23/08/2026
ايران خلاف معاشي جنگ ۾ آمريڪا ڪامياب نه ٿيندو: اڳوڻي آمريڪي بچاءَ وار وزير
*اڳوڻي آمريڪي بچاءَ واري وزير ليون پنيٽا چيو آهي ته ايران خلاف شروع ڪيل معاشي جنگ سان آمريڪا کي ڪاميابي حاصل نه ٿيندي.
ليون پنيٽا موجب ايران هرمز لنگهه بند ڪري آمريڪا تي معاشي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي، جڏهن ته ٽرمپ انتظاميا جا تازا قدم تهران کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور نه ڪري سگهندا.
هوڏانهن اڳوڻي آمريڪي فوجي آفيسر سيڊرڪ ليٽن چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا طرفان ايران ڏانهن خوراڪ ۽ طبي سامان جي فراهمي ۾ رنڊڪ وجهڻ جنگي ڏوهه هوندو.