
28/03/2025
وفاق ۾ پيپلزپارٽي جي ساٿ سان ٺهيل حڪومت جو سنڌ مٿان ٻيون وار، حيدرآباد ٽو سکر موٽروي منصوبو به پنجاب شفٽ
هاڻي حيدرآباد ٽو سکر بدران لاهور-ساهيوال-بهاولنگر ٺهندو. حڪومت منظوري ڏئي ڇڏي،
وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ايڪنڪ اجلاس ۾ سنڌ جي حيدرآباد-سکر موٽر وي بدران لاهور، ساهيوال ۽ بهاولنگر موٽر وي جي تعمير لاءِ 436 ارب رپين رکڻ جي منظوري ڏني وئي، وفاقي حڪومت سنڌ جي اعتراضن کي ڪنهن کاتي ۾ نه آندو، سنڌ حڪومت پاران معاملو صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آڏو اٿارڻ جو فيصلو، سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي وفاقي حڪومت ته سکر-حيدرآباد جهڙي اهم موٽروي بدران پنجاب ۾ هڪ وڌيڪ موٽروي ٺاهڻ پئي وڃي، وفاقي حڪومت جو سنڌ سان رويو تعصباڻو آهي.
ڇا هي کُليل دشمني ناهي يا ڪئنال معاملن تا ڌيان هٽائڻ لاء ڊرامو آهي ؟