12/11/2025
*تنظيم جو تعارف ۽ ڪم:*
اسان جي تنظيم *"روشن راهِ علم تنظيم – ڄمون"* جو بنيادي مقصد تعليم جي روشني کي هر گهر تائين پهچائڻ آهي، خاص ڪري انهن شاگردن لاءِ، جيڪي مالي مسئلن سبب سٺي تعليم حاصل ڪرڻ کان رهجي ويا آهن.
اسان جي تنظيم جا اهم ڪم هن ريت آهن:
1. تعليمي ادارن، خاص طور تي سرڪاري يونيورسٽين ۽ ادارن سان تعاون.
2. اهڙن شاگردن لاءِ مفت پڙهائي جو بندوبست، جيڪي فيس يا ٽيوشن افورڊ نٿا ڪري سگهن
3. ڳوٺن ۾ علم دوست ماحول پيدا ڪرڻ
4. باصلاحيت پر بي وس شاگردن لاءِ اسڪالرشپس، رهنمائي ۽ رجسٽريشن جي سهولتون مهيا ڪرڻ.
5. سماجي شعور، اخلاقي تربيت، ۽ شخصيت جي بهتري لاءِ سيمينارز، ورڪشاپس ۽ گڏجاڻيون ڪرائڻ
*برانچ کولڻ لاءِ هدايت:*
جيڪڏهن ڪنهن به دوست يا رضاڪار کي پنهنجي علائقي ۾ اسان جي تنظيم جي برانچ کولڻ جي دلچسپي آهي ته، هو تنظيم جي صدر سان رابطو ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ کيس هڪ مختصر اپليڪيشن ذريعي:
- پنهنجي نالي، علائقي، تعليم ۽ دلچسپي جي ڄاڻ ڏيڻي پوندي
- علائقي جي شاگردن جي صورتحال بابت معلومات ڏيڻي پوندي
- پاڻ سان ڪم ڪندڙ امڪاني ٽيم جو مختصر تعارف ڏيڻ لازمي هوندو
صدر ۽ ميمبرن جي مشوري سان، نئين برانچ جي منظوري ڏني ويندي ۽ سموري رهنمائي به مهيا ڪئي ويندي.
استادن لاءِ ڀليڪار
اسان جي گروپ ۾ شامل ٿيندڙ هر *قابلِ احترام استاد ۽ رهنما لاءِ دل جي گهراين سان ڀليڪار!*
اوهان جو تجربو، علم ۽ رهنمائي اسان جي شاگردن لاءِ روشني جو مينار آهي. اسان اوهان جي حصيداري کي عزت سان ڀليڪار ڪيون ٿا ۽ اميد رکون ٿا ته اوهان جو ساٿ اسان جي مشن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.
👍♥️💐
*محترم استادن لاءِ مالي سهڪار بابت اطلاع*
توهان جي علم، وقت ۽ جذبي سان گڏ جيڪڏهن اوهان *مالي مدد* سان به حصو وٺڻ چاهيو ٿا، ته مهرباني ڪري پنهنجي حيثيت مطابق *ماهوار 100 يا 200 رپيا* جمع ڪرائي سگهو ٿا.
ادائيگي لاءِ Easypaisa نمبر:
*0316-3723516*
*(Amjad Hussain - Finance Secretary)*
مهرباني ڪري رقم جمع ڪرائڻ بعد *اسڪرين شاٽ گروپ ۾ شيئر* ڪيو ته جيئن رڪارڊ رکيو وڃي.
*اوهان جي ننڍڙي مدد ڪنهن جي مستقبل لاءِ وڏو وسيلو بڻجي سگهي ٿي.*
_تعليم سان تبديلي، تبديلي سان روشن سماج!_