08/09/2025
ايڪھٺ سال اڳ سنڌو درياھ تي ، مورو کان ”لليا پتڻ“ وٽان جوڙايل ”پھرين ٻيڙين جي پل“، ھيء پل 1964 ڌاري ضلعي نواب شاھ جي انتظاميا 25 لک روپين ۾ تيار ڪرائي، جيڪا پھرين نومبر 1967 ۾ جشن نواب شاھ جي موقعي تي آمدرفت لاء کولي وئي ، ھن پل پھريون ڀيرو نہ رڳو نواب شاھ ، دادو ضلعي کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ، پر مورو ۽ دادوء جي وچ ۾ سوا ٻہ سو ميل مفاصلو پڻ گھٽايو ،ھيء ٻيڙين جي تاريخي پل يارنھن سو فوٽ ڊگھي ۽ ٻارنھن فوٽ ويڪري ٺاھي وئي ھئي ، ھن پل جو تاريخي ڦوٽو نواب شاھ جي ان وقت جي نامياري ڦوٽو گرافر ايس ايم اسلم ڪڍيو جڏھن تہ نومبر 1967 تي ملھايل جشن نواب شاھ جي موقعي تي نواب شاھ جي نامياري صحافي مرحوم محرم علي ڀٽيء پاران عبرت جو خاص ايڊيشن نواب شاھ بابت ڪڍرايو ويو جنھن ۾ لليا پتڻ وٽ درياھ سنڌ تي ٻيڙين جي جوڙيل ھن پھرين پل جي تصوير ۽ ذڪر بہ شامل ڪيو ويو۔
ماڻڪ ملاح۔
::::🌻
غلام سرور کيڙو صاحب لکيو آهي ته:
I have great memories about this boat bridge which was near to my village ....Aslam photographer in Moni bazaar opp. Cloth market covered all events of Khoja sb School Nawabshah where I studied (1959-62)...and then Bhatti sb...the heart and soul of Press Club..
:::🌻
:::🌻
Hassan Ali