Majhta Digital Magazine

Majhta Digital Magazine MAJHTA Digital Magazine created for Sindhi World Literature improvement

26/08/2026

#جيءُ جيءَ سان ملا جاني.
سينگار علي سليم

غزلالطاف انصاريوارن ۾ ڪا سانجھي   ويڙھي ھوء رکي ٿيسونھن جا ڪيڏا سپنا ميڙي   ھوء رکي ٿيتيز ھوا    ۾  مُک   تان    ھر ھر  ...
26/08/2026

غزل

الطاف انصاري

وارن ۾ ڪا سانجھي ويڙھي ھوء رکي ٿي
سونھن جا ڪيڏا سپنا ميڙي ھوء رکي ٿي

تيز ھوا ۾ مُک تان ھر ھر وار ھٽائي
اڀ تي رمندا بادل ٿيڙي ھوء وجھي ٿي

مونجھو من تي،ماٺ چپن تي،لڙڪ ڳلن تي
اڄ تہ لڳي ٿو جڳ سان جھيڙي ھوء اچي ٿي

ڀيڄ ڀنيء ۾ نيڻ ننڊاکا جڏھن ٿي کولي
رات ـ بدن مان باک اڊيڙي ھوء وجھي ٿي

دل جي دنيا ، پيار جي دنيا ھڪڙي اڏڻ لئہ
سوچون، سپنا سڀئي سھيڙي ھوء ملي ٿي

ڪويل جھڙا ٻول سـريلا سـجنيء جا
گيت سنگيت سمورا ڇيڙي ھوء ڇڏي ٿي

مرڪون ماکيء. لارون ، نرمل نور نھارون
اوسي پـاسي پيار پکيڙي ھوء ھلي ٿي

جڏھن ملي ٿي مونسان انصاري ھوء مرڪي
نيڻن ۾ ڪئين سپنا کيڙي ھوء وڃي ٿي

غزل

چڪر تنھنجي گھر جو ھڻي ٿي اچي
ھوا واس تنـھـنـجو کـڻي ٿي اچي

سڄڻ سارَ تنھنجي ڏسي ھيءُ سانوڻ
اڳي کان تہ ھاڻي گھڻي ٿي اچي

اسان سِرُ ڏيون ۽ اسان ساہ گھوريون
اگر دل جو ڪوئي ڌڻي ٿي اچي

ھُتي ڏِس تہ. جل ٿل ڪئي بادلن آ
ھِتي ڏِس رڳي ڪا ڪڻي ٿي اچي

اچي ٿي اُٺي جي ھوا تنھنجي مُلڪئون
سڄڻ سارَ تنھنجي کڻي ٿي اچي

اسان ڪو نہ "الطاف" گُھريا مسيحا
ھجي بس ڪو ڌرتيء ڌڻي ٿي اچي

Shout out to my newest followers! Excited to have you onboard! Rafiqzaman Detho, Humair Meerani, Rizwan Ali Gadehi, Abdu...
26/08/2026

Shout out to my newest followers! Excited to have you onboard! Rafiqzaman Detho, Humair Meerani, Rizwan Ali Gadehi, Abdul Aleem Abro, Rashid Kalhoro, Rabdino Solangi, Riazahmed Khokhar, Muhammad Ramzan Memon, Imam Ali Solangi, Arfeen Jatoi, RustamAli Depar, Äïjäž Äłï KhäsKhëlî, Waseem Siyal, Manzoor Ali Arijo, Barkat Alee Bajeer, Yasir Ali Soomro, Ijaz Ali Khari Baloch, Aashokh Kewalramani, Nisar Abro, Mutva Chagla, Mashoque Ali Thebo, Salah Uddin Channa, Naeem Raza Wassan, Ayaz Khaskheli, Ghulam Rasool, Ghulam Mustafa Mandhro, Nanak Kumar Dn, Aafaq Ghanghro, Sajad Ali, M Saleem Gahelro, Faiz Muhammed Joyo, Pithu Mal Sanjo, Qamber Ali Laghari, Liaquat Ali Larik, Saajid Ali Kumbhar, Mian Majid Rehmani, Talib Hussain Jamali, Maqsood Ahmed Junejo, Gulam Nabi, Ghulam Mustafa Samejo, Sobho Rabari, Khadim Hussain, Allahrakhio Khoso, Fawad Umrani, Muhabt Ka Khzana, Ayaz Ali Veesar, Neemat Samo, Ali Dino, Amar Pahuja, Abid Hussain Soomro

25/08/2026

#او دودا منهنجي ڌرتيءَ جا،
ڪشمور ڪراچي ڪيٽيء جا.
استاد گلزار علي خان صاحب ،محفل

غزل وفاجانوريجيء اندر ڪا  جهاتي   گهرجيسور سهڻ لئه   ڇاتي    گهرجي بنگلو.      سهڻو    آهي   ڇاٿيوليڪن.     گهر ۾  ڀاتي ...
25/08/2026

غزل

وفاجانوري

جيء اندر ڪا جهاتي گهرجي
سور سهڻ لئه ڇاتي گهرجي

بنگلو. سهڻو آهي ڇاٿيو
ليڪن. گهر ۾ ڀاتي گهرجي

سڪ سڄڻ لئه رکجي دل ۾
درشن لئه اک آتي گهرجي

ننهن سان جيڪا ڪونه مري ٿي
تنهن جي ڪنڌ لئه ڪاتي گهرجي

خالي هٿ سان جنگ ڪبي ڇا
لشڪر ڪوئي هاٿي گهرجي

سور اڪيلا ڪنهن سان سلجن
صحبت لئه ڪو ساٿي گهرجي

             “ ديدار معصوم “   مايُوسِين جو   مامۡ   نَه  ٿينديُون ،   تَدبِيرُون      ناڪامۡ   نَه   ٿينديُون .   خُونُ...
25/08/2026



“ ديدار معصوم “

مايُوسِين جو مامۡ نَه ٿينديُون ،
تَدبِيرُون ناڪامۡ نَه ٿينديُون .

خُونُ خَرابو خُوبُ ڏٺوسِين ،
هاڻِ ڪَنڌيُون قُهرامۡ نَه ٿينديُون .

اَحساسَن جا تَختَ پيا سَجندا ،
مَحلاتُون ماتامۡ نَه ٿينديُون .

پَرَ ۾ پُشت پَناهون مِلنديون ،
نَزدِيڪيون بَدنامۡ نَه ٿينديُون .

گَهر گَهر مَست بهارُون هُونديون ،
هُٻڪارون قَتلامۡ نَه ٿينديُون .

منهنجي عشقَ جون منزل گاهون ،
سَستو ڪوئي دامُ نَه ٿينديُون .

قَطعِي هن“مَعصُومَ “ڪَويءَ جُون،
تَخليقُون نِيلامۡ نَه ٿينديُون .

غزلڪُجھ قدم، سَڪرات کان، ٻاهر هُئس،پاڻ کان پر؛    ___رات کان، ٻاهر هُئس.ايئن، اجايا.   ڏَند ڪَرٽين    پيو پريان،موت! تنه...
25/08/2026

غزل

ڪُجھ قدم، سَڪرات کان، ٻاهر هُئس،
پاڻ کان پر؛ ___رات کان، ٻاهر هُئس.

ايئن، اجايا. ڏَند ڪَرٽين پيو پريان،
موت! تنهنجي وات کان، ٻاهر هُئس!

تو کَٽيو يا مُون ، اجايو ئي هُيو،
جيت کان يا مات کان، ٻاهر هُئس.

ٿورڙو ئي ، ڪو سُڌارو ٿي پوي،
سو ؛ اُنهي ءَ حالات کان، ٻاهر هُئس.

منهنجي دل تي هئي ڪِري، سڀ خير ٿيو،
مان مگر /، محلات کان، ٻاهر هُئس.

سنڌ قبلو آ، سو ، پُوري زندگي،
مان قبيلي ، ذات کان ، ٻاهر هُئس.

غزل :آس ٻٻر

25/08/2026

#اسلم تنيو

غزلوسيم سومرو ظلم جو، جي زور پٿر ٿي وڃيشھر جو هي شور پٿر ٿي وڃييا خدا مون جي کسيو ڪنهن کان هجيمنهنجو مانيءَ ڀور پٿر ٿي و...
24/08/2026

غزل
وسيم سومرو

ظلم جو، جي زور پٿر ٿي وڃي
شھر جو هي شور پٿر ٿي وڃي

يا خدا مون جي کسيو ڪنهن کان هجي
منهنجو مانيءَ ڀور پٿر ٿي وڃي

اُڃ جو جادو نه ڪر اي آسمان!
ايئن نه ٿئي هي مور پٿر ٿي وڃي

گهر ڌڻي جاڳن ته پنهنجي خوف ۾
رات هيٺان چور پٿر ٿي وڃي

جي ٿئي ڪاٽا لغڙ ڪو واءَ ۾
ٻار چئي ٿو ڏور پٿر ٿي وڃي

هيءَ وڏي ڪا بي حسي چئبي وسيم
دور جو ئي دور پٿر ٿي وڃي

غزلڪريون ٿا ڳالھ جي حق جي تتل ڪنهن تيل ۾ ھڻنداھي رشوت خور.    ڪامورا وري  ڪنهن ويل ۾ ھڻنداڪندي ڦر جي  مري ڦورو ٽنگيل    ...
24/08/2026

غزل

ڪريون ٿا ڳالھ جي حق جي تتل ڪنهن تيل ۾ ھڻندا
ھي رشوت خور. ڪامورا وري ڪنهن ويل ۾ ھڻندا

ڪندي ڦر جي مري ڦورو ٽنگيل ڦاسي تي ڀاڳيو آ
بچي ڇو رھزنن کان وئين اھو چئي جيل ۾ ھڻندا

اگر ڌاڙيل ماري ٿو چون ٿا موت لکيل ھو
کڻي لاشو ڪو واٽھڙو گاڏي ڪنهن بيل ۾ ھڻندا

اسان جا ھي ارادا ھن ھماليا کي جھڪائڻ جا
وٽي ظالم سڻي مان ڪورسو ھن چيلھ ۾ ھڻندا

ڪرائي ڪيس ھٿرادو مڙھيندا شير ماڻهن تي
وڏي ڪنهن ڪوٽ ۾ واڙي ڍڳن جيئن ڀيل ۾ ھڻندا

شيرمحمد ھاليپوٽو

Address

Sehwan Sharif
Sehwan
76140

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Majhta Digital Magazine posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category