29/07/2026
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين،
جي جيء کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
ڊاڪٽر رضا محمد سومرو گلاب لغاري ۾ پيدا ٿيو. سندس والد رمضان سومرو جي وفات کانپوءِ ننڍي ھوندي پنھنجي ماءُ سان گڏ چارئي ڀائر سندن ماسيءَ جي ڳوٺ امان اللُُه ڏاھري لڏي آيا . جتي پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ڪئي ۽ پوء ستون فائيل ٻه درجا انگريزي شاھپور چاڪر مان ۽ پوء مئٽرڪ نوابشاھ مان ڪئي . ھن مئٽرڪ جي امتحان جي في نه ھئڻ ڪري وڏيري ابڙي ڏاھريء جو ڪوٽ 10 روپين عيوض مٽيءَ جو ليپو ڀائرن سان گڏجي ڪيو ء پوء انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان ڪئي ، انٽر ۾ پوزيشن کڻڻ جي ڪري کيس پنھنجي خواھش تي ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيء ۾ داخلا ملي .جتان ھن ايم بي بي ايس ڪئي . ان زماني ۾ ڊاڪٽن کي 16 گريڊ ۾ ڏنو ويندو ھو ، جيڪو ھن وٺڻ کان انڪار ڪيو. سنڌ جي ڊاڪٽرن جي مھراڻ نالي تنظيم جو صدر رھيو جنھن پليٽ فارم تان سندس اگواڻيء ۾ ڊاڪٽرن کي گريڊ وڌائي ڏيڻ جي تحريڪ ھلي ، ذوالفقارعلي ڀٽو جي حڪومت ھئي ، ڊاڪٽر رضا محمد سومرو ۽ ٻين اڳواڻن کي خاص جھاز ذريعي ڀٽي صاحب اسلام آباد گھرايو . سندن مطالبو منظور ٿيو ۽ سنڌ جي ڊاڪٽرن کي 17ھون گريڊ مليو . ڊاڪٽر صاحب پوسٽ گريجوئيشن سنڌ ۾ ٽاپ ڪئي . کيس سول اسپتال ڪراچيء ۾ پوسٽنگ ملي جتان کيس ڊپلوما اسڪالرشپ لنڊن ملي وئي ۽ پوء پاڻ انگليڊ مان FRCS ڪيائين . جتي مستقل رھائش پزير ٿيو . جتان کيس وري سعودي حڪومت جي آفر تي گھرايو ويو . ڊاڪٽر صاحب جا ٻه پُٽ انگلينڊ ۾ پڙھيا ، جيڪي ٻاهرئين ملڪن ۾ ئي رھندڙ آھن ، سندس گھر واريء ادي پارسان ساڻس ساٿ نباھيو ۽ ھاڻ اھا به ڪافي سالن کان ساڻن آئرلينڊ رھندڙ آھي . سندس وڏو ڀاءُ چاچا غلام حسين سومرو ڪير سڏائي . ھن واپار دڪان ڪاروبار ڪيا. شھر شاھپور چاڪر جو چيئرمين رھيو ، سياست ۽ سماجيات ۾ سندن وڏو نالو . سندن سڄي آڪھ محنتي ۽ سرگرم رھي . سندن ڀاءُ ماسات ڪاڪا يارمحمد سومرو شھر، آسپاس ۾ سنگت ساٿ ، ادب سياست جو روح روان اڃان ساڳي ڏور سنڀاليو اچي . ھنن جو خاندان شھر جي معزز ترين خاندانن مان ھڪ آھي . سڀني کي پڙھايو ۽ منزلن تي رسايو .سال 1976 جو مون کي اھو ڏينھن ياد آھي منھنجي بابا کي ساھ جي تڪليف ۽ سٓھڪ گھڻي ھئي . ڊاڪٽر رضا سومرو لنڊن مان آيل ھو ، ڀائو محمود کيس وٺي آيو ۽ ھن بابا جو علاج ڪيو ، جنھن مان کيس فائدو ٿيو . ڊاڪٽر صاحب جڏنھن به شاھپور آيو ۽ موقعو مليو ته ساڻس خوب ڪچھريون ۽ رھاڻيون ٿينديون ھيون . ھو انتھائي سنجيدھ ۽ فھميدھ طبيعت ، ملنسار ۽ شائسته گفتگو . انتھائي سٻاجھو ۽ ملنسار ، ٿور ڳالھائو . اڄ ڊاڪٽر رضا محمد سومرو ھميشھ لاء جيئرن جو ھي جھان ڇڏي ويو آهي. سندس جنازي نماز آئرلينڊ ۾ جمعي جي ڏينھن ادا ڪئي ويندي ، جيئن ته سندس پٽ ، خاندان اڌ کان مٿي ائرلينڊ ، انگلينڊ ۾ آھي انڪري سندس تدفين به اتي ئي ٿيندي. سندس ابدي آرامي روح جي تسڪين ۽ خاندان جي صبر لاء دعاڳو .
ماڻھو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،
ڪنھن ماڻھوءَ منجھ اچي بوءِ بهار جي.
تحرير ڏاڏا سليمان ڏاهري