Muneeb Indher Journalist

Muneeb Indher Journalist Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Muneeb Indher Journalist, Sukkur.

30/12/2025

نوجوان ڪمال ڪري ڇڏيو
ٺٽي کلي ڪچھري ۾ نوجوان ست منٽ ڇھ سيڪنڊن ۾ سموري سنڌ جي ترجماني ڪندي سامھون ويٺل ڪامورن جون متيون منجهائي ڇڏيون...!

29/12/2025

ايس ايس پي صاحب اسان جي قومي جھيڙي ۾
مداخلت ڪري ڊرون حملا ٿو ڪري، ھاڻي سي پيڪ ۽ پڪٽ سنڀالجان ،جتوئي گينگ جو ايس ايس پي شڪارپور کي ڌمڪي

گھوٽن جي قتل جا ذميوار ھي ڀوتار آهن جيڪيٻروچڪي ۽ ڄاموٽڪي کي آڙ بڻائي ناحق ڳڀرو ڪھائين ٿا ۽ پنهنجي اوطاقن توڙي ووٽ کي مضب...
29/12/2025

گھوٽن جي قتل جا ذميوار ھي ڀوتار آهن جيڪي
ٻروچڪي ۽ ڄاموٽڪي کي آڙ بڻائي ناحق ڳڀرو ڪھائين ٿا ۽ پنهنجي اوطاقن توڙي ووٽ کي مضبوط بڻائين ٿا...!

28/12/2025

پنوعاقل ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو
کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي سرٽيفڪيٽ
پنوعاقل سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو کي بهترين ڪارڪردگي ۽ امن امان جي بهتري لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.
سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري تقريب ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل ۽ سيد زيرڪ خورشيد شاهه شريڪ هئا، جن هٿان ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو کي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.
ان موقعي تي مهمانن ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو جي پيشاورانه صلاحيتن، عوام سان سٺي روين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو مستقبل ۾ به اهڙي ئي محنت ۽ ايمانداري سان پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندو...!

28/12/2025

ياد رهي ته شڪارپور جي اڄوڪي واقعي
۾ گهوٽ سميت جيڪي ماڻهون قتل ٿيا آهن.
ڪجھ ڏينهن پهريان جتوئي مهر تڪرار جو فيصلو علي گوهر خان مهر وٽ ٿيڻو هيو. علي گوهر مهر ايهو چئي فيصلي جي تاريخ رد ڪري چيو ته مون وٽ عرب شهزادا آيل آهن فلحال آئون فيصلو نه ڪندو
سردارن جي ڪهڙن ڪهڙن نعمتن جو شڪريو ادا ڪندو...!

سنڌ م قبائلي تڪرار ناسور بڻيل شڪارپور ۾ جتوئي مهر تڪرار ۾ ڄڃ مٿان فائرنگگهوٽ سميت 3 ڄڻا قتل جڏهن ته پنج ماڻهو سخت زخمي ش...
28/12/2025

سنڌ م قبائلي تڪرار ناسور بڻيل
شڪارپور ۾ جتوئي مهر تڪرار ۾ ڄڃ مٿان فائرنگ
گهوٽ سميت 3 ڄڻا قتل جڏهن ته پنج ماڻهو سخت زخمي شادي جون خوشيون ماتم م تبديل...!

28/12/2025

گهوٽڪي ناري فرحانہ گجر جو تحفظ لاءِ مطالبو
گهوٽڪي جي علائقي راهمو والي شانتي نگر پاڙي جي رهواسي ناري فرحانہ گجر ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته هن هڪ مهينو اڳ پنوعاقل جي عدالت مان عبدالوهاب گجر کان قانوني طور طلاق حاصل ڪئي آهي، پر عبدالوهاب گجر اها طلاق مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ۽ مٿس اغوا جا بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي.
فرحانہ گجر جو چوڻ آهي ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو ويو، هوءَ پنهنجي مڪمل رضا خوشي سان طلاق وٺي چڪي آهي ۽ هن وقت پنوعاقل ۾ ڪرائي جي جڳهه تي رهي ٿي. هن الزام هنيو ته عبدالوهاب گجر مختلف ماڻهن وٽ وڃي کيس بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي.
ناري فرحانہ گجر خدشو ظاهر ڪيو ته کيس عبدالوهاب گجر ۽ سندس ساٿين مان جان جو خطرو آهي. هن ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي....!

28/12/2025

شڪارپور ۾ قبائلي تڪرار سبب ڄڃ تي فائرنگ، ٻه معصوم جانيون ضايع، هي رت جي راند هاڻي بس ڪريو! زرداري ليگ جي ڇانوَ هيٺ ويٺل سردار، ڀوتار ۽ وڏيرا قبائلي باهه کي ٻارڻ ڏئي رهيا آهن، نتيجي ۾ بيگناهه ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن.
خدارا! رياست، انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جاڳن، قبائلي تڪرارن، غيرقانوني هٿيارن ۽ بدامني تي فوري ڪنٽرول ڪرايو.
خاموشي به ڏوهه آهي، ۽ لاپرواهيءَ جي قيمت عوام رت سان ڏئي رهيو آهي...!

28/12/2025

قبائلي جهيڙن جي اصل جڙ سردارن جي بي لگام سرپرستي آهي.
جيستائين بااثر سردارن مٿان ايف آئي آرون داخل ڪري کين قانون موجب گرفتار نٿو ڪيو وڃي، تيستائين بيگناهه ماڻهو رت ۾ وهنجندا رهندا،جنهن ڏينهن قانون سڀني لاءِ برابر ٿيو، ان ڏينهن پاڻ ئي قبائلي جهيڙا ختم ٿي ويندا...!

Address

Sukkur

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Muneeb Indher Journalist posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share