28/07/2025
دڪو اسٽاپ تي سياسي ويڙھ پنھنجي انجام تائين نيٺ ته پھچي وئي!!!
دڪو اسٽاپ تي کوسا برادري جھڙوڪر ھڪ قبيلي جو ڏيک ڏيندڙ ھن اسٽاپ سان مختلف کوسن جا ڳوٺ ملندڙ جنھن ۾ الھيار خان کوسو، جامن خان کوسو سميت پنج کان ست ٻيا ڳوٺ جنھن ۾ کوسا برادري جا ست راڄ معززين ھر دور ۾ سياسي ويڙھ دوران پنھجن ھٿان ئي استعمال ٿيندا رھيا آھن پاڪستان پيپلزپارٽي سان وابستگي رکندڙ ھتان جو اڳواڻ رئيس سردار رمضان کوسو جنھن جي نيڪ نيتي نيازمنڌي ۽ محبتن ڀريل اخلاق سان ھتان جي کوسا برادري سان تعلق رکندڙ قوميت حوالي سان ماضي ۾ رئيس رمضان کوسو خلاف به استعمال ٿيندا رھيا ايترو ئي نه سياسي اختلاف ھجڻ ڪري اڳوڻي ٽائون ڪميٽي چيئرمين مير شاھد احمد ٽالپر کي به ھتان کان وڏي تڪليف جو سامنو ڪرڻو پيو جڏھن ته خود رئيس رمضان کوسو کي به متاثر ڪرڻ جي ھڪ وڏي سازش رچي وئي پر مخالف اندروني پنھجي ئي پارٽي سان تعلق رکندڙ وڏا نالي وارا ڪرتا درتا مڪمل طور تي ناڪام ٿيا جڏھن ته رئيس رمضان کوسو جي سخت مخالفت ڪندڙ رئيس سلطان کوسو، ڊاڪٽر ممتاز کوسو، ڪامريڊ عارب کوسو پراڻي سنگت پيپلزپارٽي جي چڏي پنھنجي برادري جي نيڪ مرد پيپلزپارٽي جي حقيقي جيالي رئيس رمضان خان کوسو سان مڪمل تعاون ئي نه بلڪه مرڻ جيئڻ جو پڻ وچن ورجائي چڪا آھن رئيس سلطان کوسو، ڊاڪٽر ممتاز کوسو، ڪامريڊ عارب کوسو، لطيف کوسو ۽ ٻين رئيس سردار رمضان خان کوسو جي ڀرپور حمايت جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آھي وڌيڪ تفصيلي احوال کوسا برادري جي وڊيوز بيان ۾ لازمن ڏسڻ ء ٻڌڻ نه وساريندا
عوامي پريس ڪلب تلھار.........