Hamid Vlogs Sindh

  • Home
  • Hamid Vlogs Sindh

Hamid Vlogs Sindh Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Hamid Vlogs Sindh, Digital creator, Ghotki, .

Hello friends
I am a YouTube video creator as a vlogger
I uploaded village life story vlogs
So


Please also subscribe my YouTube channel Hamid vlogs YouTube channel

31/05/2024
۔بہت جلد ایک عدالت لگنے والی ہے ... اور اس عدالت میں ... وہ وکیل بھی خود ہوگا اور گواہ بھی اور جج بھی ... اور پھر اعلان ...
20/08/2023

۔بہت جلد ایک عدالت لگنے والی ہے ... اور اس عدالت میں ... وہ وکیل بھی خود ہوگا اور گواہ بھی اور جج بھی ... اور پھر اعلان ہوگا ...
وَامۡتَازُوا الۡيَوۡمَ اَيُّهَا الۡمُجۡرِمُوۡنَ
اے مجرمو آج تم الگ ہو جاؤ💔
افسوس صد افسوس

13 آگسٽ 2023 تي لکيل ليک پنهنجي اخبار ۾لوٽا ۽ انهنجون قلابازيون!(حصو ٻيون ۽ آخري)ڪالھ ھڪ دوست استاد سان ڳالھ ٻول پي ٿي، ...
14/08/2023

13 آگسٽ 2023 تي لکيل ليک پنهنجي اخبار ۾

لوٽا ۽ انهن

جون قلابازيون!

(حصو ٻيون ۽ آخري)

ڪالھ ھڪ دوست استاد سان ڳالھ ٻول پي ٿي، پڇيم اڄ ڪلھ ڇا مصروفيتون آھن اسڪول ۾؟ چيائين ته 14 آگسٽ جون تياريون پيون هلن، چيم گلن جھڙن ٻارن کي چيائين ته پاڪستان جي تاريخ، وسيلن جي ڄاڻ، شھيدن جون قربانيون، سورهين جي سورهيائي ٻڌائيندس، چيم ڇا تون واقعي ٻارن کي پاڪستان جي سچي تاريخ ٻڌائي سگهندين؟ ٻارن کي ٻڌائي سگهندين ته ايترين وسيلن سان مالا مال ملڪ ايندڙ نسلن تائين قرض ۾ ٻڏل آھي، ٻڌائي سگهندين ته جن دل ۽ جان سان پاڪستان ٺھڻ لاءِ ڪوشش ڪيون انهن کي غدار جھڙا لقب مليا ۽ جيلن ۾ قيد ڪيا ويا، انهن کي لوٽن بابت ٻڌائي سگهندين ته ڪيئن لوٽا انهن جي حقن تي حاوي آھن ۽ انهن جي ابن ڏاڏن جي ووٽ تي ايوانن ۾ پهچي پنهنجي ٻارن کي دنيا جي وڏي ۽ مهانگن اسڪولن، اسپتالن ۽ گھرن ۾ ٿا رکن ۽ توهان کي هن جي بدلي اھڙن سرڪاري اسڪولن ۾ جتي بجلي، پاڻي، عمارت، ويھڻ لاءِ ڪرسيون ناهن پٽ تي ويهي پڙھو ٿا ۽ اوهان کي مليل سرڪاري ڪتاب به هاڻي اڻلڀ آهن، اڻلڀ ان لاءِ ته لوٽن جا جيڪي وري هيٺيان لوٽا آھن اهي ڪتاب وڪرو ڪري گذر سفر ڪندا آھن ڇو ته اهي بک وگهي مري رهيا آھن، ان ڪري اوهان مظلومن جا ڪتاب به کائي ويا، منهنجي ڳالھ ٻڌي دوست چپ ٿي ويو .لوٽا لوٽا ئي هوندا آھن ڀلي اهي ھٺيئن طبقي جا هجن يا وري مٿئين جا. تازو فيس بڪ تي هڪ دوست جو پوسٽ پڙھيم جنهن ۾ ھن ٻه تصويرون شيئر ڪيون جن ۾ ھڪڙو لوٽو ٻن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻي بيٺو هو، هڪ ته هڪ جي ڊوميسائل گھوٽڪي سنڌ جو ته ٻيو رحيم يار خان پنجاب جو، پنجاب ۾ نوڪريون اچن ته مظلوم سرائيڪين جي حقن تي ڌاڙو، جي سنڌ ۾ اچن ته سنڌين جي حقن تي ڌاڙو. مون کي ڌارين تي افسوس ناهي، ڏک اھڙن لوٽن تي آھي جيڪي ڪجھ ٽڪن عيوض پنهنجي ٻارن جي حقن تي ڌاڙو ھڻائن ٿا. ابراهيم منشي ياد پيم “مون پڪ سڃا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، پي واٽ ڏسيائون واسينگن کي ويهي واڙيچن جي واڙي ۾” جيڪي لوٽا ھاڻي واسينگن کي واٽ پيا ڏسين اهي واسينگ انهن جي پنهنجي ٻارن جا ئي حق کائيندا، تڏھن اهي پنهنجي منهن تي ڪارپ ملڻ جيترا به نه هوندا.

حامد گبول/ڪراچي

The Time News one of the most trusted Sindhi Newspaper of Pakistan. TheTimeNews.TV Provides Latest Sindhi news, Sindhi Newspapers, and Also World, Sports, Cricket, Business, Politics, Health News

12 آگسٽ پنهنجي اخبار ۾ لکيل منهنجو ليکلوٽا ۽ انهن جو ڪلابازيون!(حصو پهريون)جڏھن به پاڪستان ۾ اليڪشن مهم شروع ڪئي ويندي آ...
14/08/2023

12 آگسٽ پنهنجي اخبار ۾ لکيل منهنجو ليک

لوٽا ۽ انهن جو ڪلابازيون!

(حصو پهريون)

جڏھن به پاڪستان ۾ اليڪشن مهم شروع ڪئي ويندي آھي ته لوٽا لوٽا جو ٽرينڊ پهرين فهرست ۾ ھوندو آھي مان ۽ منهنجو ڀاءُ جڏھن گهر ۾ اھڙن لوٽن تي ڳالهائيندا هئاسين ته هڪ ڏينهن امڙ چيو ته اهو لوٽو ڇا آھن؟ توهان ڪنهن کي لوٽا چوندا آھيو سو امڙ سائنڻ کي لوٽي لفظ کان وٺي هن مهل تائين لٽا نسل در نسل اسان تائين پهتا سڀ ڪٿا ٻڌايم، سوچيم وري اليڪشن مهم ڪجھ ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندي ۽ لوٽا وري اسان ڏي ڀيرو ڀڃيندا مان ڪجھ وقت کان صدين جي پڙاڏو سنڌ بابت پڙھي رهيو هئس ته سنڌ جي تاريخ راءَ، برھمڻ، عرب، سومرا، سما، ارغون، ترخان، مغل، ڪلھوڙا، ٽالپر، انگريز ۽ ھاڻوڪي پاڪستان ۾ لٽا هئا انهن لوٽن جي ويساھ گهاتين عوام کي مذھبن ۽ ذاتي مفادن جي ڪري نسل در نسل غلام بڻائيندا آيا جيتوڻيڪ اڄ ڏينهن تائين عوام غلام آھي، بس طريقو ٿورو تبديل ٿي ويو ھڪ ننڍڙو عام سائنسي مثال ڏيان ٿو جيئن پاڻ وٽ شروع ۾ سمارٽ فون آيو ته هن ۾ پن، پيٽرن ذريعي فون کي لاڪ ڪري ڇڏيندا هئاسين جيئن ڪو ٻيو ان ۾ دخل نه ڏي فقط اسان جي ئي استعمال ۾ اچي تيئن وري ٿوري اڃا جديد دور آيو ته فيس ۽ فنگر پرنٽ ذريعي لاڪ رکيو ويو پر ڏسو سڀني صورتن ۾ يعني سڀني لاڪز سسٽم جي پن، پيٽرن، فيس يا فنگر لاڪ کولڻ کان پوءِ ئي فون کي استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ کولڻو فون کي ئي آھي بس وقت جي تقاضا سان سسٽم ۾ تبديلي ايندي وئي ڪڏھن پيٽرن پن جي صورت ۾ ته ڪڏھن فيس فنگر جي ذريعي اسان کي ناخدائن ان لاڪ ڪري استعمال ڪيو پئي پر اسان آھيون موبائيل جيان آھيون ته غلام ئي نه لطيف چوڻي ته: “ڳن وڍيندڙ ھٿ ۾” اسان ته وڍيندڙن جي ھٿ ۾ آھيون هئاسين ۽ رھنداسين، ڇو ته لوٽن اسان جي ذھينن کي مذھبن، فرقن ۽ ذاتن پات ۾ ورهائي ڇڏيو آھي ۽ اهي ان مان فائدو وٺي هر پنج سال تائين اسان کي غلامي جو ڳاٽ ڳچي ۾ وجهي ڪنهن اونداھ ۾ ڦٽي ڪري پاڻ سوجهرن کي سھاڳڻ بڻائي سهاڳ راتيون پيا ملهائن. (جاري).

حامد گبول/

The Time News one of the most trusted Sindhi Newspaper of Pakistan. TheTimeNews.TV Provides Latest Sindhi news, Sindhi Newspapers, and Also World, Sports, Cricket, Business, Politics, Health News

اڄوڪي  14 آگسٽ پنهنجي اخبار ۾ لکيل ليک بشري بيبي جي ڊائري اسڪينڊل ڪالھ کان ٿرٿلو متل آھي بشريٰ بي بي جي ڊائري اسڪينڊل جي...
14/08/2023

اڄوڪي 14 آگسٽ
پنهنجي اخبار ۾ لکيل ليک

بشري بيبي جي ڊائري اسڪينڊل

ڪالھ کان ٿرٿلو متل آھي بشريٰ بي بي جي ڊائري اسڪينڊل جي حوالي سان، جيڪا اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري آھي، جيڪا پي ٽي آءِ حڪومت جون واڳون سنڀالي رهي هئي، ڊائري ۾ لکيل آھي ته ڪيئن حڪومت عدليه تي پريشر ڄمائڻو آھي، ڪيئن اهي فيصلن کان ڦري وڃڻا آھن، ڪھڙي وقت ڪڏھن ڪٿي ڇا خان صاحب کي کائڻو پيئڻو آھي، مطلب خان صاحب پيرڻي کي حقيقي مرشد تسليم ڪندي هن منزل تائين پهتو آھي يا جيڪي هن سان ھمدرد هم راز هئا انهن خان صاحب کي اتي پهچايو، ان جي پويان چاچ جي ته ضرورت آھي پر هن ڊائري جي هٿ اچڻ کي پوءِ پيرڻي لاءِ به مسئلو وڌندو هي ڊائري مرشد کي سهي نموني خوار ڪرڻ جو پلان آھي، هن ۾ ڪو شڪ ناهي پر سوچيو اسان جو ملڪ ڪھڙي پاسي وڃي رهيو آھي؟ ڪير ڪير پيو ڪمانڊ ڏئي هن ڳالھ جي سڌ سڀني کي آھي. سياست جي س کان اڻ واقف جيڪڏھن يڪدم ملڪ جون واڳون سنڀالين ته ڳالھ ۾ دم آھي ته پاڪستان ۾ ڪھڙي قسم جي جهموريت آھي. جهموري پارٽين جو ڪھڙو نظريو آھي ۽ جيڪي نظريا عوام اڳيان رکيا ويا آهن انهن نظرين سان اهي ڪيترا سچا آھن، ڳالھ ڪنهن کان ڳجهي ناهي، جهموريت جي نالي تي آمريت آھي، پاڪستان جي حڪومت ڪنهن روبوٽ جيان آھي جيڪي فقط مالڪ جي حڪم جي پاپند آھي، جنهن کي چاهي ته هن کي ان تي ويهاري جيستائين چاهي حڪومت ڏئي پوءِ وري ڪڪ آئوٽ ڪري، انهن خلاف اھڙي قسم جا پروگيڊا هلايا پيا وڃن جيڪا اڄ ڪلهه ڊائري اسيڪنڊل هلي رهيو آھي، مان پيرڻي کي ڏوهي نٿو سمجهان نه عمران خان کي نه ڪنهن ٻي سياسي پارٽين جي عهديدارن کي مان ته انهن روبوٽ جي آقائن کي ٿو چوان ته دنيا ڪٿي وڃي پهتي آھي ۽ اوهان ڪھڙي قسم جا ڪم ڪري رهيا آھيو! خدارا سچا نيوٽرل ٿيو يوٽرن ھڻو.



حامد گبول/ ڪراچي

The Time News one of the most trusted Sindhi Newspaper of Pakistan. TheTimeNews.TV Provides Latest Sindhi news, Sindhi Newspapers, and Also World, Sports, Cricket, Business, Politics, Health News

9 آگسٽ جي پنهنجي اخبار ۾ لکيل  سرھاڙي حادثو،ڪنهن ۾ اخلاقي جرئت ناهي تازو سرھاڙي ۾ پيش آيل واقعو دل ڏکوئيندڙ آھي، حڪومتي ...
14/08/2023

9 آگسٽ جي پنهنجي اخبار ۾ لکيل

سرھاڙي حادثو،ڪنهن ۾ اخلاقي جرئت ناهي

تازو سرھاڙي ۾ پيش آيل واقعو دل ڏکوئيندڙ آھي، حڪومتي نااهلي ڏينهون ڏينهن انساني جانيون ڳڙڪائي رهي آھي ۽ ديس واسي مورڙي جي انتظار ۾ آھن يا شايد ديس واسين جي ذھن اڳ ئي ماريا ويا آهن، فقط انهن جا پتلا آھن جن کي اهي روبوٽ جيان استعمال ڪري رهيا آھن، هن مهل تائين ٿيندڙ ريلوي حادثن جي هڪ رپوٽ موجب 80 ملين مسافر پاڪستان ريلوي استعمال ڪن ٿا پر حڪومت جي نااهلي سبب لاڳيتو موتمار واقعا پيش اچن ٿا جن ۾ ڪيترن ئي معصوم جانين جو قتل ٿيندو رهي ٿو. پاڪستان ريلوي جي ڊيٽا مان پڌرو ٿيو آھي تج 2012 کان 2017 جي وچ ۾ اٽڪل 757 موت مار ٽرين حادثا پيش آيا آهن، سراسري طور ھڪ سال اندر 125 واقعا ٿيا. ترقي يافتا ملڪن ۾ وزير ۽ لاڳاپيل عملدار عام طور تي افسوسناڪ واقعن تي پنھنجن عھدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا آھن، ڇا پاڪستان جي ڪنھن وزير يا عملدار ڪڏھن اھڙي اخلاقي جرئت جو مظاھرو ڪيو آھي؟ سرھاڙي ٽرين واقعو پنھنجي نوعيت جو ڪو پھريون واقعو ناھي جنھن جي نتيجي ۾ بيشمار زندگيون زيان نه ٿيون هجن. اقتدار ۾ ويٺل حڪمرانن کان ھر ظلم جو حساب وٺڻ گھرجي، وزير خلاف نااھلي، ڪرپشن ۽ پراڻي ٽريڪس جي مرمت نه ڪرائڻ سبب قيمتي جانين جي زيان جو ذميوار ڪرار ڏيندي ان خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گھرجي پر افسوس اسان ڪنهن به قسم جي حادثي ۾ ڪا مذمت نٿا ڪريون، باشعور عوام سڌريل سماج جا ماڻھو انساني جانين کان سواءِ ڪنهن به ساھ واري شيءِ جي خاص حفاظت ڪندا آھن، اسان وٽ اڃا به نااهل حڪمران آھن جيڪو حادثو پيش آيو هن ۾ ڪي اھڙا به هوندا جيڪي فقط اڪيلا سڄي خاندان جي ڪمائڻ وارا هوندا انهن سان ڪھڙو حشر هوندو ان باري ۾ ڪنهن کي به ڪا پرواھ ناهي، ايڏي مهانگائي جي دور ۾ ڪير ڪنهن کي ڪجھ نٿو ڏئي هر ڪو پاڻ ۾ پورو آھي. احساس ته آھي ڪونه ويتر ظالم دنيا مجبور بي سهارن کي ڏک تڪليف به گھڻا ڏيندي آھي، موتمار ريل واقعن جي ٽائيم لائن.آگسٽ، 2023 سرھاڙي، نوابشاهه 30 مري ويا، 90 زخمي، 2 اپريل 2023 ٽنڊو مستي خيرپور 7 ڄڻا مارجي ويا 15 زخمي، 3 جون 2021، ڏهرڪي واقعو 65 ڄڻا مارجي ويا، 150 زخمي. 4 مارچ 2021، پنو عاقل، 1 مارجي ويو. 29 زخمي. 5 فيبروري 2020، روهڙي اسٽيشن ڀرسان 19 ڄڻا مارجي ويا، 12 زخمي، 6 آڪٽوبر 2019 رحيم يار خان ۾ 75 ڄڻا اج جو شڪار، 43 زخمي. 7 جون 2019 مڪلي شاهه ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 10 زخمي. 8 ڊسمبر 2007 محرابپور، 56 مارجي ويا، 120 زخمي.. 9 جولاءِ 2005 گهوٽڪي 132 فوت، 1000 زخمي، 10 جنوري 1990ع سکر ويجهو 307 ڄڻا مارجي ويا، 700 زخمي.

حامد گبول/ڪراچي

The Time News one of the most trusted Sindhi Newspaper of Pakistan. TheTimeNews.TV Provides Latest Sindhi news, Sindhi Newspapers, and Also World, Sports, Cricket, Business, Politics, Health News

12/08/2023

ھن نوجوان دوست سانگھڙ ضلعي کان ڪتابن جا 3 وڏا باڪس اڪيلي سر کڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام آئي ٽي فيڪلٽيءَ اڳيان اسٽال لڳايو آھي, ٽنڊوڄام يونيورسٽيءَ کانپوءِ نوجوان عمرڪوٽ جي مختلف ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ڪتابي نمائش لڳائيندو. ڪتابن سان چاھ رکندڙ سڀني شاگردن، دوستن ۽ ساٿين کي عرض آھي ته ھڪڙو دفعو ڪتابن جي اسٽال تي ضرور وڃن ته جيئن دوست مايوس ٿيڻ بجاء اڳتي به پنھنجو ڪم جاري رکي❤

ڪتاب, شعور, زندگي.

Address

Ghotki

7504

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hamid Vlogs Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share