سي سي ٽي وي نيوز

سي سي ٽي وي نيوز CCTV News Sindhi

پريس ڪانفرنس وقت جڏهن نوڪيا ڪمپني وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ۽ مائڪروسافٽ ان جي قبضي جو اعلان ڪيو ته نوڪيا جي سي اي او پنهنجي تقري...
03/04/2023

پريس ڪانفرنس وقت جڏهن نوڪيا ڪمپني وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ۽ مائڪروسافٽ ان جي قبضي جو اعلان ڪيو ته نوڪيا جي سي اي او پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ڪندي چيو:
"اسان ڪجھ به غلط نه ڪيو، پر پوء به اسان هارائجي وياسين." انهن لفظن تي پاڻ سميت سموري انتظاميا روئي ڏنو.
نوڪيا هڪ معزز ڪمپني هئي. هن پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪو به غلط ڪم نه ڪيو پر دنيا تمام تيزيءَ سان بدلجي رهي آھي ۽ هن سکڻ وڃايو ۽ هن تبديليءَ کي وڃائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح هن هڪ وڏي ڪمپني ٿيڻ جو هڪ قيمتي موقعو وڃائي ڇڏيو. نه رڳو هنن وڏو پئسو ڪمائڻ جو هڪ موقعو وڃايو، پر هنن زنده رهڻ جو هڪ موقعو به وڃائي ڇڏيو!
هن ڪهاڻي جو پيغام:
جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ تبديلي نه آڻيندؤ ته توهان مقابلي ۾ هارائجي ويندؤ ۽ هڪ پراڻو دور بڻجي ويندا. جيڪڏهن توهان نئيون شيون سکڻ نٿا چاهيو ۽ توهان جي سوچ ۽ ذهنيت وقت سان تبديل نه ٿيندي، توهان وقت ۾ مري ويندا!
انسان تيستائين ڪامياب آهي جيستائين هو سکي ٿو، ۽ جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته هن ڪافي سکيو آهي ۽ اهو ئي ان لاءِ ڪافي آهي، ته هن ناڪاميءَ لاءِ پاڻ کي تيار رکو.
هي پيغام هر سنڌي لاء آھي جيڪو پنهنجو پورو وقت موالي صوفين جي اوتارن آستانن مزارن تي نشو واپرائيندي وڃائي رهيو آھي ۔ تعليم سان گڏ هنر يا ٽيڪنيڪل ڪمن کان پري ٿيندو پيو وڃي ۔ نشي ڪرپشن سستي ڪاهلي جي ڪري سنڌي نه فقط بکون مري رهيا آھن پر حقيقي انقلابي جدوجهدن کان به پري ٿي چڪا آھن ۔ وقت سان گڏ نه هلنداسين ته خانه بدوشي ۽ غلامي واري زندگي اسان جي انتظار ۾ آھي .

علي احمد بروهي کي قتل ڪري لاش ٻوري ۾ وجهيروهڙي ڪئنال ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف ٿيو آهينوجوان جي اغوا ۽ قتل مامري جو امين مينگل ج...
26/03/2023

علي احمد بروهي کي قتل ڪري لاش ٻوري ۾ وجهي
روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

نوجوان جي اغوا ۽ قتل مامري جو امين مينگل جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿيو، الزام هيٺ آيل ڌر مٿان 50 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي

جرڳي دوران خان محمد بروهي جي ڌر علي احمد بروهي کي قتل ڪري لاش ٻوري ۾ وجهي لوڙھڻ جو اعتراف ڪيو آهي

نوجوان علي احمد بروهي جي امڙ کي پٽ جي قتل ٿي وڃڻ جي خبر پوڻ بعد بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آ هن

26/03/2023

شیطان قید ہوگیا لیکن وہ اپنے چیلوں زخیرہ اندوزوں منافع خوروں کے ذریعے رمضان میں مھنگائی کرکے روزیداروں کو پریشان کرنے کے لیئے اھم میٹنگ کرتے ھوئے

نصیر آباد: اسڪول جي شاگردن ۽ صحافين مٿان تشدد ۽ حملو نصيرآباد انڊس هائي وي تي شاگردن جي لڳايل ڌرڻي ۾ ايس ايڇ او منظور چا...
04/01/2023

نصیر آباد: اسڪول جي شاگردن ۽ صحافين مٿان تشدد ۽ حملو نصيرآباد انڊس هائي وي تي شاگردن جي لڳايل ڌرڻي ۾ ايس ايڇ او منظور چانڊيو شاگردن ۽ صحافين مٿان سخت تشدد ڪیو، شاگردن صحافین آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪیو آھي ته فوري طور نوٽيس وٺي ايس ايڇ او منظور چانڊيو خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

Address

Karachi Sindh
Sindh

Telephone

+923137508998

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سي سي ٽي وي نيوز posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share