
08/11/2024
X-ray، CT Scan ۽ MRI ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
X-ray ۾ electromagnetic radiation جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن سان جسم جي bones ۽ ٻين گهاٽن structures جون تصويرون ٺهن ٿيون. ان جو استعمال عام طور تي fractures، infections، tumors ۽ ٻين بيمارين کي ڳولڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي.
X-ray جو عمل تيز، نسبتاً سستو ۽ آساني سان موجود آهي.
CT Scan ۾ X-ray ۽ جديد ڪمپيوٽري پروسيسنگ جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن سان جسم جا cross-sectional images ٺهن ٿا. اهو روايتي X-ray کان وڌيڪ تفصيلي معلومات فراهم ڪري ٿو ۽ جسم جي bones، organs، blood vessels ۽ نرم بافتن (soft tissues) کي واضع ڏيکاري ٿو.
CT Scan اندروني زخمن، tumors، infections ۽ رت جي جمڻ (blood clots) جي تشخيص لاءِ ڪارآمد آهي.
MRI ۾ هڪ مضبوط magnetic field ۽ radio waves جو استعمال ٿيندو آهي، جنهن سان جسم جي نرم بافتن، عضون ۽ ڍانچن جون تمام تفصيلي تصويرون ٺهن ٿيون. اهو مختلف نرم بافتن ۾ بهترين تميز ڏيکاري ٿو ۽ خاص طور تي brain، spinal cord، joints ۽ عضلات (muscles) جي تصويرن لاءِ مفيد آهي.
MRI ۾ ionizing radiation شامل ناهي، جنهن ڪري اهو خاص طور تي حامله عورتن ۽ ٻارن لاءِ محفوظ آهي.
پر، MRI اسڪين وڌيڪ وقت وٺندو آهي، مهانگو هوندو آهي، ۽ اهو انهن ماڻهن لاءِ مناسب ناهي، جن جي جسم ۾ مخصوص طبي implants يا ڌاتوءَ جا شيون موجود هجن.