Nazar Ali Kolachi

Nazar Ali Kolachi Excited!

27/03/2026

Shout out to my newest followers! Excited to have you onboard! Sasi Sasi, Abidrahman Rahmani, Arjan Liga

بلڙي شاهه ڪريم: 12 سالا معصوم نياڻي اغوا ۽ زبردستي نڪاح جو انڪشافبلڙي شاهه ڪريم: جنھاڻ سومرو لڳ مدرسي مان مبينا طور گم ٿ...
08/02/2026

بلڙي شاهه ڪريم: 12 سالا معصوم نياڻي اغوا ۽ زبردستي نڪاح جو انڪشاف
بلڙي شاهه ڪريم: جنھاڻ سومرو لڳ مدرسي مان مبينا طور گم ٿيل 12 سالا معصوم نياڻي زڪيرا ڌي غلام حسين رند سان سندس ئي استاد عبدالسلام ولد حامد سومرو پاران زبردستي نڪاح ڪرڻ جو انڪشاف، ۽ ان جو فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد، علائقي ۾ خوف ۽ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي.
نياڻي جي وارثن مطابق، مولوي عبدالسلام سومرو مدرسي ۾ امتحان وٺڻ جي بهاني نياڻي کي گهر گهرايو، جنهن کان پوءِ هو گم ٿي وئي. وارثن جو چوڻ آهي ته هن نياڻي جي واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر ڪابه شنوائي نه ٿي.
وارثن الزام هنيو آهي ته نياڻي مڪمل طور معصوم ۽ نابالغ آهي (عمر صرف 12 سال) ۽ کيس اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪرايو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته مدرسي ۾ پڙهائڻ جي آڙ هيٺ نياڻي سان ظلم ڪيو ويو.
نياڻي جي مائٽن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري معصوم نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ اغوا ۽ زوري نڪاح ۾ ملوث سڀني ماڻهن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. ٻي صورت ۾، هنن سخت احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
ViralNews Sindh ProtectChildren MWM SocialJustice PakistanNews TrendingNow EmergencyAlert

07/02/2026

ٽنڊو محمد خان | اهم عوامي شڪايت
ٽنڊو محمد خان پل وٽ موجود هي مرغي فروش مڪمل بدمعاشي تي لهي آيو آهي. گوشت ڏيڻ جو طريقو، ڳالهائڻ جو انداز ۽ عوام سان رويو انتهائي غيراخلاقي ۽ ناقابلِ برداشت آهي.
توھان پاڻ هن وڊيو ۾ هن جي زباني ٻڌي سگھو ٿا ته هو هر ماڻهو سان ڪهڙي نموني پيش اچي ٿو.
علائقي جا رهواسي سخت پريشان آهن، ڇو ته روزانو مرد، عورتون ۽ ٻار هن جي بدتميزي جو شڪار بڻجن ٿا. اهڙو رويو نه رڳو سماجي قدرن جي لتاڙ آهي، پر شهري امن ۽ نظم ضبط لاءِ به سنجيده مسئلو آهي.
اسان ڊي سي اي سي، لوڪل گورنمينٽ ٽنڊو محمد خان، ميونسپل انتظاميا ۽ سڀني وس وارن اختيارين کي پُرزور اپيل ڪريون ٿا ته مهرباني ڪري فوري نوٽيس وٺي جاچ ڪري، قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن عوام کي انصاف ملي سگهي.
هاڻي خاموشي نه،
عمل گهربل آهي!

With Ajaz kollam – I just got recognized as one of their top fans! 🎉
02/02/2026

With Ajaz kollam – I just got recognized as one of their top fans! 🎉

With Zubair Nawaz – I just got recognized as one of their top fans! 🎉
02/02/2026

With Zubair Nawaz – I just got recognized as one of their top fans! 🎉

02/02/2026

ٽنڊو محمد خان جي شوڪت ڪالوني واري علائقي۾
طلاق کانپوءِ به اڳوڻي مڙس جو ظلم ختم نه ٿيو
وحشياڻو تشدد عورت زخمي اسپتال منتقل

31/01/2026

ٽنڊو محمد خان/ حبيب شيخ
ٽنڊو محمد خان: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آفيس بند، مستحق عورتن جو احتجاج ڌرڻو ، ڪرپشن جا الزام
ٽنڊو محمد خان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي ضلعي آفيس جي مسلسل بند رهڻ خلاف مستحق عورتن وڏي انگ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيون. جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. جڏھن ته
ڌرڻو ھڻندڙ متاثر عورتن ۾ مسمات خير ان، مسمات الله بچائي ملاح، مسمات جنت سولنگي، سماجي اڳواڻ زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته
آفيس بند هجڻ سبب کين پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ ۽ مالي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ دربدر ٿيڻو پوي ٿو. سندن الزام هو ته ڪجهہ ڊوائيس هولڊر غيرقانوني طور گهرن ۾ ڊوائيسون هلائي مستحق عورتن کان 1500 کان 2000 روپين تائين ناجائز ڪٽوتيون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترين عورتن کي سندن ٻارن جي تعليمي وظيفي جا پيسا به ادا ناهن ڪيا پيا وڃن.
متاثر عورتن الزام لڳايو ته هي سمورو عمل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪجهه عملدارن ۽ ڊوائيس هولڊرن جي مبينا ملي ڀڳت سان ٿي رهيو آهي، ڇو ته عملدارن جي اجازت کان سواءِ گهرن ۾ ڊوائيس هلائڻ ممڪن ناهي. سندن چوڻ هو ته مستحق ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي کين مالي طور تنگ ڪيو پيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آفيس کي فوري طور کوليو وڃي، ناجائز ڪٽوتيون بند ڪرايون وڃن، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مستحق عورتن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سندن حق ڏنا وڃن.
مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

30/01/2026

ٽنڊو محمد خان ۾ غيرت جي نالي تي خوني راند 🚨
ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪاروڪاري جي الزام هيٺ مڙس پاران زال ۽ سالي تي فائرنگ
هڪ ڄڻو فوت، ٽن معصوم ٻارڙن جي ماءُ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي آهي
❗ ڇا غيرت جي نالي تي بيگناهه جانين جو قتل بند ٿيندو؟
❗ قصور ڪنهن جو؟ انصاف ڪڏهن ملندو؟
📹 وڊيو ڏسو، شيئر ڪريو ۽ آواز بڻجو
⚖️ جوابدار جي فوري گرفتاري جو مطالبو

اڃا جوان رھن پيا جوء ۾ سنڌ پوليس کاتي مان تازو ريٽائرڊ ٿيل ڊي ايس پي محترم قربان ملاح صاحب پنهنجي  مليل پينشن جي پئسن ما...
11/01/2026

اڃا جوان رھن پيا جوء ۾
سنڌ پوليس کاتي مان تازو ريٽائرڊ ٿيل
ڊي ايس پي محترم قربان ملاح صاحب پنهنجي مليل پينشن جي پئسن مان اسڪول ويندڙ ڳوٺ جي نياڻين لاء رڪشا خريد ڪري ڏنو واضح رھي ته ڇوڪرين کي ڪنوينس ۾ مشڪلات ھئي
جيڪي ڳوٺ قادر ڏنو شاھ کان
بلڙي شاھ ڪريم ۾ پيپلز اسڪول ۾ تعليم پرائن ٿيون قربان ملاح صاحب کي اپريشيٽ (سلام پيش)ڪجي ٿو
جيڪو تعليم جي خدمت ۾ پاڻ مڃرايو آھي
وس آھر سڀني کي پنھنجي علائقي ۾ تعليم جي لاء جاکوڙ ڪرڻ گھرجي

Address

Tando Muhammad Khan
Tando Muhammad Khan
70220

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Nazar Ali Kolachi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share