28/01/2025
0000
چولستان رٿا جو پاڻي ڪٿان ايندو؟
نصير ميمڻ
(روزاني ڪاوش، 28 جنوري 2025)
21هين جنوريءَ تي موسميات کاتي پاران جاري ڪيل هڪ عوامي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته هلندڙ مند ۾ رواجي کان گهٽ مينهن وسڻ سبب ملڪ ۾ سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، پهرين سيپٽمبر 2024ع کان 15هين جنوريءَ وچ ۾ پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو گهٽ مينهن پيو آهي. سنڌ ۾ 52 سيڪڙو، پنجاب ۾ 42 سيڪڙو بلوچستان ۾ 45 سيڪڙو، خيبرپختونخواه ۾ 29 سيڪڙو، آزاد ڪشمير ۾ 47 سيڪڙو ۽ گلگت بلتستان ۾ 22 سيڪڙو گهٽ مينهن پيو آهي. کاتي جي پڌرائيءَ موجب پنجاب ۾ پوٺوهار ريجن (اٽڪ)، چڪوال، راولپنڊي/ اسلام آباد، بکر، ليه، ملتان، راڄڻپور، بهاول نگر، بهاولپور، فيصل آباد، سرگوڌا، خوشاب، ميانوالي، ڊيرا غازي خان ۽ سنڌ جي گهوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد، دادو، پڊعيدن، سکر، خيرپور، ٿرپارڪر، حيدرآباد، ٺٽي، بدين ۽ ڪراچيءَ جي علائقن ۾ سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي.
ان صورتحال ۾ حڪمران اڃا تائين نوان واهه کوٽڻ جي رٿائن تي ڳنڍ ٻڌيو بيٺا آهن، پنجاب سان تعلق رکندڙ وزير راويتي بيان جاري ڪري رهيا آهن، ته چولستان واهه ۽ چوبارا واهه پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻيءَ مان ٺاهي رهيو آهي. ساڳيءَ طرح اهو به چيو پيو وڃي ته چولستان واهه ستلج درياهه مان ڪڍيو پيو وڃي، ان جو سنڌو درياهه سان ڪهڙو واسطو؟ اهي ٻئي دليل هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهن، تنهنڪري انهن جي حوالي سان چولستان ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا کي مجموعي طور سمجهڻ جي ضرورت آهي.
هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان جا سمورا درياهه ڪو الڳ الڳ درياهه نه پر سنڌو درياهه جي گڏيل نظام جو حصو آهن، جنهن کي انڊس رور سسٽم چئجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ”انڊس رور سسٽم اٿارٽي“ (ارسا) قائم ڪئي وئي هئي. اهي سمورا درياهه پنجند کان هيٺ سنڌو درياهه جو حصو بڻجن ٿا، اوهان پاڪستان جي دريائي نظام جي نقشي کي ڏسندا ته اوهان کي اها حقيقت سمجهه ۾ اچي ويندي.
• بياس ندي ڀارت جي سرحدن کان اندر ستلج سان ملندي آهي،
• راوي ندي ٽرمو بئراج کان هيٺ چناب سان ملندي آهي،
• جهلم ندي ٽرمو بئراج وٽ چناب سان ملندي آهي،
• ڪابل ندي تربيلا کان هيٺ سنڌو درياهه سان ملندي آهي،
• اوڀرندي پاسي جون نديون ستلج، راوي ۽ چناب هڪ ندي (چناب) جي شڪل ۾ پنجند درياهه وٽ هڪ ٿي، هيٺ اچي سنڌو درياهه سان ملنديون آهن.