Aakhay Wataya

Aakhay Wataya This Media organization is committed to delivering accurate, credible, and fact-based content that informs, educates, and inspires the public.

We believe that access to reliable information is essential for building informed communities.

05/08/2026

ٽنڊو الھيار ڪيريا شاخ تي پيپلز پارٽي جي ٻن مشھور زمانہ ھمراھن کي جيڪو انقلاب آڻڻو ھو اھو في الحال ملتوي، سنگت کي خبر نہ ھئي اڄ ڪشمير جو يوم استحصال آھي ۽ پوليس جي شھدا جو ڏينھن آھي...ھمراھ شھيد ٿي ويا ۽ سندن استحصال بہ ٿيو

ٽنڊوالهيار ۾ ھي احتجاج پاڪستان پيپلز پارٽي جو سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي خلاف آھي. ھيٺ ھمراھن جا نالا ڏنل آھن. انھن...
04/08/2026

ٽنڊوالهيار ۾ ھي احتجاج پاڪستان پيپلز پارٽي جو سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي خلاف آھي. ھيٺ ھمراھن جا نالا ڏنل آھن. انھن ھمراھن جو تعلق ڪنھن سان آھي ۽ ڪير ڪنھن جو لاڏلو آھي سڄي ضلعي ٽنڊوالهيار کي خبر آھي. غلام محمد باغي جي دنيا ڇڏڻ کانپوءِ ورڪرن مان ضلعي جنرل سيڪريٽري جي سيٽ لاءِ ھيٺين ھمراھن جا نالا پئي ھليا ھاڻي پڪ سمجھو ته ھي اھي ھمراھ يڪا ڪيريا شاخ تي ئي ويٺل ھوندا. سلطان آباد ويجھو جن جون ٻنيون آھن، جن جا فارم آھن اھي ضلعي جون تمام خبرون رکن ٿا. ڌڻين جي مرضي خلاف ويندڙ پيپلز پارٽي مان به ويندا. مظلومن جي ظالم پارٽي آھي پيپلز پارٽي. پيپلز پارٽي جي ضلعي قيادت مان ھنن ھمراھن جي جن سان گوڏو گڏي ويھڻ واري ياري آھي انھي ياري تي به احتجاج جو بار ضرور پوندو ۽ اھو بار منفي ھوندو. رھي ڳالھ منشيات جي ٽنڊوالهيار قرآني قرآن مٽياري، حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان کان سئو دفعا بھتر حالت ۾ آھي. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي گھرجي سائين وارن جي مطالبي تي سختي وڌائي ۽ جيڪي بہ ملوث جي ڪاروبار ۾ ملوث آھن انھن جا احتجاج ڪندڙن کان نالا وٺي سخت ڪارروائي ڪري.

چمبڙ ۾ فيضان مدينہ جي زير نگراني ھلندڙ مدرسي ۾ زيب النساء جي مارجي ويل معصوم عمران جو نوحوسنجر چانگ کان ٿورو اڳتي زرداري...
17/07/2026

چمبڙ ۾ فيضان مدينہ جي زير نگراني ھلندڙ مدرسي ۾ زيب النساء
جي مارجي ويل معصوم عمران جو نوحو
سنجر چانگ کان ٿورو اڳتي
زرداري واري پڪي(روڊ) تي نئين دمبالي کان ٿورو پھريان گشڪورين جا ڳوٺ اچن ٿا انھن ڳوٺن تي ھڪ لنڪ روڊ نڪري ٿو ھي اھو علائقو آھي جتي ڄام عبدالواحد ھاليپوٽي جا روڊن تي بورڊ نظر اچن ٿا. ڳوٺ سونو خان ڪورائي واري رستي تي ھڪ ھنڌ ڄام عبدالواحد ھاليپوٽي جي اوطاق جو بورڊ به نظر آيو، ھي اھو ئي عبدالواحد ھاليپوٽو آھي جنھن وٽ بلاول ڀٽو اچي رات رھيو ھو، سنڌ حڪومت ۾ وڏي وزير جي خاص معاون جو ذميواريون به ڄام صاحب حوالي آھن. مدرسي ۾ زيادتي جو مسلسل شڪار ٿيندڙ عمران جي والد مينھين جي ڌراڙ علي نواز ڪورائي ٽوال سان اکيون اگھندي ميار پئي ڏني ته اسان وٽ اڃان تائين راڄ جي چونڊيل ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن مان ڪوئي ڏک ونڊڻ به ناھي آيو. جيڪي ڏکي ويل ڪم نه اچن انھن سان اسان جو ڪھڙو رشتو.
گھر ۾ عمران جي ٽن ڀينرن ۽ ھڪڙي ننڍي ڀاءُ کي گڏ ويھاري زارو قطار روئندڙ ماء زيب النساء چيو پئي منھنجو مور ويو ھليو منھنجو ٻچو ويو ھليو چوندو ھو آئون حافظ ٿيندس ۽ پڙھندس منھنجو ٺيڪ ٺاڪ سومر جي ڏينھن مدرسي ويو ھو ۽ ٽن ڏينھن بعد ھن کي الائي ڇا ٿيو منھنجو ٻچو مونکان ويو ھليو. انصاف ۽ قانون جون تقاضائون پنھنجي جڳھ تي اھڙن والدين جون آھون ۽ دانھون مجرمن ۽ ظالمن کي ڪٿي سک جو ساھ کڻڻ ڏينديون. چمبڙ پوليس عمران ڪورائي جي ڪيس ۾ مدرسي جي طالب نور علي ٻٻر ۽ مدرسي جي منتظم رياض کي گرفتار ڪيو آھي جن مان نور ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي ۽ پوليس مطابق ھن معصوم سان زيادتي ڪرڻ جو جرم قبوليو آھي ڊاڪٽر مطابق ٻار جي جسم مان مسلسل زيادتي جا نشان ۽ شاھديون مليون آھن . ھي ڪيس چمبڙ ۽ ٽنڊوالهيار ۾ سنگين ڏوھ جو ڪيس آھي مجرمن کي قانون مطابق سزا اچڻ گھرجي جيڪي سمجھدار آھن انھن کي پنھنجي پنھنجي حصي جو ھن ۾ ضرور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۽ وارثن کي وڪيل ڪري ڏيڻ کان خرچ پکي جي به ھمت ڪرائڻ گھرجي ته جيئن ھو ڪيس جي آسان سان پوئيواري ڪري سگھن. ڪيس جي فريادي ۽ ٻار جي والد علي نواز ڪورائي جي اھا مالي پھچ ناھي جو ھو نئين دمبالي کان ٽنڊوالهيار اچي سنواين تي عدالت پھچي سگھي. ھي تصويرون عمران جي گھران مليون آھن ڳوٺ وارن مطابق ھو نعت شريف ڏاڍي سھڻي پڙھندو ھو، اھو مٺو مرسل صہ ئي مجرمن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪارو ڪندو سزا ڏياريندو جنھن جي نالي اچڻ تي عمران اکيون چمندو ھو.

فيضان مدينہ چمبڙ ۾ عمران مسلسل زيادتي جو نشانو بڻجندو رھيو،  زيادتي ۽ قتل ۾ سندس ساٿي کٿابي جي ملوث ھجڻ جو انڪشاف، مدرسي...
17/07/2026

فيضان مدينہ چمبڙ ۾ عمران مسلسل زيادتي جو نشانو بڻجندو رھيو، زيادتي ۽ قتل ۾ سندس ساٿي کٿابي جي ملوث ھجڻ جو انڪشاف، مدرسي جو منتظم خبر ھجڻ باوجود خاموش رھيو، پوليس ذريعن مطابق چمبڙ جي فيضان مدينہ جي زيادتي بعد قتل ٿيل طالب معصوم عمران ڪورائي جي قتل تائين پوليس پھچي وئي ايف آئي داخل
ميڊيڪل رپورٽ مطابق ٻارڙي سان پراڻي زيادتي جاري رھڻ جا ثبوت ۽ شاھديون معلوم ٿيون آھن.ٽنڊو الھيار جي ايس ايس پي سيد سليم شاھ پاڻ ڪيس جي جاڇ ڪئي ۽ ملزمان کي سوالن جوابن جي مرحلي مان گذاريو ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري اصل ملزم تائين رسائي حاصل ڪئي.

گذريل سال 3630 ٻار زيادتي جو شڪار ٿياٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ساحل مطابق پاڪستان اندر گذريل سال 2025 دوران ٻارن سا...
16/07/2026

گذريل سال 3630 ٻار زيادتي جو شڪار ٿيا
ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ساحل مطابق
پاڪستان اندر گذريل سال 2025 دوران ٻارن سان زيادتي جي واقعن ۾ سال 2024 جي ڀيٽ ۾ 8 فيصد اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 2025 ۾ ٻارن سان زيادتي جا 3630 ڪيس رڪارڊ ٿيا آھن
نئين دمبالي جي ڳوٺ جو ٻارنھن سالن جو معصوم عمران چمبڙ جي مدرسي ۾ علم حاصل ڪرڻ بدران جان وڃائي ويٺو، عمران کي مدرسي ۾. داخل ٿئي صرف 21 ڏينھن ٿيا ھئا.

16/07/2026

والدين پيا ٻار پيدا ڪندا انھن جو معاشي بار کڻي نه سگھندا نتيجي ۾ معصومن کي مدرسن ۾ جمع ڪرائي مائٽ پاڻ تان لاھي ثواب ڳڻڻ ۽ تورڻ شروع پيا ڪندا، معصوم مدرسن ۾ وحشتن جو ائين شڪار ٿين ٿا جيئن چمبڙ ۾ 12 سالن جو عمران ٿيو آھي

صحت جي شعبي جي عظيم خدمتن جو نتيجو ظاھر  . سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي کانپوءِ خيرپور ميرس ۾ ايڇ آئي ويجي مريضن ھجڻ جو انڪشاف....
13/07/2026

صحت جي شعبي جي عظيم خدمتن جو نتيجو ظاھر
. سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي کانپوءِ خيرپور ميرس ۾ ايڇ آئي وي
جي مريضن ھجڻ جو انڪشاف. لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي رپورٽ مطابق 73 ٻارن ۾.ايڇ آئي وي آئي آھي جن مان اڪثريت جو تعلق خيرپور ميرس سان آھي
جون مھيني ۾ اسپتال آيل ٻارن جي رپورٽن مان اسپتال انتظاميا کي معلوم ٿيو. سنڌ ۾ صحت کاتي جي خدمتن کي ساراھي ساراھي نه ٿڪندڙ ڏسي وٺن ته ھي بيماري ڪھڙا عطائي ڊاڪٽر ۽ ڪير پيو پکيڙي؟ آھي ڪو صحت جو معياري نظام بيمارين جي علاج لاءِ اسپتالون ڳڻائڻ کان بھتر آھي بيمارين پيدا ٿيڻ جا سبب روڪيا وڃن اھا ذميواري حڪومت جي ئي ھوندي آھي. ھاڻي صاحب اسپتال کولي ايڇ آئي وي جي مريضن کي دنيا ۽ پاڪستان جي بھترين سھولت ڏيندا.

سنڌ اندر جرڳائي عدالتون، سنڌ ھائي ڪورٽ جرڳن تي بندش لاڳو ڪئيجسٽس رحمت جعفري سنڌ ھائي ڪورٽ سکر ۾ جرڳن خلاف فيصلو ڏنو ۽ جر...
12/07/2026

سنڌ اندر جرڳائي عدالتون، سنڌ ھائي ڪورٽ جرڳن تي بندش لاڳو ڪئي
جسٽس رحمت جعفري سنڌ ھائي ڪورٽ سکر ۾ جرڳن خلاف فيصلو ڏنو ۽ جرڳن تي بندش وڌي ھئي پر اتر سنڌ ۾ اڄ به عدالتن کان مٿاھان فيصلا پيا ٿين.
سکر ۾ ھي جرڳائي فيصلو آيو آھي جنھن ۾ ڪل 57 قتل ۽ 100 کان وڌيڪ زخمين جي خون جو فيصلو تقريبن 18 ڪروڙ روپين جي ڏنڊ سان ڪيو ويو آھي. ھي سياسي معيشت آھي سردار جرڳا ڪري عدالتي ۽ قانوني نظام کي مفلوج ڪري ويٺا آھن .
مهر ۽ جتوئي برادرين جي تڪرار بابت ھي جرڳو
سردار علي گوهر خان، سردار ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، سردار مير عابد حسين جتوئي، غوث بخش خان مهر ۽ ٻين سردارن جي سرپئنچي ۾ ٿيو ياد رھي ته ھي جرڳو سرڪاري عمارت سرڪٽ ھائوس سکر ۾ ٿيو ھو . .

ڪير ويندو شراب خاني ۾؟سنت نيڻو رام جي شھر اسلام ڪوٽ ۾ مذھبي جماعتن پاران شراب خانو کلڻ خلاف شھر مڪمل بند ڪرائي احتجاج رڪ...
11/07/2026

ڪير ويندو شراب خاني ۾؟
سنت نيڻو رام جي شھر اسلام ڪوٽ ۾ مذھبي جماعتن پاران
شراب خانو کلڻ خلاف شھر مڪمل بند ڪرائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آھي. ٿرپارڪر ۽ خاص طور اسلام ڪوٽ ۾ مذھبي شدت پسندي ۽ مذھبي جماعتن جون سرگرميون وڌي رھيون آھن. مذھبي جماعتون ڪوئلي متاثرن جي حق ۾ بہ ڪو اھڙو احتجاج رڪارڊ ڪرائينديون يا اھو جھاد شرعي ناھي؟
ھن کان اڳ اھڙا احتجاج ٽنڊوالهيار، ڄامشورو، ميرپورخاص، سانگھڙ ۽ حيدرآباد ۾ پڻ رڪارڊ ڪرايا ويا پوءِ انھن شراب خانن جو خبر ناھي ڇا ٿيو،

ٽنڊوالهيار ۾ ڪاري ڪوٽ ۾ گھمندڙ ۽ ڪاري ڪوٽ وارن سان گھمندڙن جو پوليس، ججن، چونڊيل نمائندن کي خيال ڪرڻ گھرجي جي نه ته ھو ڪ...
10/07/2026

ٽنڊوالهيار ۾ ڪاري ڪوٽ ۾ گھمندڙ ۽ ڪاري ڪوٽ وارن سان گھمندڙن جو پوليس، ججن، چونڊيل نمائندن کي خيال ڪرڻ گھرجي جي نه ته ھو ڪنھن به وقت پاڻ کي وڪيل سڏرائي روڊ بند ڪري سگھن ٿا. منشيات فروشي جي ڪاروبار ۾ ملوث ملزمن کي ٿاڻي تان ڇڏرائڻ کان وٺي عدالتن ۾ ججن کان زوري ضمانتون وٺڻ، ججن کي عدالتن ۾ ڌمڪائڻ تائين جا واقعا ٽنڊوالهيار ۾ بار جي ماضي قريب جي سياست جو شاندار مثال آھن. وڪيلن عدالتن ۾ دليل ڏيڻ بند ڪري ھاڻي ڪيريا شاخ ۽ ماڇي ھوٽل تي پنھنجون ھڪ طرفيون عدالتون قائم ڪري پاڻ مدعي، پاڻ وڪيل ۽ پاڻ جج ٿيڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي . في الحال وتايو ايترو ئي چوي ٿو.

Address

Tando Allahyar

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Aakhay Wataya posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share