11/11/2024
پريس رليز…
آچر 10 نومبر 2024
رياستي ادارن ھٿان جبري کنڀي گم ڪيل سائين پٺاڻ خان زھراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل کي 5 سال پورا ٿيڻ سميت سائين ايوب ڪانڌڙو، انصاف دايو، مرتضي جوڻيجو، سھيل رضا ڀٽي، ڪاشف ٽڳڙ، موھن ميگھواڙ، شبير قمبراڻي، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، فقير اعجاز ڳاھو، الھوڌايو مھر، صحبت کوسو، سرويچ نوحاڻي، ظفر چانڊيو، ۽ تازو کنڀي گم ڪيل نادر بگٽي، شاڪر بگٽي، سعيد تيوڻو، اطھر پنھور، پريل ڪوريجو، نويد ساگر ڪانڌڙو، يوسف شر، سميت جبري کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو 24 ڪلاڪ جي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ اڄ پڄاڻي تي پھتي، جنھن ۾ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويو، پنج سالن کان کنڀي گم ڪيل سائين پٺاڻ خان زھراڻي جي گھر واري بشيران زھراڻي ڪراچي ڊويزن صدر غني عاجز، جنرل سيڪريٽري مڪيش ڪمار، خزانچي سڪندر اوٺو، پريس سيڪريٽري سانول زھراڻي، ضلعي ملير صدر وقار ڪوري، جنرل سيڪريٽري عرفان زھراڻي، ضلعي اوڀر چيف آرگنائيزر ڪامران مري، آرگنائيزر ظفر سولنگي، نويد سنڌيار ڪاشف ڏيپر، ضلعي لياري چيف آرگنائيزر عبيد سنڌي، ضلعي ڪورنگي آرگنائيزر سلطان شيخ، ضلعي ڏکڻ چيف آرگنائيزر سيد اسد شاھ، سکر ڊويزن آرگنائيزر شاھد ايوب ڪانڌڙو، ان کان علاوه سنڌ سڀا سرواڻ محترم انعام سنڌي، جسقم آريسر ضلعي حيدرآباد نائب صدر مھراڻ ميراڻي، خزانچي سھيل ميراڻي، جسقم ڪارڪن ناصر مري، علي بگٽي، جساف (ب) ضلعو سائوٿ ڪراچي اڳواڻ ڪامريڊ نجيب ميربحر، جساف آريسر حيدرآباد ڊي او فرقان پنھور، جساف آريسر ڪراڇي اوڀر اڳواڻن سيد ابرار شاھ، اظھار مھر ۽ ڪيلاش ڪمار، سياف مرڪزي اڳواڻ وقار بابر چولياڻي، جساف (جسم) چيف آرگنائيزر ديدار جلباڻي، سميت قومي ڪارڪنن سجاد رند، اسد گبول، اي بي مري، علي حسن ماڇي، گانڌي گبول، حسن علي جانوري، سندر جيسر، زيب جيسر، فرحان گاڏھي، سجاول سنڌيار ۽ بابر ڀٽو سميت وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
اڳواڻن موقف ۾ چيو ” جبري گمشدگيون انساني حقن جي لتاڙ سان گڏوگڏ رياستي دھشتگردي پڻ آھي ۽ ظلم جي انتھا اھا آھي تہ رياستي ادارا پھرين قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪن ٿا ۽ پوءِ سالن کان ڀعد کين ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کين بيدردي سان شھيد ڪيو ٿو وڃي، جنھن جو تازو مثال قانون جي چوٿين سال جي شاگرد شھيد ساجن ملوکاڻي جو آھي، جنھن کي 1 سيپٽمبر 2023 ۾ کنڀي گم ڪيو ويو ۽ تازو 8 آڪٽوبر تي کيس رحيم يار خان ۾ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪيو ويو ۽ ان کان اڳ شھيد سائين ھدايت لوھار جو مثال آھي، جنھن کي پھرين کنڀي گم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ آزادي کان پوءِ کيس 16 فيبروري 2024 تي نصيرآباد ۾ گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو، اسان سمجھون ٿا تہ اھا سنڌي قوم جي نسل ڪشي آھي، جيڪا بند ڪئي وڃي.
وڌيڪ ڳالھائيندي مطالبو ڪيو ويو تہ سنڌ ۽ بلوچستان مان جبري کنڀي گم ڪيل سمورن سياسي سماجي ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ ھي احتجاجي تحريڪ جاري رھندي.
پاران: سنڌ سجاڳي فورم، ضلعو ملير