Undivided Sindh

Undivided Sindh sindh Jo awaz

14/08/2026

گذریل رات پرڏیھ ۾ نوجوانن سان قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ایاز لطیف پلیجو جی اھم گفتگو ۽ موقف:
"سنڌ جي وحدت، وسيلن، پاڻي، زمينن، دریاھ، سامونڊي پٽي ۽ سياسي اختيارن بابت سنڌ جو موقف بلڪل واضح، اصولي ۽ غيرمتزلزل آهي. سنڌ جو عوام ڪنهن بہ انتظامي تجربي یا ورهاڱي کي ۽ ڪنهن بہ اھڙی سازش کي قبول نه ڪندو، جيڪا سنڌ جي تاريخي، جاگرافيائي، اقتصادي ۽ سياسي وحدت کي نقصان پهچائي. سنڌو درياھ جو پاڻي سنڌین جي جیاپي، بقا، زراعت ۽ معيشت جو بنياد آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي ڌاڙي، نون ڪئنالن يا اهڙين منصوبن جي مخالفت ڪئي ويندي، جيڪي سنڌ جي جیاپي، زرعي معيشت، ماحولیات ۽ لکين عام ماڻهن ۽ ھارین جي روزگار کي خطري ۾ وجهن. سنڌ جي پاڻي ۽ قدرتي وسيلن بابت فيصلا سنڌ جي عوام جي قومي ۽ آئيني حقن جي برخلاف ھرگز نٿا ڪري سگهجن.
ڪراچي شھر سنڌ جو تاريخي تخت گاھ ۽ سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ، نئون صوبو ٺاهڻ يا سنڌ جي وحدت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن به منصوبي کي سنڌ جا ماڻهو ھرگز قبول نه ڪندا. بلدیاتي سڌارا، بااختيار مڪاني ادارا ۽ بهتر حڪمراني ضرور هئڻ گهرجن، پر انهن جي نالي ۾ صوبائي خودمختیاري ۽ 18 ترمیم تي حملہ منظور ناھن۔
سمنڊ سنڌين جو آهي، قدرتي وسیلا، شھر، درياھ، زمينون، ٻيٽ، ٻيلا، جبل، ڪچو ۽ معدنيات سنڌ جي عوام جا آهن. سمورا سرڪاري کاتا، وسیلا، سامونڊي پٽي ۽ سمورو بلدیاتي نظام هميشہ ۽ ھر حال ۾ سنڌ جي عوام ۽ صوبي جي اختیار ۾ هجڻ گهرجن.
سنڌ کي پنهنجي وحدت ۽ وسيلن تي اختيار سان گڏ تعليم، صحت، روزگار، صنعت، زراعت ۽ نوجوانن جي ترقي لاءِ نئين پاليسي جي ضرورت آهي. ڪرپشن، جاگيرداراڻي ذهنيت، صوبائي ۽ وفاقي سرڪارن جي ڦرلٽ، نااهلي ۽ سياسي مصلحتن سبب سنڌ جي عوام کي محڪوم ۽ محروم رکڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن کي جديد تعليم، ٽيڪنالاجي، هنر، میرٽ ۽ روزگار جا موقعا ڏيڻ کانسواءِ سنڌ جي ترقي ممڪن ناهي.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي، سنڌ کان پري ضرور آهن، پر سنڌ جي حال ۽ مستقبل سان سندن قومي، جذباتي، ثقافتي ۽ معاشي تعلق اڻٽٽ آهي. پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌين کي سنڌ ۽ پاڪستان جي مظلوم عوام جي تعليم، صحت، صنعت، زراعت، ثقافت ۽ انساني ترقي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي وحدت، وسيلن، پاڻي ۽ عوام جي حقن جي حفاظت لاءِ سنڌ اندر ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ هر باشعور سنڌي کي پرامن، جمهوري، قانوني ۽ آئيني جدوجهد جو حصو بڻجڻ گهرجي. حالتون بدلجن ٿيون، حڪومتون بدلجن ٿيون، سياسي نعرا ۽ حڪمت عمليون بدلجن ٿيون، پر سنڌ جي وحدت، امن، جمھوریت، انصاف، پاڻي، وسيلن ۽ قومي حقن بابت اصولي موقف تبديل نٿو ٿي سگهي. سنڌ هڪ آهي، سنڌ هڪ رهندي ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد سدائین جمهوريت، امن، دليل، قانون ۽ عوامي سجاڳي جي بنياد تي جاري رهندي." ایاز لطیف پلیجو


14/08/2026

Address

Sukkur
1162

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Undivided Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share