BW Keerio Official

BW Keerio Official غريب مظلوم جو آواز
باغي وحيد ڪيريو ٽنڊوالهيار

14/06/2026

ٽنڊوالھيار جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته ٽنڊوالهيار جي زمينن تي نوابشاهه جو ماڻھو اچي قبضا ڪري رھيو آھي جيڪو ناقابل برداشت آھي

اسان انھن قبضا مافيا کي چئون ٿا سنڌ جا وارث اڃان زنده آھن توھان جي ڪنھن ناپاڪ ارادي کي ڪڏھن پورو ٿيڻ نه ڏينداسين.. صنعان خان قريشي

14/06/2026

حيدرآباد ڊاڪٽر لائين ۾ پنھنجن پيارن جي علاج لاء ايندڙ ماڻھن کي ٽريفڪ عملو ھزارين روپين جو چالان زبردستي ڪري لوٽڻ لڳو,, چالان جا پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ لفٽر جي ذريعي گاڏي ٿاڻي تي بند ٿا ڪري ڇڏين ,, ايڏو ظلم آخر ڇو ,, اھڙي عمل خلاف آواز اٿارڻ گهرجي

اچي بي سھارا والد کي سندس معصوم نياڻي جي اک جي روشني موٽائي ڏيو,, ڦڙي ڦڙي تلاء رابطو جو نمبر ھيٺ موجود آھي جيترو ٿي سگھي...
13/06/2026

اچي بي سھارا والد کي سندس معصوم نياڻي جي اک جي روشني موٽائي ڏيو,, ڦڙي ڦڙي تلاء رابطو جو نمبر ھيٺ موجود آھي جيترو ٿي سگھي ھنن جي مدد ڪيو .....
داستانِ درد.......!!!!!!!!
هڪ مجبور پيءُ جي دانهن.....!
منهنجي دل جو ٽڪرو، منهنجي چار سالن جي معصوم نياڻي جنهن کي 24 اپريل 2026 تي اک ۾ هڪ اڻڄاتل ڌڪ لڳو. ۽ ان هڪ ڌڪ اسان جي سڄي گهر جي خوشين کي گهڻو پري ڪري ڇڏيو. شهدادپور جي لوڪل ڊاڪٽر ڏسي سڌو حيدرآباد جي SIOVS اسپتال ريفر ڪيو. اتي معصوم جو Corneal Repair (اک جي پردي جو) آپريشن ٿيو.
هڪ پيءُ جي دل هئي، اميدن جا ڏيئا ٻاري هر هفتي پنهنجي ٻچڙي کي چيڪ اپ لاءِ کڻي حيدرآباد ويندو هئس.
ڪجهہ وقت علاج هليو، پر پوءِ ڊاڪٽرن جا لفظ منهنجي ڪنن تي قيامت بڻجي ڪريا.!!!

”اک ضايع ٿي ويندي، هاڻي صرف مصنوعي اک لڳائي سگهجي ٿي...“
نياڻي ٻار آهي، اڄ ننڍي آهي سڀاڻي وڏي ٿيندي... ان کان پوءِ هي عيب...! هي سوچي منهنجي روح کي لرزشو اچي ٿو وڃي. دل روز رئي ٿي، روز جئيان ٿو ۽ روز مران ٿو.

وري ڪنهن ٻڌايو تہ راشد آباد (ٽنڊو الهيار) جي LRBT اسپتال ۾ وڏا ڊاڪٽر اچن ٿا ۽ اتي علاج مفت آهي.
غريبيءَ ۾ اميد جو هڪ ڪرڻو نظر آيو،
نياڻي کي کڻي اتي پهتس پر افسوس...! اتي مسيحا بڻيل ڊاڪٽر جي سخت ۽ رُکي رويي، منهنجي مٿان ڪيل دٻاءُ واري گفتگو، منهنجي مئل هنيانءَ کي ويتر گهائيندو ڪري ڇڏيو.
هنن بنا ڪنهن همدرديءَ جي وري ساڳي حيدرآباد اسپتال ريفر ڪري پنهنجي جان ڇڏائي ورتي.
اصل معجزو تہ اهو آهي تہ اڄ جو غريب پنهنجي زندگي جا هزارين ڏک کيسي ۾ کڻي، چهري تي مسڪراهٽ جو نقاب پائي گهمي ٿو!
هن معاشري ۾ غريب ۽ پڙهيل لکيل نوجوان لاءِ ڪا بہ عزت ناھي آهي. الائجي ڪيترا مون جهڙا اڇا پوش نوجوان پنهنجي غيرت ۽ اڻوند اڳيان ائين ئي پريشانين جي سمنڊ ۾ ٻڏي رهيا آهن.
وري ڀاءُ Karam Ali Khaskheli صاحب جن رابطو ڪيو....!
ان پنھنجي جڏهن پوزيشن ٻڌائي تہ لڱ ڪانڊاريندڙ ڳالھ سائين جن کي پنھنجي تڪليف ھوندي بہ مون سان رابطو ڪيو. ۽ FLO Hospital Karachi جو مشورو ڏنو... الله سائين صحت عطاءُ فرماءِ...
منهنجي کيسي ۾ ايتري سگهہ ناهي جو ڪنهن وڏي پرائيويٽ اداري ۾ پنهنجي نياڻي جو علاج ڪرائي سگهان، جتي شايد رب جي رحمت سان منهنجي نياڻي جي اکين جي روشني واپس موٽي اچي...
پر نااميدي ڪفر آهي!
اميدن تي ئي تہ دنيا قائم آهي. مون کي پنهنجي مالڪ جي ذات تي پورو ڀروسو آهي، هو جيڪو سڀني کان وڏو خالق آهي، اهو ڪو نہ ڪو رستو آسان ڪندو ۽ ڪنهن ٻانهي جي دل ۾ رحم ضرور وجهندو.
Contact Number
03053885188

13/06/2026

حيدرآباد رھواسڻ بااثر جي ظلم ڌميڪن کانپوءِ پريس ڪلب پھچي وئي انصاف لاء دربدر, بيواھ عورت سان انصاف ڪيو وڃي

#حيدرآباد

13/06/2026

اھيو گھر به نه ھليو,,
ٽنڊوالهيار جو پريمي جوڙو

13/06/2026

ظلم جي انتها 8 سالن جي معصوم شاگردياڻي سان مبينا زيادتي فوري طور تي معصوم نياڻي اسپتالـ...See More

12/06/2026

يونيورسٽي مان پيپر ڏئي واپس موٽندڙ 2 ڳڀرو ڀائر قتل
نواب شاهه شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جا 2 شاگرد ڀائر سرمد ۽ ارسلان جمالي قتل,, واقعو زميني تڪرار ٻڌايو پيو وڃي,, آئي روز معصوم قتل ,, وحشي درندن کي خلاف کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

#نوابشاھواقعوڀائرقتل

Address

Keeriya Shakh
Tando Allahyar

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when BW Keerio Official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share