone

+923003056241

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when bk marri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to bk marri:

Share