Daily Jamali News

  • Home
  • Daily Jamali News

Daily Jamali News Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Daily Jamali News, Social Media Agency, .

ملڪ ۾ ٽماٽن جو ريٽ ڊالر کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو ـــــــ
19/10/2025

ملڪ ۾ ٽماٽن جو ريٽ ڊالر کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو ـــــــ

پنهنجي ٻارڙن کي نرسري کان مئٽرڪ ۽ انٽر تائين داخلا وٺڻ لاء عمر جي حد چيڪ ڪيو
19/10/2025

پنهنجي ٻارڙن کي نرسري کان مئٽرڪ ۽ انٽر تائين داخلا وٺڻ لاء عمر جي حد چيڪ ڪيو

19/10/2025

ڪراچي جي هوٽلن، فاسٽ فوڊ ۽ برياني سينٽرن تي مئل ڪڪڙ جو گوشت سپلاءِ ٿيڻ جو انڪشاف

18/10/2025

ڏک جي خبر
ڳوٺ باگو جمالي جو رھواسي مور فقير جو ڀڻايو ـ ارباب ۽ حضور بخش مڱڻھار جو والد ۽ جميل مڱڻھار جو نانو جمعو فقير لاڏاڻو ڪري ويو

نيوسعيدآباد واسي پاڪ آرمي جوان وطن عزيز جي حفاظت ڪندي شھيدڳوٺ فقير آباد جو رھواسي پاڪ آرمي جوان ذيشان ولد غلام شبير ملاح...
18/10/2025

نيوسعيدآباد واسي پاڪ آرمي جوان وطن عزيز جي حفاظت ڪندي شھيد
ڳوٺ فقير آباد جو رھواسي پاڪ آرمي جوان ذيشان ولد غلام شبير ملاح اسڪردو ۾ وطن جي حفاظت ڪندي شھادت ماڻي ـ اطلاع تي فقير آباد ڳوٺ جي فضا سوڳوار ٿي وئي ھر اک آلي

18/10/2025

کڏھر بريڪنگ نيوز
رپورٽ: رياض زرداري
کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني وڌي وئي آهي، جتي ٿاڻي جو هيڊمحرر مبينا طور ڏوھارين سان رابطن ۾ ۽ وڏيرن جي دعوتن ۾ مصروف آهي.رات دير سان مھر علي جمالي لڳ ڳوٺ جتو مگسي مان ڳوٺاڻي مير محمد مگسي جي گهر ۾ چئن نامعلوم چورن داخل ٿي مينھن ۽ پاڏو چوري ڪري ڪاھي فرار ٿي ويا۔ چورن کي جڏهن ڳوٺ حسن جمالي وٽان ميوو جمالي ۽ حسن جمالي سميت ڳوٺاڻن ڏٺو ته جتي چورن ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ڳوٺاڻن ھمت ۽ مڙسي جو مظاھرو ڪيو جنھن دوران چور مينھن ۽ پاڏو ڇڏي رات جي اونداھيءَ جو فائدو وٺي ڀڄي نڪتا۔ڳوٺاڻن چوري ٿيل مينھن ۽ پاڏو پنهنجي تحويل ۾ وٺي فوري طور کڏھر پوليس کي اطلاع ڏنو، پر پوليس روايتي سستي برقرار رکندي ٻه ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي۔ڳوٺاڻن جي بهادري ۽ فوري ڪارروائيءَ تي علائقي ۾ ساراهيو پيو وڃي، جڏهن تہ علائقي واسين ايس ايس پي نوابشاه کان مطالبو ڪيو تہ کڏھر ٿاڻي جي پوليس عملدارن جي ڪن لٽار ڪئي وڃي جيڪي ڏوھارين سان رابطا ۾ رھن ٿا ۽ انھن کان خرچ پاڻي جي مبينا طور گھر ڪن ٿا جنھن سبب حد ۾ ڏوھ وڌي ويا آھن چورين جو آزار وڌي ويو آهي اسان ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ مڙسي ڪري چوريون ڇڏائي رھيا آھيون پر پوليس گشت ڏسڻ ۾ نٿو اچي ٿاڻي جي ڪرپٽ ڏوھارين جي ساٿاري عملي کي فوري طور ھٽايو وڃي.ان جي جاء فرض شناس آفيسر عملدار مقرر ڪيا وڃن. جئين ڏوھن تي ضابطو اچي سگھي.

ڪيس ٿو داخل ڪرين؟ نوابشاهه ۾ واپڊا وارن ايس ايڇ او ثناءُ الله پنهور جي گهر جي بجلي ڪٽي ڇڏي
17/10/2025

ڪيس ٿو داخل ڪرين؟
نوابشاهه ۾ واپڊا وارن ايس ايڇ او ثناءُ الله پنهور جي گهر جي بجلي ڪٽي ڇڏي

سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ سٺي خبر..
17/10/2025

سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ سٺي خبر..

17/10/2025

*ٽريزري آفيسر جي ھي ڪھاڻي ضرور پڙھجو*

منهنجو نالو رمضان آهي۔
مان ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ هڪ آڊيٽر آهيان۔

اڪائونٽس آفيس اها جڳهه آهي جتان سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن وغيره جاري ٿين ٿيون۔ چپڙاسيءَ کان وٺي ضلعي اڪائونٽ آفيسر تائين سڀ ڪو رشوت وٺي ٿو۔ مون جڏهن نوڪري شروع ڪئي، چند ڏينهن بعد ئي "ديهاڙي" لڳي وئي۔

اڪائونٽ آفيس ۾ جائز ۽ ناجائز سڀ ڪم رشوت وٺي ڪيا وڃن ٿا۔ پگهار ته رڳو اچڻ وڃڻ جي آهي۔ ڪو فولڊر کولڻ، فائل کڻڻ يا ڪم اڳتي وڌائڻ لاءِ سائل کي رقم ڏيڻ ئي پوندي آهي، ڪڏهن ڪلرڪن يا چپڙاسين جي هٿان، ڪڏهن سڌو سنئون اسان وٽ۔

پوليس شايد ڪڏهن ڪنهن کان پيسا نه وٺي، پر اسان ائين نه آهيون۔ جيڪڏهن ڪا وڏي سفارش اچي وڃي، ڪنهن آفيسر يا ايم اين اي، ايم پي اي جي، ته پوءِ ڪم گهٽ ريٽ تي يا مفت به ٿي وڃي ٿو۔

شروع ۾ ضمير تڪليف ڏيندو هو، پر پوءِ خبر ناھی ڪيئن دل مطمئن ٿي ويو۔ نوان ملازم هجن يا رٽائر ٿيل بزرگ مرد يا عورتون ــ مان بنا رشوت جي ڪنهن جو ڪم ڪونه ڪندو هوس۔

اسان جو طريقو اهو هوندو ته سڌو جواب نه ڏيون، بس ڪم کي لٽڪايو رکو يا بيڪار اعتراض لڳائيندا رهون، ائين جو ماڻهو ذليل ٿي رشوت ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃي۔ هر ڪم لاءِ الڳ ريٽ هوندو، جيتري وڏي رقم، اوترو وڏو ريٽ۔ رٽائرمنٽ جي ادائگيءَ جا ريٽ هاڻي لکين ۾ آهن۔

شادي ٿي۔ پهريون پٽ نابينا پيدا ٿيو۔ دل ڏڪي ويو ته هيءُ منهنجن گناهن جي سزا ته ناهي؟ دل ۾ جيڪي جواز ٺاهيا هئا، ڄاڻ ته هئي ته حرام کائي رهيو آهيان، ۽ پنهنجي گهر وارن کي به اهوئي کارائي رهيو آهيان۔ هڪ لک پنجاهه هزار جي پگهار سان ڇا ٺهندو؟ جڏهن مهيني جا خرچ چار پنج لک هجن، مٿان ٻن ٽن گرل فرينڊز جا خرچ به پاڻ ڀريان ــ اهي به سرڪاري ملازمائون هيون، آفيس ۾ ملي سيٽنگ ٿي وئي۔

ٻي ڌيءَ به نابينا پيدا ٿي۔ هن ڀيري علاج لاءِ سڀ ڪجهه ڪرايو، جديد اسڪيننگ، ماهر ڊاڪٽر، پر نتيجو ساڳيو۔ هن ڀيري دل تي يقين ٿي ويو ته “پڪڙ” ٿي وئي آهي۔ پر پوءِ پاڻ کي سمجهائڻ لڳس ته الله معصومن کي ڇو سزا ڏيندو؟ بهرحال رشوت ڇڏڻ جو حوصلو نه ٿيو، بلڪه ريٽ وڌائي ڇڏيا، ڇو ته علاج جو خرچ به وڌي ويو هو۔

ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بزرگ جو ڪم مفت ڪري پاڻ کي وڏو سخاوت وارو سمجهندو هوس۔ جڏهن ڊاڪٽر پڪ سان چيو ته “توهان جا ٻار ڪڏهن به نه ڏسي سگهندا، هيءَ ڄمڻ کان نابينا آهن”، تڏهن منهنجي زال طلاق جو مطالبو ڪيو۔ سبب گهڻا هئا ــ منهنجا لاپرواهه رويا، افئيرز، رشوت نه ڇڏڻ، ۽ گهر وارن جو الزام ته ٻار منھجي ڏوھن سبب ائين ٿيا۔ هوءَ پڙهيل لکيل هئي، پهرين سڀ سهي وئي، پوءِ پنهنجو فيصلو ڪيو ۽ ٻارن کي ڇڏيندي ڀاءُ وٽ بحرين هلي وئي، عدالت مان طلاق جو نوٽيس موڪليو۔

گهر وارن چيو ته ٻارن کي ان جي نالي تي لک ڏي، ڇو ته هو سنڀالي نه سگهندا هئا۔ منهنجي گرل فرينڊز به شادي لاءِ تيار هيون، پر ٻارن کي ڪو به قبول نه ڪندو هو۔

آخرڪار مان پاسپورٽ ٺهرائي، بغير ڪنهن کي ٻڌائڻ جي بحرين اچي ويس، زال وٽ۔ نوڪريءَ تان استعيفيٰ اي ميل ڪئي۔ هتي اسان ٻنهي مڙس زال کی نوڪري ملي وئي، ۽ هڪ سال ۾ پاڪستان کان ٽي سئو گنا وڌيڪ پيسا ڪمائڻ لڳاسين۔ ڪو به پيسو حرام جو نه هو۔ دل ۾ خيال آيو، “ڪاش جن ماڻهن کان ناجائز ورتو، اهي پيسا واپس ڪري سگهان।” ڪا راهه نظر نٿي اچي، رقم لڳ ڀڳ ڇهه ست ڪروڙ آهي۔ نيت ڪئي آهي ته الله ان قرض کي لٽائڻ کان اڳ موت نه ڏئي۔

هاڻي سمجهيم ته رزق ته قسمت ۾ لکيل هوندو آهي، پر اسان جو اختيار آهي ته ان کي صبر سان حلال ذريعي حاصل ڪريون يا تڪڙ ڪري حرام ذريعي سان۔ پوئتي به پروموشن ٿيڻ واري هئي، مهيني جا ڏهه ٻارهن لک ملڻا هئا، پر ان مان اَسي سيڪڙو حرام هجي ها۔ هتي هر پئسو حلال آهي۔

اها به حقيقت سمجهي آهي ته جڏهن ڪمائي حرام جي هوندي، ته ان کي ظاهر به نه ٿو ڪري سگهجي۔ پندرهن سال پراڻي “کوتا ڪورولا” هلائيندو هوس، ساٿي چوندا “موجون ڪر پر ڏيکار ڪونه”، پراپرٽي نه وٺ، لائف اسٽائل نه بدل۔ لعنت آهي اهڙي ڪمائيءَ تي جنهن کي کلي خرچ به نه ڪري سگهجي۔ سوچيندو هوس، “هي ڪهڙي زندگي آهي؟ هي ڪهڙو رتبُو، هي ڪهڙي دولت؟”

۽ هاڻي سمجهي ويس ته معذور ٻار اسان جي گناهن جي سزا نه هوندا آهن، بلڪه اهي اسان جي زندگيءَ ۾ اها تبديلي آڻيندا آهن جيڪا اسان کي انسان بڻائي ٿي۔ منهنجي زندگيءَ ۾ به انهن ٻارن مون کي حيوان مان انسان بڻايو۔ اسان جو ٽٽل رشتو انهن بچايو۔ مون کي صحيح راهه ڏيکاري۔

اهي ٻار نه هجن ها ته مان اڄ به اهوئي بي ضمير، بي غيرت، بي شرم ۽ شيطان صفت ماڻهو هجان ها، جيڪو بيواهن کي تڪليف ڏيندو، يتيم ٻارن جي پينشن روڪيندو، بزرگن کي ذليل ڪندو ھيو۔ لعنت آهي اهڙي زندگيءَ تي، اهڙي نظام تي، ۽ انهن اختيارين تي جن هن بدبودار نظام کي هلائي رکيو آهي۔ ۽ لعنت مون تي، جيڪو ان جو حصو رهيو۔

– رمضان

سنڌ : ڏھرڪي ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت
17/10/2025

سنڌ : ڏھرڪي ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daily Jamali News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share