Social Worker TMK

Social Worker TMK سچ وڏو ڏوهاري آهي, روز ازل کان پڪڙيو ويو آهي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي ڳولهي ڳولهي ماريو ويو آهي.

07/01/2026
07/01/2026

بريڪنگ نيوز

ٽنڊو محمد خان: ڏينهن ڏٺي شهر جي وچ انور ڪالوني ۾ ڦر جي وڏي واردات، عورتن جو منظم گروهه سرگرم

ٽنڊو محمد خان: ڇهن عورتن سعيد راجپوت جي گهر ۾ گهڙي گهر وارن کي يرغمال بڻايو

ٽنڊو محمد خان: ڦر ڪندڙ عورتن پاران نقد رقم ۽ قيمتي زيور ڦر ڪرڻ جي ڪوشش

ٽنڊو محمد خان: گهر ۾ موجود عورتن جي رڙين تي پاڙيسري فوري طور پهچي ويا

ٽنڊو محمد خان: پاڙيسرين جي مدد سان ڇهن مان چار ڦر ڪندڙ عورتون پڪڙيون ويون

ٽنڊو محمد خان: پڪڙيل عورتن کي بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو ويو

ٽنڊو محمد خان: واقعي دوران ٻه عورتون ۽ هڪ مرد موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب

ٽنڊو محمد خان: پوليس پاران فرار جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ ڳولا شروع

ٽنڊو محمد خان: ايس ايڇ او بي سيڪشن ظهور نوناري واقعي جا تفصيل ميڊيا کي ٻڌايا

ٽنڊو محمد خان: ايس ايڇ او موجب گرفتار عورتون منظم ڏوهاري گروهه سان تعلق رکن ٿيون

ٽنڊو محمد خان: عورتن جو گروهه مختلف شهرن ۾ وڃي اهڙا گهر چونڊينديون آهن

ٽنڊو محمد خان: گروهه خاص طور انهن گهرن کي نشانو بڻائيندو هو جتي آساني سان واردات ٿي سگهي

ٽنڊو محمد خان: گرفتار عورتون نوڪري جي بهاني سان به گهرن ۾ داخل ٿين ٿيون

ٽنڊو محمد خان: نوڪري دوران موقعو ڏسي ڦر جي وارداتون ڪيون وينديون هيون

ٽنڊو محمد خان: پوليس موجب وڌيڪ انڪشافن جو امڪان، جاچ جو دائرو وڌايو ويو

ٽنڊو محمد خان: پوليس دعويٰ، فرار ٿيل عورتن ۽ ساٿين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ پنهون غازي بروهي) ٽنڊو محمد خان واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪر يون...
07/01/2026

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ پنهون غازي بروهي)
ٽنڊو محمد خان واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪر يونين (سي بي اي ) حيسڪو آپريشن ڊويزن ٽنڊومحمدخان پاران گرڊ اسٽيشن کان سجاول چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي زاهد علي کوسو ڊويزنل چئيرمين ، عبدالعزيز ميمڻ ڊويزنل سيڪريٽري ، ارجن ڪمار ڊويزنل وائيس چئيرمين ، محمد يونس نظاماڻي چئيرمين سب ڊويزن 2 ، رشيد احمد ميمڻ چئيرمين سب ڊويزن 1 ، سجاد علي سٺيو چئيرمين سب ڊويزن بلڙي شاهه ڪريم ، ماجد علي سرهيو چئيرمين ڊويزن ، محمد ياسين نظاماڻي چئيرمين جي ايس او ماتلي ، فياض علي ميمڻ سيڪريٽري سب ڊويزن 1 ، عابد هاليپوٽو سيڪريٽري سب ڊويزن 2 مير ظهير ٽالپر جوائنٽ سيڪريٽري سب ڊويزن 1 ،مير عامر علي ٽالپر سيڪريٽري سب ڊويزن بلڙي شاهه ڪريم ، عبدالرئوف ڪنڀار سيڪريٽري سب ڊويزن ماتلي مير راشد ٽالپر جوائنٽ سيڪريٽري سب ڊويزن 2 ، محمد اڪرم گنبو وائيس چئيرمين سب ڊويزن ماتلي ، امير عثمان جوائنٽ سيڪريٽري سب ڊويزن بلڙي شاهه ڪريم ، محمد سليمان جوائنٽ سيڪريٽري سب ڊويزن ماتلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت واپڊا جي نجڪاري ذريعي پنهنجي من پسند ماڻهن ۽ سرمائيدارن کي نوازڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته هن اداري سان لاڳاپيل لکين ملازمن ۽ سندن خاندانن جو مستقبل خطري ۾ وجهي ڇڏيو ويو آهي. هنن چيو ته واپڊا ملڪ جي توانائي نظام جي ريڙهه جي هڏي آهي ۽ ان کي خانگي هٿن ۾ ڏيڻ سان بجلي مهانگي ٿيندي ۽ عام ماڻهو وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيندو. ڪنهن به صورت ۾ نجڪاري قبول نه ڪندا ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ هر سطح تي جدوجهد جاري رکندا. هنن حڪومت پاڪستان کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن نجڪاري جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو، جنهن ۾ هڙتالون ۽ ملڪ گير تحريڪ به شامل ٿي سگهي ٿي. واپڊا کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سڌارا آندا وڃن، بجلي جي تقسيم ڪار ڪمپنين جي منافعي کي گهٽايو وڃي عام پاڪستاني شهري کي رليف ڏنو وڃي واپڊا جهڙي منافعي بخش اداري کي نجڪاري جي نالي تي تباهه نه ڪيو وڃي. واپڊا ملازم پنهنجي اداري ۽ عوام جي حقن لاءِ آخري حد تائين جدوجهد ڪرڻ جو عزم رکن ٿا. هنن چتاء ڏنو ته حڪومت جيڪڏهن پنهنجي هوڏ تي قائم رهي ته واپڊا جا لکين ملازم اسلام آباد پهچي حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪندا

سنڌ جي شاهراهن تي نظر وجهڻي پوندي ته تمام قديم زماني ۾ لشڪرڪشي يا واپار جو هڪ رستو هتان گذري ٿو، جيڪو غارن واري دور کان ...
06/01/2026

سنڌ جي شاهراهن تي نظر وجهڻي پوندي ته تمام قديم زماني ۾ لشڪرڪشي يا واپار جو هڪ رستو هتان گذري ٿو، جيڪو غارن واري دور کان وٺي موهن جي دور ۽ پوءِ تائين گذرگاه رهيو آهي.اهو بين القوامي رستو ميسوپوٽيما کان نڪري وچ ايران جي شهرن ڪرمان شاه، همدان، سلطان آباد، قُم، ڪاشان، يزد، بمپور کان ٿيندو، مڪران مان لنگهي سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو. آمري، سيوهڻ کان ٿيندو هن جو هڪ حصوموهن جي دڙي ڏانهن ۽ ٻيو حصو مڪران کان ٿاڻو عارب، ڪرچات جي ڀرسان لنگهي سن، آمري ۽ اتان درياءَ جي هن پار برهمڻ آباد تائين پهچندو هو.

( باجارا، جهانگارا کان اَٺ ميل پري ٻنڌڻي نئي جبل مان نڪري ٿي، انهيءَ جبل جي ٻيڪڙ ۾ نئي جي catchment area آهي، انهيءَ هنڌ پاڻيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ قديم بند جا نشان ملن ٿا. مقامي ماڻهو ان کي ”ڪافر بند“ ڪوٺين ٿا. اهو بند ٻه هزار سال ق- م کان اڳ اڏيو ويو، ان بند جي ٻاهران، انهيءَ قديم رستي جا نشان ملن ٿا، جيڪو ميسو پوٽيما کان ٿيندو سن، آمري ۽ موهن شهر تائين پهچندو هو.)
(تصويري نقشو: ڪتاب ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ تان ورتل )

06/01/2026

ٽنڊو محمد خان
رپورٽ پنهون غازي بروهي

ٽنڊو محمد خان
سنڌ پبلڪ پارٽي جي ڪنوينر پير اشفاق جان سرهندي چيو آهي ته تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي انساني حقن بدران قوم کي پنڻ سيکاريو پيو وڃي، جيڪا نااهل حڪمرانن جي ناڪام پاليسين جو کليل ثبوت آهي. پٽار ڳوٺ ۾ قريشي برادري پاران شموليت پروگرام دوران عوام کي خطاب ڪندي هن چيو ته بجيٽ 2025–26 ۾ تعليم ۽ صحت لاءِ رڳو 84 ارب روپيا رکڻ، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 722 ارب روپيا مختص ڪرڻ حڪمراني جي غلط ترجيحن کي ظاهر ڪري ٿو.
پير اشفاق جان سرهندي وڌيڪ چيو ته حڪمرانن قومي ادارا پي آءِ اي، پاڪستان اسٽيل ملز سميت ٻين اثاثن کي وڪڻي قومي خودمختياري کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بنگلاديش ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ وظيفا ڏيڻ بدران تعليم، هنر ۽ روزگار تي ڌيان ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ غربت کي سياست لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته سينئر سٽيزن جي نالي تي به ڪرپشن جا نوان در کوليا ويا آهن. آخر ۾ هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو نااهل حڪمرانن کي سڃاڻي، انهن جي پاليسين کي رد ڪري ۽ پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري، ڇو ته قومون وظيفن سان نه، پر تعليم ۽ خودداري سان زنده رهنديون آهن.
ان موقعي تي سنڌ پبلڪ پارٽي جي ٻين مرڪزي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

تعليم ۽ صحت بدران قوم کي پنڻ سيکاريو پيو وڃي؟ نااهل حڪمرانن جي ناڪام پاليسين ملڪ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. يير اشفاق جان سره...
06/01/2026

تعليم ۽ صحت بدران قوم کي پنڻ سيکاريو پيو وڃي؟ نااهل
حڪمرانن جي ناڪام پاليسين ملڪ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. يير اشفاق جان سرهندي...

جنهن ملڪ جي بجيٽ 2025–26 ۾ تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي انساني حقن لاءِ رڳو 84.3 ارب روپيا رکيا وڃن، ۽ ساڳئي ملڪ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙي خيراتي اسڪيم لاءِ 722 ارب روپيا مختص ڪيا وڃن، اتي حڪمراني جي ترجيحن تي سوال نه پر سخت الزام ئي لڳن ٿا. اهڙي پاليسي قوم کي خوددار، باوقار ۽ خودڪفيل بڻائڻ بدران پنڻ تي مجبور ڪرڻ جي کليل سازش آهي.
نااهل حڪمرانن ملڪ جي قيمتي قومي اثاثن ــ پي آءِ اي، پاڪستان اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن کي وڪڻي قومي خودمختياري کي نيلام ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. حڪمران طبقو ترقي جا خواب وڪڻي، حقيقت ۾ ڪرپشن، نااهلي ۽ ناانصافي جا نوان طريقا ايجاد ڪري رهيو آهي. عوام هاڻي سمجهي ويو آهي ته اهي حڪمران نه رڳو نااهل آهن، پر عوام دشمن به آهن.

دنيا اڳتي وڌي چڪي آهي. بنگلاديش ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ عورتن کي وظيفا ڏيڻ بدران هنر، فني تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهن. اتي عورت کي محتاج نه پر خودمختيار بڻايو پيو وڃي. جڏهن ته پاڪستان ۾ حڪمرانن عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي رڳو وظيفي جو عادي بڻايو، پوءِ انهن جي ٻارن لاءِ به وظيفا مقرر ڪري قوم کي مستقل انحصار جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو.

هاڻي تازو سينئر سٽيزن جي نالي تي به ڪرپشن جا نوان در کوليا ويا آهن، جتي همدردي جي پردي ۾ قومي خزاني تي هٿ صاف ڪيا پيا وڃن. اهڙيون اسڪيمون غربت ختم نٿيون ڪن، پر غربت کي سياست لاءِ استعمال ڪن ٿيون. قوم کي تعليم، صحت، روزگار ۽ انصاف ڏيڻ بدران خيرات جي ٽڪرن تي جيئڻ سيکاريو پيو وڃي.
اهڙن عقل جي انڌن حڪمرانن کي گهرجي ته هو بنگلاديش ۽ ملائيشيا کان ترقي جا طريقا سکن، جتي حڪمراني جو مقصد قوم کي اڳتي وڌائڻ آهي، نه ته ان کي محتاج بڻائڻ. پر افسوس جو پاڪستان ۾ ترقي جي نالي تي رڳو ڪرپشن، اقرباپروري ۽ نااهلي کي هٿي ڏني وڃي ٿي.

انهن خيالن جو کليل اظهار پٽار ڳوٺ ۾ قريشي برادري جي شموليت پروگرام دوران سنڌ پبلڪ پارٽي جي ڪنوينر پير اشفاق جان سرهندي عوام کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي جو عوام اهڙن نااهل حڪمرانن کي سڃاڻي، انهن جي ڪوڙين پاليسين کي رد ڪري ۽ پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري، ڇو ته قومون وظيفن سان نه، پر تعليم، شعور ۽ خودداري سان زنده رهنديون آهن.

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ پنهون غازي بروهي )ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ حج 2026 لاءِ وزارتِ مذهبي امور پاڪستان جي اهتمام هيٺ هڪ  تربيت...
05/01/2026

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ پنهون غازي بروهي )
ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ حج 2026 لاءِ وزارتِ مذهبي امور پاڪستان جي اهتمام هيٺ هڪ تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪيو ويو، جيڪا دي يونيورسٽي آف ماڊرن سائنس جي قاضي مظهر آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ٿيو. هن تربيتي سيشن ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي سان تعلق رکندڙ 177 حاجين شرڪت ڪئي، جن کي حج جي مناسڪ بابت مڪمل ۽ مرحليوار تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي .ورڪشاپ جو بنيادي مقصد حج 2026 تي ويندڙ حاجين کي حج جي فرض، واجبات، سنتن ۽ عملي معاملن بابت صحيح ۽ مستند ڄاڻ مهيا ڪرڻ هو، جيئن هو پنهنجي عبادت صحيح طريقي سان ادا ڪري سگهن. تربيتي سيشن دوران حج جي احرام، طواف، سعي، وقوف عرفات، مزدلفه ۽ مِنا جي عملن بابت تفصيلي وضاحت ڪئي وئي، جڏهن ته حاجين جي سوالن جا تسلي بخش جواب پڻ ڏنا ويا.ان موقعي تي مفتي منير احمد ۽ محمد عرس، اسسٽنٽ وزارتِ مذهبي امور، خطاب ڪندي چيو ته حڪومتِ پاڪستان پاران هر سال حج تي ويندڙ حاجين لاءِ تربيتي سيشن ڪرائڻ جو مقصد اهو آهي ته حاجي حضرات حج جي اهميت ۽ ان جي مناسڪ کي صحيح نموني سان سمجهي سگهن. هنن چيو ته حج اسلام جو هڪ اهم فريضو آهي، جيڪو صاحبِ استطاعت مسلمان تي زندگي ۾ هڪ ڀيرو فرض ڪيو ويو آهي، تنهنڪري ان جي ادائگي دوران ڪنهن به قسم جي غلطي کان بچڻ لاءِ تربيت انتهائي ضروري آهي.تقريب جي آخر ۾ وزارتِ مذهبي امور جي نمائندن دي يونيورسٽي آف ماڊرن سائنس جي چانسلر جو شڪريو ادا ڪيو، جن هن تربيتي ورڪشاپ لاءِ آڊيٽوريم ۽ ٻيون ضروري سهولتون مهيا ڪيون. ان موقعي تي يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ پڻ خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽي کي فخر آهي جو اهڙي مقدس فريضو ادا ڪرڻ وارن ماڻهن جي تربيت لاءِ سهڪار فراهم ڪيو ويو. هن حاجين لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله پاڪ انهن جو حج قبول فرمائي ۽ کين سلامتي سان واپس وطن موٽائي.

03/01/2026
ڪجھ دوستن کي نيشنل پريس ڪلب ھضم انھيءَ ڪري ھضم نہ پئي ٿئي جو ڪمائيءَ جو ذريعو بند ٿي ويندو جن کي ٽنڊو محمد خان ضلع جي عو...
03/01/2026

ڪجھ دوستن کي نيشنل پريس ڪلب ھضم انھيءَ ڪري ھضم نہ پئي ٿئي جو ڪمائيءَ جو ذريعو بند ٿي ويندو جن کي ٽنڊو محمد خان ضلع جي عوام کي مسئلن مشڪلاتن کان پري رکي پھنجو روزگار ڪرڻو آھي جنھن ڪري نيشنل پريس ڪلب جي مخالفت م لھي آيا آھن ٽنڊو محمد خان ڪنھن جو خريد ٿيل ناھي جو فقط پاڻ پھنجي طاقت ڏيکارين ٿا ٽنڊو محمد خان ھر شھري ھر ضلع جي شخص جو آھي ھاڻي دوست بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آھن انھن کي ياد رکڻ گھرجي تہ نيشنل پريس ڪلب ھر صورت م ضلع جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاء ميدان تي ايندي جنھن بعد ضلع جي عوام ئي پرک ڪندي تہ اسان جي دردن جو احساس ء بيباڪ صحافت وارا ڪير آھن نيشنل پريس ڪلب جي فقط اعلان سان ئي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آھي انشاءالله جلد پريس ڪلب جو آغاز ڪنداسين

Address

Gharibad Molha Talpur Colony
Tando Muhammad Khan
970133993

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Social Worker TMK posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share