Voice of Shahdadkot News

Voice of Shahdadkot News Voice of Shahdadkot News

شهدادڪوٽ: شهر جي ڪالا فقير مڪان پاڙي مان موٽرسائيڪل سوار هٿيار بند 12هين ڪلاس جي شاگرد خرم حسين عباسي کان موبائيل فون ڦر...
24/06/2025

شهدادڪوٽ: شهر جي ڪالا فقير مڪان پاڙي مان موٽرسائيڪل سوار هٿيار بند 12هين ڪلاس جي شاگرد خرم حسين عباسي کان موبائيل فون ڦر ڪري فرار واقعي جو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع

24/06/2025

شهدادڪوٽ: امام بخش جمالي روڊ تي قائم خالي مدرسي ڀرسان لاوارث اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ

شهدادڪوٽ: علائقي واسين مدرسي ٻاهران پيل لاش ڏسي اي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڏنو

شهدادڪوٽ: اي سيڪشن پوليس لاش کڻائي تعلقا اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽر ٻڌايو ته لاش 24 ڪلاڪن کان پراڻو آهي

شهدادڪوٽ: لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي لاوارث حالت ۾ تعلقا اسپتال ۾ پيل

22/06/2025

شھدادڪوٽ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي شھر ۾ وڌندڙ بدامني جي واقعن خلاف ڪارڪنن ھٿن ۾ پارٽي جا جھنڊا کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي نعريبازي ڪئي وئي،

شهدادڪوٽ: ايس يو پي ڪارڪنن حمل خان خشڪ، الھداد خشڪ، آصف علي مگسي، رميز تونيو، سڪندر خشڪ الطاف سومرو،اختيار جمالي فياض مگسي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو

شهدادڪوٽ: شھري پنهنجي گھرن ڪاروبارن ۾ غير محفوظ بڻيل آهن شھرين جو زندگيون بدامني ڪري داء تي لڳل آهن: اڳواڻ

شھدادڪوٽ: شھري ڏينھن ڏٺي جو بدامني واقعن جو شڪار بڻجي وڃن ٿا پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناھي ڪيو: اڳواڻ

شهدادڪوٽ: شھرين کان مختلف واقعن ۾ شھرين کان ڦر ٿيل شيون موٽر سائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي، اسپتال روڊ جي جمع خان کرل تان نور احمد سومرو جي ميڊيڪل تان ڦر ٿيل لکين روپين جي روڪ رقم رڪور ڪرائي شھر ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي: اڳواڻن جو مطالبو

شهدادڪوٽ: مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو ضلعي تائين وڌائي احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو پڻ چتاء ڏنو

21/06/2025

شھدادڪوٽ: تعلقا اسپتال روڊ تي جمع خان کرل چوڪ تي نور احمد سومرو جي ميڊيڪل اسٽور تان 3 موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن 3لکن کان وڌيڪ روڪ رقم، خاني ۾ پيل موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار، واقعي جو اي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع پوليس پهچي واقعي جا تفصيل ورتا.

20/06/2025

شهدادڪوٽ: بلوچستان جي علائقي خضدار کان ميهڙ ويندڙ ڪوچ قبوسعيد خان روڊ تي نوراني مسجد ڀرسان 11هزار ووليٽ جي تارن سان ٽڪرائجي وئي ڪرنٽ لڳڻ ڪري خضدار واسي صابر نديم سڙي سخت زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شهدادڪوٽ اسپتال منتقل

19/06/2025

شهدادڪوٽ: بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هسراڻي پيٽرول ڀرسان خالي پلاٽ تان نوجوان جو ڳلو ۽ چهرو ڪٽيل لاش هٿ

شهدادڪوٽ: هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ گڏه گاڏو هلائيندڙ پورهيت نوجوان 30 ورهين جي گل محمد پٽ مير محمد چانولي جي نالي سان ٿي

شهدادڪوٽ: بي سيڪشن پوليس هٿ آيل لاش کڻائي تعلقا اسپتال پهچايو جتي وارث هنجو هاريندا قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندا پهتا، اسپتال ۾ ماحول سوڳوار

شهدادڪوٽ: نوجوان کي عزيزن پاران سڱاوتي تڪرار تان عزيزن قتل ڪري ڦٽو ڪيو آهي قاتلن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي: مقتول گل محمد جو والد مير محمد چانولي

19/06/2025

شهدادڪوٽ: ملت جعفريه جي اڳواڻن جي ضلعي انتظاميه پاران سهڪار نه ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس

شهدادڪوٽ: شھر جي سيد حسن علي شاھ جي امام بارگاه ۾ ملت جعفريه ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي اڳواڻن سيد حسن علي شاھ، سيد ضمير حسين شاھ، سيد علي اڪبر شاھ، سيد غلام سرور شاھ نقوي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته 18 ذوالحج عيد غدير جي ڏينهن تي پابندي مڙهيل تنظيم جي ماڻهن پاران غير اخلاقي زبان ڳالهائي وئي: شيعا اڳواڻ

شهدادڪوٽ: مختلف تاريخن تي رٿيل جلسن ۾ به غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪئي وئي جنهن جي ايف آئي آر انتظاميا نه ٿي وٺي، جنھن ڪري ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي شيعا اڳواڻن ڊي سي جي آفيس ۾ اجلاس مان بائيڪاٽ ڪيو: شيعا اڳواڻ

شهدادڪوٽ: مختلف جلسن سميت عيد غدير جي ڏينهن تي اھلبيت عليه السلام جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ شرپسندن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي: شيعا اڳواڻن جو مطالبو

شهدادڪوٽ: ايف آء آر نه ٿيڻ جي صورت ۾ ھنن سڀاڻي جمعي نماز بعد قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ضلعي انتظاميا خلاف ملت جعفريا پاران سخت احتجاج ڪرڻ جو پڻ اعلان

شهدادڪوٽ: 22 جون آچر ڏينهن تي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي شيعا اڳواڻن جو اجلاس سڏايو ويو جنھن ۾ وڌيڪ لائي عمل جوڙي اعلان ڪيو ويندو: شيعا اڳواڻ

شھدادڪوٽ: اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کي ھي نينگر مليو آهي جنهن جو به آهي اي سيڪشن ٿاڻي تي سڃاڻپ ڪرائي وٺي وڃي
19/06/2025

شھدادڪوٽ: اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کي ھي نينگر مليو آهي جنهن جو به آهي اي سيڪشن ٿاڻي تي سڃاڻپ ڪرائي وٺي وڃي

19/06/2025

شهدادڪوٽ: سنڌ انسٽيٽيون آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيز جي چيف مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر محمد موسيٰ جو سنڌ حڪومت پاران شهدادڪوٽ ۾ چيسٽ پين يونٽ جي اعلان تي تعلقا اسپتال جو دورو

17/06/2025

شھدادڪوٽ: پيرا ميڊيڪل اسٽاف شھدادڪوٽ پاران مرڪزي سڏ تي ملازم دشمن بجيٽ خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٽوڪن ھڙتال ڪري تعلقه اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي،

شهدادڪوٽ: اڳواڻن جاويد مغيري، پير بخش بروهي، محمد سليمان ڪمبوھ، آصف ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سال 2025 ۽ 26 جي بجيٽ ملازم دشمن بجيٽ آهي

شهدادڪوٽ: ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي هجڻ باوجود هن بجيٽ ۾ ملازمن سميت پورهيت طبقي لاءِ ڪوبه رليف نه رکيو ويو آهي: مظاهرين

شهداسڪوٽ: ٻين صوبن جيئان موجوده بجيٽ ۾ سنڌ جي صحت کاتي جي ملازمن کي ڊسپرٽي رڊڪشن الائونس سميت ٻيا الائونس ڏيئي ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

17/06/2025

شھدادڪوٽ: پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ منير بروهي جي ڪراچي جي منگھو پير واري علائقي مان گرفتاري واري عمل خلاف شهيد ڀٽو ڪارڪنن هٿن م بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي شهدادڪوٽ پريس ڪلب اڳيان ڪراچي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
مظاهرين وزير علي کوسو، لالا سجاد کجڙ، مشتاق احمد بروهي، رفيق احمد کوسو، بلاول باغي، امجد قريشي، گدا حسين مستوئي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪراچي جي منگو پير جي علائقي مان پ پ شهيد ڀٽو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي اڳواڻ منير احمد بروهي کي بلا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪيون ته بلا جواز گرفتار پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ منير احمد بروهي کي آزاد ڪري شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

16/06/2025

شھدادڪوٽ: 17 ڏينهن اڳ قتل ٿيل زراعت کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر عاشق حسين چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو قمبر شهدادڪوٽ روڊ تي شاميانا ھڻي رڪاوٽون وجهي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو، ڌرڻي سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو سميت ٻين شھرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل

شهدادڪوٽ: مظاهرين آصف چانڊيو، اياز چانڊيو، فياض چانڊيو،خوشحال چانڊيو،سليم چانڊيو عابد چانڊيو جي اڳواڻي ڌرڻو هڻي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو

شهدادڪوٽ: زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عاشق حسين چانڊيو جي قتل کي 17 ڏينهن گذري ويا آهن قاتل جوابدار سري عام گھمي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اي سيڪشن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪا به ڪاروائي نه ٿي ڪري: مظاهرين

شهدادڪوٽ: ڊي آء جي لاڙڪاڻي نوٽيس وٺي نااھل اي سيڪشن ايس ايڇ او شاھد خان پٺاڻ کي ھٽائي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي: مظاهرين جو مطالبو

Address

Shahdadkot

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Voice of Shahdadkot News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Voice of Shahdadkot News:

Share