Awais Majeed Nohri

Awais Majeed Nohri NaYaB

15/07/2025
"ان لوگوں کو کبھی نہیں بھولنا، جو اندھیرے میں چراغ لے کر آئے تھے۔"
15/07/2025

"ان لوگوں کو کبھی نہیں بھولنا، جو اندھیرے میں چراغ لے کر آئے تھے۔"

معجزو ڪونه ٿيو!تُون اِتي هُئين، مان اِتي ئي هُئس.سج ڳوٺن مٿان ڪنهن پکيءَ جيئن لٿو،آرسين ۾ اکيون ڪئين ٻُڏيون ۽ تَريون،واء...
10/01/2023

معجزو ڪونه ٿيو!

تُون اِتي هُئين، مان اِتي ئي هُئس.
سج ڳوٺن مٿان ڪنهن پکيءَ جيئن لٿو،
آرسين ۾ اکيون ڪئين ٻُڏيون ۽ تَريون،
واءُ ماتم جيان پئي وطن ۾ ڦريو!
تون اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هئس!
مينهن پيئندي مٽيءَ تي نشا ڪئين چڙهيا،
جوڳياڻين نموريون ڳُتن ۾ ڀَريون،
ڇيڳرين سان ٻيائِي ٻکن ۾ سُتي،
دؤر چُئانتيون هزارين هڏن تي رکيون،
تون اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هُئس!
سانجھه دُونهين کي ڀاڪر ڀري وئي اُجھي،
مندرن ۾ به ڏيئا گھڻا ئي ٻريا!
ماٺ جي باھ ۾ وئي پُڇا ئي سڙي،
سمنڊ بي خواب ٿيو، شهر ڏاڍا ٺريا.
بانسرين ۾ اُداسيون اجھل ٿِي لُڏيون،
ڄڻ درياھ اگھاڙي جون ڇوليون هجن.
بيوسيءَ جو ڊگھو قد ننڍو ڪو نه ٿيو،
هُل به هر هر ٽِڙيا، ڄڻ پروليون هجن.
وقت قرضي ڪنهن ڪولهي جيان هت رُليو!
منهنجا محبوب مندون لنگھي ويون هتان،
جن جي سيني منجھان ڪونه گُل ڪو ڦُٽو!
پنهنجا ڀاڪر مسافر نه ٻيهر گَڏيا،
عرش هيٺان ملڻ جو نه گس ڪو مليو!
پاڻ ڳوڙها به پنهنجا نه گڏجي اُگھيا!
عشق جي ديس ۾ معجزو ڪونه ٿيو!
تُون اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هُئس!

Address

Chachro
Hyderabad

Telephone

+923493235107

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awais Majeed Nohri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Awais Majeed Nohri:

Share