23/09/2025
عراقي حڪومت جو زائرين امام حسين عليه السلام سان ھي سلوڪ سراسر ناانصافي آھي 😔۔
تازن ڏينهن ۾ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته 👉 پنجاهه سالن کان گهٽ عمر وارا ماڻهو زيارت تي نٿا اچي سگهن، سواءِ ان جي جو پنهنجي فيملي سان هجن۔
پر هاڻي ته ڏٺو پيو وڃي ته فيملي سان گڏ ايندڙ زائرين کي به بارڊر تي روڪيو پيو وڃي 🚫۔
اھو عمل بلڪل ظالماڻو ۽ غير منصفاڻو آهي ⚠️۔
جڏهن پاڪستان حڪومت اڳ ۾ زائرين کي چهلم تي وڃڻ نه ڏنو هو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان احتجاج جون آوازون بلند ٿيون ✊۔
پر هاڻي جڏهن عراقي حڪومت اهڙي ناانصافي ڪئي آهي ته سوچي عجيب لڳي ٿو 🤔 ـ آخر ڇو خاموشي آهي؟
شيعه علما ڪائونسل ۽ ايم ڊبليو ايم جهڙيون تنظيمون به ڇو خاموش آهن؟ 😶
ضرورت آهي ته پاڪستان حڪومت فوري طور عراق حڪومت سان ڳالهاڻي ڪري 🤝، وفد موڪلي ۽ دٻاءُ وجهي ته هي ظالمانه پاليسي ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ❌۔
ساڳي وقت علما اڪرام کي به گهرجي ته احتجاج جو لائحہ عمل ٺاهي ۽ زائرين جي حق ۾ آواز اٿارين 📢۔
والسلام