14/04/2025
اي سنڌيو, منھنجا ڀائرو, نوجوان ساٿيو سجاڳ ٿيو! سجاڳ ٿيو!
ان کان اڳ جو ڪيل تاخير بڻڇي ڀالو تير ٿي لڳي, سجاڳ ٿيو.
اسان پنھنجي مٿان فرعون, شداد, مداد, حامان, ڪارون ۽ يزيد مسلط ٿيڻ ڏنا آھن
اھا پنھنجي لاشعوري آ غفلت آ جو اھڙي قسم جا رزيل وحشي حيوان صفت حڪمران ڇڙواڳ ڪتي جيئان اسان تي حملا پيا ڪن اسان جا حق ٿا غصب ڪن.
ٿورو سچيو! جيڪي عياش پرست آسائشن جا بکيا ھجن اھي ڪيئن ٿا ديس جي مالڪي ڪري سگھن!!
جيڪي عوام جي ڪمائئ مان ھاء فاء زندگي جيئن وڏن وڏن ھوٽلن تي عياشيون ڪن مھنگي ترين شراب جا عادي ھجن ۽ وري پنھنجين لگزري گاڏين ويگن, پراڊن, فارچونز ۽ ان کان بـ وڌيڪ جديد اربين روپين جي گاڏين ۾, عوام جي حفاظت جي نالي تي ڀرتي ڪيل پوليس جي جوانن ڪمانڊوز کي ھاء الرٽ رکي گزرن تـ ڪيترن ئي ڪوھن تائين روڊ رستا ٽرئفڪون جام ڪري ڇڏن! اھڙا خواھشن جا مريض توھان جي ڏکن سورن دردن اذييتن کي ڪيئن ٿا سمجھي سگھن 'خدارا' سجاڳ ٿيو.
اھي ئي پنھنجي ڌرتي ماء کي چند ٽڪن تي وڪڻڻ وارا آھن انھن کي ڪا بـ پرواھ ڪونھي انسانن جي ۽ نـ ئي آخرت جي, ھنن جون دليون مردا آھن ھي حرام جي گوشت کي ڪتن وانگر کائڻ وارا چنگيز ۽ ھلاڪو خان کان بـ بدتر درندا آھن اک پٽيو سجاڳ ٿيو!
ڳالھ زھر کان ڪڙي آھي پر سچي آھي
اڄ جيڪو پاڻ ڀرم رکي ھلون پيا پنھنجي در اڳيان يا گھٽئ ۾ ڪنھن ٻئي پاڙھي واري کي بيٺل ڏسي وڏي غيرت اچي ويندي آ ۽ يڪدم ان کي غيرت وارو ڊگھو ليڪچر ڏئي, تـ ھتان نياڻيون ٿيون گذرن اسان جا ٻار ٻچا پيا گذرن تون ڪيئن ھتي ڇڙواڳ بيٺو آھين ھتان ھليو وڃ! چئي روانو ڪيون ٿا
ننگن ۽ دنگن لاء وڏي پاڻ ۾ ويڙھ پيا ڪيون
سو بـ پاڻ ۾.
ھاڻي سوچيو ھي تـ وري بـ پاڻ ۾ آ سڀ ڪجھ مگر پوء ڇا ڪنداس جڏھن ھئ ڌرتي ھٿن مان وئي ھلي
اسان جي دليرائپ اسان جي غيرت اسان جو دٻدٻو اسان جو اوچو ڳاٽ اسان جا ٽوپ نراڙ ڪھاڙيون ڇھپر ۽ پٽڪا انھن جو ڇا ٿيندو!!!
ان لاء سجاڳ ٿيو اگر اڃان بـ ائين ئي ستل رھياسين پوء اھو وقت پري ناھي جڏھن سامراج اسان تي مڪمل قابض ٿي ويندا ۽ اسان سان ھو بـ ھو ھلاڪو خان واري ڪار ڪندا, اھي بيغيرت چپي چپي تي اٽالا بيھاري ڇڏيندا اھي وڏا مانگر مڇ جرنل ڪرنل ميجر اسان جي ننگن ۽ دنگن تي سوئرن وانگر ڪاھون ڪندا اسان کي شديد قيامت جھڙيون بدحاليو ۽ بکون ڏئي اسان جي جانين کي سڪائي ڪنڊا ڪري ڇڏيندا اسان جي ٻچن کي جيئرو کائيندا اسان جي ادب کي ساڙي ڇڏيندا اسان جي باشعور جوانن جو زبانون ڪٽي ڇڏيندا ۽ اسان جن رھبرن کي نظر بند ڪري ڇڏيندا ڦاسيون ڏئي ڇڏيندا، اھي سوئر جا پٽ کائي پي ڍڍ ڀري گڏھ وارو پيٽ ڪڍي آڪڙ مان اسان سان پيش ايندا ۽ اسان جن عزتن کي لانگ بوٽن سان لتاڙيندا ننگن جي ارياني ڪندا ۽ اھڙا اھي سڀ دل ڏاريندڙ, آسمان ڪيريندڙ منظر ڏسي ان وقت اسان صرف پنھنجي جگر جي رت کي تيزاب وانگي اٻرندي ۽ تيل وانگي ٽچڪندي ڏسڻ کان سواء ڪجھ ڪونـ ڪري سگھنداسين!!!
ان لئـ وقت ھٿن مان وڃي پيو سجاڳ ٿيو سجاڳ ٿيو
توھان انھن جلادن جا ڪارا عزائم نٿا ڄاڻو ڌرتي خاطر سنڌ جيجل خاطر پنھنجي جنت خاطر سجاڳ ٿيو جاڳو ھوش ڪيو
(لطيفي لات) کي نـ وساريو
(جي ايم سيد) جي فڪر کي نـ وساريو
(شيخ اياز) جي درس کي نـ
(سرمد سنڌي) جي گجگوڙ گيتن کي نـ وساريو
(بشير خان) جي جدوجھد کي نـ وساريو!
(رسول بخش پليجي) جھڙي عظيم شعور جي مالڪ کي نـ وساريو
ھوشو, ھيمو, دودي, درياءخان, روپلي, مظفر ڀٽو ۽ اھڙن کوڙ سنڌ جي حلالي پٽن جھڙي ڪردارن ۽ انھن جي قربانين کي نـ وساريو سجاڳ ٿيو! سجاڳ ٿيو!!