13/08/2023
پاڪستان جي آزادي بعد حرجماعت پنجن سالن تائين لوڙهن ۾ قيد رهيا
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔فقيرمحمدعثمان ھنڱورو
لوڙهن جو ختم ٿيڻ جماعت جي مٿان حر تحريڪ جي دوران ڏکيا ڏينهن آيا ، تن جو بيان ڪندي به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ، پر هنن حريت پسندن پنهنجي مرشد جي حڪم تي لبيڪ چوندي اسلام ۽ پاڪستان لاءِ اهڙيون ته بي مثال قربانيون ڏنيون جنهن جو تاريخ جي اندر ٻيو مثال نٿو ملي. پاڪستان جي آزادي بعد پنجن سالن تائين لوڙهن ۾ قيد رهيا جو انهن جو سالار شهيد ٿي ويو، سندن صاحبزاد جلاوطن هئا، 1952 ع ۾ سندن آمد ٿي ته حرن لوڙهن ۾ خوشيون ملهايون ، کين يقين ٿي ويو ته هاڻي ڌڻياتا آهيون ، پوءِ درگاه جي گادي بحال ٿيڻ کان ستت پوءِ 1 اپريل 1952 ع ۾ حضرت پير سائين سردار جن جي مهرباني سان رات جو ٻارهين وڳي حرن جي آزادي جو اعلان ٿيو ، لوڙها لٿا، هر هڪ پنهنجي ماڳن ڏي موٽيو.
تعمير جي ابتدا جماعت تان لوڙها لاهي نئين ملڪ ۾ انهن کي بهترمقام ڏيارڻ لاءِ پير سائين وڏي دانائي ۽ دانشمندي سان ماضي جي تلخ يادن کي وساري مستقبل جو نقشو تيار ڪيو، ان لاءِ لوڙهن جي ختم ٿيڻ بعد پاڻ جماعت جي علمي ترقي واسطي خانقاه جي ديني اداري جيڪو سندن هم نام ڏاڏي حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي جاري ڪيو هو، ۽ اهو سورهيه سائين جي دور ۾ ٻين سلسلن جيان منقطع رهيو هو ، ان کي بنا دير جي مئي 1952 ۾ نئين سر جاري فرمائي ، جماعت ڏانهن ان علمي اداري سان تعاون جو حڪم مبارڪ روانو فرمايو. اڄ کان 60 سال اڳ جاري ڪيل سندن فرمودي جو نمونو ملاحظه فرمايو.
سياست جو ميدان ڪٿي پڙهيو هوم ته هڪڙي حديث پاڪ ۾ مومن جي نشانين مان هڪ هي نشاني به آهي ته هو پنهنجي زماني کان باخبر هوندو آهي ، سو پاڳاره بزرگن پنهنجي زندگي حالات جي رخ ڏانهن موڙي پنهنجي خدمات جي سفر کي جاري رکيو. حضرت پير سائين جن آيا ته حالات ڏاڍا تبديل ٿي چڪا هئا ، سندس دوست صحافي اظهر سهيل مطابق 1953 ع جي چونڊن ۾ مير غلام علي ٽالپر کين مشورو ڏيندي چيو هو ته اوهان لاءِ ڀلو اهو آهي ته سياست جي بجاءِ دم ڦيڻن واري جهان سان پنهنجي مريدن جي دلين تي حڪومت ڪريو ، گويا ميرصاحب جي لفظن ۾ سياست ۾ اوهان ڇا ڪندو. پر پير سائين سردار پاڻ به فرمايو ته سياست مان پنهنجو خانداني ورثو سمجهان ٿو، منهنجي والد جيڪي روايتون ڇڏيون هيون مان ان کان ڪيئن ڌار رهي سگهيس ٿي، ان کان سواءِ سياست ۾ اچڻ منهنجي مجبوري هئي ، سياست اڄ تائين مونکي ڪجهه ناهي ڏنو، وڃايو ئي آهي ، حاصل ڪجهه ناهي ڪيو، منهجي سياست ۾ Existence جي لاءِ ۽ مريدن لاءِ اچڻ ضروري هو. 1953 ع جي اليڪشن ۾ اسان حالانڪه مسلم ليگ ۾ هئاسين پر پنهنجو گروپ هو ، 53 ۾ وڏو گروپ اسان جي ماڻهن جو هو 37 منهنجا 35 غلام علي ۽ قاضي فضل الله 19 ميمبر عبدالستار پيرزادي سان گڏ هئا ، مير غلام علي ۽ اسان جي ماڻهن کي هڪ جيتريون وزارتون مليون هيون باقي ٻين کي هڪ هڪ وزارت ملي جيڪي پهريان آيا هئا ، سنڌ جي اها حڪومت برطرف ٿي جنهن مان ڇهه وزير ڪڍياويا ۽ پيرزادو عبدالستار برقرار رهيو جنهنکي 54 ع ۾ برطرف ڪيو ويو ۽ خان بهادر کهڙو جيڪو ان وقت اسيمبلي ميمبر نه هو ان کي وڏو وزير بڻايو ويو ته جيئن سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائي سگهجي ، جهڙي نموني ون يونٽ جو بل حيدرآباد ۾ پاس ٿيو ، جڏهن ته مير صاحب ۽ ٻيا ماڻهو مختلف هنڌن تي گڏ ڪيا ويا اها ڪا لڪيل ڳالهه ناهي اها تاريخ آهي جيئن ته هو چونڊيل نه هو، ان کي 54 ۽ 55 جي آخر ۾ سانگهڙ مان منتخب ڪرايو ويو ۽ خانبهادر کهڙي کي جنهن طريقي سان منتخب ڪرايو ويو اهو ڪنٽرول ڊيموڪريسي جو هڪ پنهنجو مثال هو سموري سانگهڙ شهر کي يرغمال بڻايو ويو هو ڪو به اندر وارو ٻاهر نٿي وڃي سگهيو ۽ نه ئي ٻاهر وارو اندر اچي ٿي سگهيو ، ان وقت اسان جو اميدوار هاري حقدار ليڊر هو، هو پهرين شهر ۾ اچي چڪو هو . صبح جو نامزدگي فارم جمع ڪرايو ، جنهن کي پوليس کڻي ٽرڪ ۾ وجهي سرن واري موري وٽ اڇلايو ويو، ۽ کهڙو صاحب گهر ۾ ستو پيو هو . ضلع مئجسٽريٽ انوار عادل جيڪو اسان جو علي ڳڙه جو دوست هو، آگره جو رهواسي هو، هن پنهنجي پٽيوالي کي حڪم ڏنو ته گهڙيال ۾ 12 جي بجاءِ 2 وڄائي ڇڏ. گهڙيال ٻه وڄايا ته انوار عادل اعلان ڪيو ته آفيس وقت ختم ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ کهڙي کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو . ون يونٽ ۾ پهريون ڀيرو اسان جي واسطيدارن ۽ حرن کي رليف مليو ڇو ته سنڌ حڪومت جو اهو هولڊ نه رهيو هو پاليسي لاهور ۾ ٺهندي هئي جيڪا سڀن لاءِ هڪ هئي جنهن سبب اسان ٻئي درجي جي شهريءِ جي بجاءِ سنڌ ۾ ......... شهري ٿي وياسين ، پوءِ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ اوهان ڏٺو هوندو ته جڏهن به سنڌ جي اهڙي حڪومت آئي جيڪا اسان جي نه هئي ته ان هميشه حرن کي انتقام جو نشانو بڻايو ۽ زيادتيون ٿينديون رهيون جيئن ته پاليسيون برطانوي حڪومت جون هيون ان کي هي ماڻهو هلائيندا آيا هئا
پر جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي اوهان ڏٺو هوندو ته اسان جي ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ ، انهن جي زمينن کي رد ڪرڻ معمول بنجي ويو هو جڏهن هو آيا ته اهوئي ٿيو، ۽ جڏهن نوازليگ جي حڪومت آئي ته اسان جي حق ۾ ته نه هئي بلڪ اسان جي خلاف هئي ، البته ون يونٽ کان پوءِ پهريون ڀيرو سڪون جي زندگي بسر ٿيڻ لڳي ، ۽ ماڻهن ترقي ڪئي، هر حال ۾ روڪ ٽوڪ کان سواءِ وڌڻ لڳاسون ، 1965 کان پوءِ حالتون ضرورت کان وڌيڪ حرن جي حق ۾ ٿيون ۽ خوشحالي ۽ ترقي وڌندي رهي. “ ”ڍاڪا مان ايندي شيخ مجيب ڪراچي ايئر پورٽ کان سڌو هتي مون وٽ آيو هو ، مون کي ڪجهه سرڪاري واسطيدارن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪو مسلم ليگي اوڀر پاڪستان مان منتخب ٿئي يا عوامي ليگ جو اولهه پاڪستان مان چونڊجي . مان ته سمجهي ويو هوس ته اصل راند ڇاآهي مون انهن کي چيو ته منهنجو عيد کان پوءِ عوامي ليگ ڇڏڻ جو پروگرام آهي تيستائين مان ان ۾ آهيان ان کان پوءِ مون عوامي ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ اهوئي ٿيو. سياست ۾ پاڻ شروع کان ئي هڪ الڳ اسلوب رکيو آهستي آهستي سندن ڪردار وڌندو رهيو، پهرين وزير اعظم لياقت علي کان وٺي سڀ حڪمران ساڻن ملڻ لاءِ ايندا رهيا. پوءِ جڏهن ڀٽي جي حڪومت آئي ته هن ” انا ولا غيري“ جي خيال تحت سنڌ ۾ پير صاحب جي طاقت کي ڏسڻ نٿي چاهيو جنهن جو مظاهروهن سياست توڙي 65 ۽ 71 جي جنگين ۾ ڏٺو ، ان لاءِ ڀٽي پير سائين جن کي فون تي ڌمڪيون ڏيڻ کان سواءِ غداري جو الزام به لڳايو، مسٽر فتح محمد ميمڻ جج جي طرفان اهڙو خط به آيو هو جنهن جو پاڻ جواب ڏيندي آخر ۾ لکيو هو ته ” عدالت ۾ ملاقات ٿيندي“ . جڏهن سنڌ ۾ ڀٽي کي ڪو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه هو پر پير سائين يوڊي ايف ( متحده جمهوري محاذ) جو بنياد وڌو ، پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي مسلم ليگ تمام ڪمزور ٿي چڪي هئي 1973 جي ان ڏکين حالتن ۾ پير سائين جن مسلم ليگ جي صدارت سنڀالي کين سهارو ڏنو، 1977 ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت خلاف PNA ( پاڪستان نيشنل الائونس ) جو اتحاد جڙيو، تڏهن پير سائين جي سياست جو دنيا هڪ ٻيو نمونو ڏٺو. قومي اتحاد جا سمورا اڳواڻ جڏهن گرفتار ٿيا ته پويان اڪيلي پير سائين جن سڄي تحريڪ کي سنڀاليو، نون پارٽين جي ان اتحاد جو نالو ئي نو ستارا ڀيڄ پاڳارا پئجي ويو. تاريخي ريڪارڊ جي درستي جي لاءِ اها ڳالهه لکڻ ضروري ٿي وئي آهي ته ڀٽي نه فقط پير سائين سردار سان بغض رکيو، پر پوري جماعت عتاب هيٺ رهي، ڇهن حرن وارو واقعو، امين فقير ۽ ٻين کي گرفتار ڪري شهيد ڪيو ويو، خود حضرت پير سائين سردار کي 29 اپريل 1977 تي هڪ ڏينهن لاءِ انٽرڪانٽينٽيل هوٽل ۾ نظر بند ڪيو ويو، قومي اتحاد جي سرگرمين ان ڀٽي جيڪو کين ڌمڪيون ڏيندو هو ان تي مجبور ڪيو جو خود ان هوٽل ۾ حضرت پير سائين سان ملاقات لاءِ پهتو، اتي چيائين ته توهان ئي مونکي هن ميدان ۾ آندو ، پر مان ڀٽڪي ويس هاڻي توهان ئي مونکي گس ڏيکاريو، ڀٽي کي پاڻ فرمايو هو ته ملاقات لاءِ نظربندي وارو طريقو واه جو اختيار ڪيو اٿئي، ٻيو ڀيرو 15 مئي 1977 تي قومي اتحاد جي سربراه جي حيثيت ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت پنهنجي گهر اسلام آباد ۾ نظر بند ڪيو ويو، اها خبر ٻڌڻ بعد سان سڄي ملڪ ۾ حضرت پير سائين سردار جي حق ۾ مظاهرا ٿيا نيٺ ٽن ڏينهن بعد سندن نظربندي ختم ٿي.
پوءِ خود پير سائين جي لفظن ۾ باري تعالى مون تي مهربان آهي اهو منهنجي مخالفن کي پاڻ ئي ڪيرائي ڇڏيندو آهي، مون کي ڪجهه ڪرڻو ئي نه پوندو آهي. ان بعد جنرل ضياءُ الحق آيو ، جنهن 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو پر پير سائين جن فرمايو ته ائين هرگز نه ڪندو اهي صرف ڳالهيون آهن . پوءِ ائين ئي ٿيو، پي اين اي جي پليٽ فارم تان پير سائين سردار جي سياست هڪ نئون رنگ اختيار ڪيو، ان دوران سندن اخباري بيانن ۾ به هڪ نئون اسلوب اچي ويو، سندن بيانن کي پهرين مزاح سمجهندا رهيا، پوءِ ان مزاح جي پويان لڪيل حقيقتون سامهون اچڻ شروع ٿيون. ضياءُ الحق جي دور ۾ سندن ڪردار وڌيڪ رهيو، پاڻ 1985 ۾ سينيٽ جا ميمبر ٿيا، غير جماعتي اليڪشن بعد وزيراعظم جي ڪرسي تي پنهنجي مريد کي ويهاريائون، ۽ اتان کان سندن حيثيت بادشاه گر جي بڻي ، سندن دلچسپ بيانن سان گڏ پيشن گوين جو به سلسلو شروع ٿيو، پوءِ دنيا ڏٺو ته پير سائين سردار پنهنجا ڪيترائي مريد وزير، وزير اعلى ، وزيراعظم بنائڻ سان گڏ حرن جي اولاد کي سرڪاري طرح اهم عهدن تائين پهچائي ، چٿيل ۽ پيڙهيل حر جماعت کي خو شحالي ۽ ترقي جي راه تي آندو. ڪيترائي سياستدان لڪ چوري ۾ GHQ جو آشيرواد وٺڻ لاءِ آتا هوندا هئا ، پر اظهار ڪرڻ کان لنوائيندا هيا، پير سائين سردار پوري زندگي ڪڏهن GHQ جي حاضري نه ڀرڻ جي باوجود برملا طور پاڻ کي ان جو ساٿي چوندو رهيو ، پر جمهوري حڪومت جا سڀ نمائندا سندن در جي حاضري ڀرڻ پنهنجي سعادت سمجهندا هئا. 1990 ع ۾ پاڻ پنهنجي پارٽي الڳ بنائي ان کي مسلم ليگ فنڪشنل جو نالو رکيو ، جنهن جا تاحيات سرپرست رهيا. ڪنگري هائوس پاڪستان جي سياسي سرگرمين جو مرڪز رهيو.
1965 جي جنگ حسينيت ۽ حريت تاريخ جا ٻئي گڏيل ڪردار رهيا آهن ، جتي پاڳارا بزرگن حسينيت وارو ڪردار نڀايو ، اتي سندن جماعت به حريت جو ميدان ملهائي ڏيکاريو. حضرت پيرسائين تخت واري جا هي لفظ مبارڪ ته ڏسو ” اسان تشنه لبن وارن جي اولاد آهيون“ پير سائين سردار جن پاڻ فرمايو ته پاڪستان اسان جو گهر ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي ، يا وري ته حر هن ملڪ جا محافظ ۽ خادم آهن