27/08/2023
ڊارڪ ويب ڇا آھي؟
جهڙي ريت يوٽيوب هڪ هزار سبسڪرائبر ۽ چار هزار ڪلاڪ پورا ٿيڻ تي چينل تي رکيل وڊيوز تي 60 سيڪڙو منافعو چينل مالڪ کي ڏيندي آهي، اهڙي طرح پورن ويب سائيٽون به وڊيو ٺاهيندڙ کي 60 کان ستر سيڪڙو منافعو ڏين ٿيون.. يوٽيوب تي چار هزار ڪلاڪ ۽ هزار سبسڪرائبر پورا ڪرڻ واري شرط سميت مواد صاف سٿرو، اخلاقي ۽ پنهنجو ذاتي نئون ٺاهيل هجڻ جي شرط هجڻ ڪري ڪمائي ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي پوي ٿي. جڏهن ته پورن ويب سائيٽن تي هڪ ئي وڊيو ڪروڙ پتي بڻايو ڇڏي.. اهو منافعو يوٽيوب جيان شرطيه نه پر صرف ۽ صرف هڪ وڊيو تي ملي ويندو آهي، جيئن جيئن پورن وڊيوز رکيون وينديون، تيئن تيئن منافعو وڌندو رهندو... اگر وڊيو 240 ريزيوليشن تي هوندي ته پنج منٽن جي وڊيو جا 5 هزار اپ لوڊ ڪرڻ تي ۽ باقي ويوز وڌڻ جي صورت ۾ ملندا رهندا.....
جيڪڏهن وڊيو ۾ آڊيو به هجي، ۽ ايڇ ڊي يا وري فور K ڪوالٽي جي هوندي ته وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ تي 20 هزار ۽ هر view, تي ڊالر جي حساب سان منافعو ملندو.. جڏهن ته اگر پورن وڊيو ڪنهن ٽين ايج، يا وري انڊر ايج نينگري جي هجي ته يا وري گينگ سيڪس جي هجي ته پنج منٽن جي هڪ وڊيو جا 50 هزار رپيا وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ وقت ۽ ٻيا پئسا ويوز وڌڻ تي تاحيات ملندا رهن ٿا.... انهي لالچ جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا جا ملڪ جتي غربت مفلسي ۽ جهالت وڌيڪ آهي، جا ڪيترائي نوجوان اڄڪلهه لِڪ ڇُپ ۾ اهو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، هڪ اندازي موجب روزانو جي بنياد تي ڪروڙين رپيا پاڪستان، انڊيا بنگلاديش عراق متحده عرب امارات ٿائلينڊ، فلپائن ۽ ڪوريا جي شهرين جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ٿين ٿا، جيڪي ڊونيشن ۽ فيملي سپورٽ جي مد ڏيکاري ٽرانسفر ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته اها ڪرنسي ٽرانسفر ڪرپٽو ۽ بٽ ڪوائن ۾ ڪئي وڃي ٿي. جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ٽريس نٿي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ اها ڊي سينٽرلائيز ڪرنسي آهي، جيڪا ڪنهن به حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهي... هي ويب سائيٽون ڪوبه عام ماڻهو هلائي نٿو سگهي نه ئي ڪنهن برائوزر سان برائوز ڪري سگهجن ٿيون، انهن ويب سائيٽن کي ٽور نالي ويب سائيٽ سان برائوز ڪيو وڃي ٿو جيڪو هڪ ڊيپ ويب جو برائوزر آهي.. اهي وڊيوز نه ئي عام موبائل ۽ نيٽ سرور ڪمپني جي سروس ذريعي نه ئي لينڊ لائين سروس ذريعي اپ لوڊ ڪيا وڃن ٿا، جيڪي نوجوان پورن ويب تي ڪم ڪن ٿا انهن جي گهرن يا وري انهن جي اوطاقن يا بيٺڪن تي هڪ مخصوص ڊش انٽينا لڳل هوندي آهي، جنهن ذريعي اهي وڊيوز اپ لوڊ ٿين ٿا.