AJN News HD

AJN  News HD Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from AJN News HD, News & Media Website, .

ھر مظلوم جو حقيقي آواز بڻجندڙ ظلم خلاف ماروئڙن جو آواز بلند ڪندڙ,اي,جي,اين,نيوز,تازا ترين خبرن کان آگاھي لا۽ اسان جي ھن پيج کي فالو ڪندا, هر خبر لاء رابطو ڪندا, واٽسپ نمبر ✒
03002998429

15/07/2025

*کرم پور : ٹھل بی سیکشن تھانے کی حدود میں بنگلانی قبائل کے دو گروہوں میں تصادم دو معصوم بچے گولیوں کے کہاج بن گئے*

*عرض محمد جعفریTV Today نیوز نمائندہ کرم پور. 03002998429. نیشنل پریس کلب کرم پور*

ڪشمور ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ: ٺل کان ڪرمپور روٽ تي هلندڙ عوامي مري بس چوٿون ڀيرو ڦرجي وئي!ڪشمور ضلعي جي اندر ڏوهن جي وڌند...
15/07/2025

ڪشمور ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ: ٺل کان ڪرمپور روٽ تي هلندڙ عوامي مري بس چوٿون ڀيرو ڦرجي وئي!
ڪشمور ضلعي جي اندر ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن، خاص ڪري ڌاڙيلن جي بي خوف سرگرمين، عام ماڻهن جي زندگين کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي. بدامني جو هي عالم اهڙي ته انتها تي پهچي چڪو آهي جو هاڻي ڌاڙيل پنهنجي ئي علائقي جي ان واحد بس کي به نه بخشي رهيا آهن جنهن تي سندن گھر جون عورتون به سفر ڪنديون هيون.
ٺل کان ڪرمپور جي وچ ۾ هلندڙ مري بس، کي جمال ٿاڻي جي حد ۾ هن علائقي جي غريب ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪ اهم عوامي سهولت هئي. اها واحد بس هئي جيڪا مسافرن کي سندن منزل مقصود تائين پهچائيندي هئي. ستم ظريفي اها آهي ته ان بس تي ان علائقي جي ڌاڙيلن جون عورتون به سفر ڪنديون هيون ۽ شهرن مان پنهنجن "ڀڙ مڙسن" لاءِ ضروري سامان خريد ڪري اينديون هيون. ان جي باوجود، ساڳئي علائقي جي بيشرم ڌاڙيلن انسانيت ۽ اخلاقي قدرن جي سمورين حدن کي پار ڪندي، هن بس کي نه بخشيو.
اها بس چوٿون ڀيرو ڦرجي وئي آهي. هي واقعو نه رڳو علائقي جي ڏوهن جي وڌندڙ گراف کي ظاهر ڪري ٿو، پر اسان جي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نااهلي ۽ غفلت جو به کليل ثبوت آهي.
سوال هي پيدا ٿين ٿا ته:
* پوليس ڪٿي آهي؟ ڇا پوليس کي خبر ناهي ته هي علائقو ۽ هي روٽ ڪيترو غير محفوظ آهي؟ ڇا انهن وٽ ان روٽ تي گشت ڪرڻ يا سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ وسيلا موجود ناهن؟
بار بار ساڳي بس کي ڇو ڦريو پيو وڃي؟ جيڪڏهن اها بس اڳ به ٽي ڀيرا ڦرجي چڪي هئي، ته پوليس اڃا تائين ان جي حفاظت لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ ڇا اهو پوليس جي بي حسي جو انتها ناهي؟
ڏوهارين ۾ خوف ڇو ناهي؟ ڌاڙيل ان قدر بي خوف ٿي چڪا آهن جو کين پنهنجي علائقي يا پنهنجن مائٽن جو به ڪو خيال ناهي. اها ڪهڙي رياست آهي جتي ڏوهاري پنهنجي ئي رشتيدارن کي ڦريندا آهن؟
عوام ڪيستائين هي ظلم برداشت ڪندو؟ عام ماڻهو جيڪي ڏينهن جو به پنهنجو پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ محنت ڪن ٿا، انهن جي بچت ۽ سامان کي اهڙي طرح لٽيو وڃي ٿو. سندن تحفظ جي ذميواري ڪنهن تي آهي؟
هي واقعو رڳو هڪ بس جي ڦر جو قصو ناهي، پر اهو سنڌ ۾ ڏوهارين جي وڌندڙ راڄ، قانون جي عملداري جي اڻهوند، ۽ رياست جي شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي جو آئينو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليس ۽ حڪومت فوري طور تي جاڳي، ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري، ۽ اهڙن حساس روٽن تي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي ته جيئن عام ماڻهو سڪون سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن

15/07/2025

ڪرمپور مگسي روڊ جمال پوليس جي حد ڳوٺ گاهي خان جعفري لاڙو وٽ نامعلوم هٿياربندن پاران ٺل ڪرمپور روڊ تي هلندڙ بس مان ماڻهن کان ڦر لُٽ، جمال پوليس غائب

خانپور ڀرسان مرزا واھ وٽ ڦر دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو گوليون لڳڻ ڪري پوليس اھلڪار مير محمد ميمڻ شھيد ٿي ويو.
15/07/2025

خانپور ڀرسان مرزا واھ وٽ ڦر دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو گوليون لڳڻ ڪري پوليس اھلڪار مير محمد ميمڻ شھيد ٿي ويو.

ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ امام الدين بجاراڻي ۾ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو, ٻارڙا عبدالسبحان ۽ قدير بنگلاڻي مارجي ويا, پولي...
15/07/2025

ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ امام الدين بجاراڻي ۾ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو, ٻارڙا عبدالسبحان ۽ قدير بنگلاڻي مارجي ويا, پوليس موجب ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي

ڪرمپور : مڇي ٻنڊو واري علائقي ۾ پوليس ۽ پاڪ ريجرز جو دلدار چولياڻي جي گهر تي ڊرون حملو,عبدالرزاق چولياڻي ۽ عبدالفتاح چول...
14/07/2025

ڪرمپور : مڇي ٻنڊو واري علائقي ۾ پوليس ۽ پاڪ ريجرز جو دلدار چولياڻي جي گهر تي ڊرون حملو,عبدالرزاق چولياڻي ۽ عبدالفتاح چولياڻي مارجي ويا,

13/07/2025

سکھر : پی ٹی آئی کسان ونگ کی بلیدی ھائوس میں اجلاس،عہدیداران اور ورکرز کی شرکت،

ڪرمپور نيشنل پريس ڪلب جي عهديدار سينيئر صحافي سھڻو خان نندواڻي کان ڦر واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا, ايس ايس پي ڪشمو...
05/07/2025

ڪرمپور نيشنل پريس ڪلب جي عهديدار سينيئر صحافي سھڻو خان نندواڻي کان ڦر واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا, ايس ايس پي ڪشمور,ايس ايڇ او ڪرم پور کان مطالبو ڪجي ٿو ته فوري طور نوٽيس وٺي صحافي کان ڦر ٿيل سامان رڪور ڪرائي ڏنو وڃي,

02/07/2025

ايس ايس پي ڪشمور,ڊي آء جي,سنڌ کي اپيل آهي ته ايس ايڇ او ڪرم پور مولا بخش بگٽي کي هٽائي ڪرم پور ٿاڻي تي سٺو آفيسر مقرر ڪري علائقي واسين کي سک جو ساه کڻڻ ڏنو وڃي!!!

Address


Telephone

+923002998429

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when AJN News HD posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to AJN News HD:

Shortcuts

  • Address
  • Telephone
  • Alerts
  • Contact The Business
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share