IBRAT Bhan News

  • Home
  • IBRAT Bhan News

IBRAT Bhan News This page is about for the news & events happen in Bhan Town and its surrounding.

03/04/2025

ڀان سيدآباد شهر ۾ حبيب بئنڪ سامهون شبير سوناري ۽ سندن پٽ محمد علي عرف ببلو سوناري کان 3 نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي لکين روپين جا سونا زيور ۽ ڪيش رقم ڦر ڪري فرار.

30/03/2025

ڀان سيدآباد
ڀان سيدآباد شھر جي مين گرڊ اسٽيشن جي ٽرانسفارم کي باھ لڳي وئي
گرڊ اسٽيشن جي ٽرانسفارم کي باھ لڳڻ بعد شهر ۽ ٻھراڙي 8 فيڊرن جي بجلي معطل ٿي وئي
عيد رات تي شهر سميت ٻھراڙي جا علائقا اونداهي ۾ ٻڏل
4ڪلاڪ کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڪا به ٽيڪنيڪل ٽيم نه پهتي
عيد جي موقعي تي حيسڪو جي نااهلي سبب رهواسي عيد اونداهي ۾ گذاريندا

30/01/2025

ڀان سيد آباد:
*سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سماجي کيتر ۾ پنهنجون خدمتون جاري رکندي خاص ڪري تعليم، صحت ۽ ثقافت جي ميدان ۾ مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي.*
ان سلسلي ۾ سگا شاخ ڀان سيد آباد پاران هلندڙ روشن تارا هاءِ اسڪول ڀان سيدآباد ۾ سائنسي ميلو ٿي گذريو، جنهن جو مھمان خاص منظور حسين اڄڻ سيڪريٽري تعليم سگا ھو. جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ علي اڪبر ميمڻ صدر سگا شاخ ڀان سيدآباد، پيرل خان راڌڻ جنرل سيڪريٽري سگا شاخ ڀان سيدآباد، رفيق احمد آءِ ميمڻ وائس چيئرمين روشن تارا اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي ڀان سيدآباد، پروفیسر غلام علي لنڊ تعليم ماهر ۽ پروفیسر قادر بخش پنهور ميمبر بي ايم سي سگا شاخ ڀان سيد آباد شامل ھئا، جن روشن تارا هاءِ اسڪول ڀان سيد آباد جي ڪلاس ڏهين کان نرسري تائين وزٽ ڪئي ۽ سائنسي ميلي ۾ شرڪت ڪئي۔ هن موقعي تي اسڪول جي شاگردياڻين هر هڪ ڪلثوم پنهور، دعا راهپوٽو، دعا ڀنڊ، حبيبا سومرو، ڪشف ميمڻ، سميا پنهور، طاهره سومرو، انس ڀلائي، بينظير جمالي، بختاور جمالي، حفصىٰ آرائين، نور ڀنڊ، سجيلا بروهي، انجل لوهاڻا، عليشبا ڀنڊ، مسڪان چنا،حرا ڀلائي، سحر گل بروهي مختلف سبجيڪٽس جا ماڊل ۽ پراجيڪٽ پيش ڪندي انهن تي پريزنٽيشن ڏني. جنهن بعد منظور حسين اڄڻ سيڪريٽري تعليم سگا خطاب ڪندي چيو ته آئون روشن انتظاميا کي جس ڏيان ٿو، جو هنن سائنسي ميلو لڳرائي شاگردن جي لڪيل صلاحيتن کي اجاگر ڪيو. شاگردن طرفان پيش ڪيل پراجيڪٽس ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته سائنسي ميلي مان محسوس ٿيو آهي ته روشن تارا اسڪولس جا ٻار انتهائي ذهين آهن. ههڙا پروگرام ٻارن کي صحتمند ماحول ڏيڻ جي حيثيت رکن ٿا. هن اسڪول انتظاميا تي زور ڀريو ته هو اسڪائوٽنگ تي توجهه ڏئي هڪ ٽيم تيار ڪن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اسڪائوٽ جي لڳندڙ ڪيمپن ۾ انهن کي حصو وٺرائي انهن کي زندگي گذارڻ جا اهم جُزَ سيکاري سگهجن. هن کان اڳ پروفيسر علي اڪبر ميمڻ پيرل خان راڌڻ، رفيق احمد آءِ ميمڻ، پروفیسر غلام علي لنڊ، پروفیسر قادر بخش پنهور ۽ اسڪول جي پرنسپال لکمير هاليپوٽو پڻ خطاب ڪندي ههڙن پروگرامن کي نوجوان نسل جي تربيت ۽ نشو نما لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. ياد رهي ته هي سائنسي ميلو روشن تارا اسڪول جي شاگردن لاءِ هڪ اعزاز ثابت ٿيو. # 2025-1-29

ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد ريلوي اسٽيشن ڦاٽڪ وٽ گوليون لڳل نوجوان جو لاش هٿ. لاش جي سڃاڻپ سرفراز پٽ امان الله ٿيٻو طور ٿي ...
25/11/2024

ڀان سيدآباد:

ڀان سيدآباد ريلوي اسٽيشن ڦاٽڪ وٽ گوليون لڳل نوجوان جو لاش هٿ.

لاش جي سڃاڻپ سرفراز پٽ امان الله ٿيٻو طور ٿي آهي: پوليس ذريعا

واقعي جي جاچ ڪريون پيا: پوليس

جوابدارن جي ڳولا جاري آهي: پوليس

MDCAT Test was leaked. Govt should take action.
25/09/2024

MDCAT Test was leaked. Govt should take action.

15/09/2024

ڀان سيد آباد (ن-ع) ڀان سيد آباد ۾ جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جماعت اهل سنت پاران شهر کي ۽ دڪاندارن پڻ پنهنجي دڪانن کي ساون جهنڊن، ساون جهنڊين ۽ ساون بلبن سان سينگاريو ويو آهي. سڀاڻي رات جماعت اهل سنت پاران پير خليل احمد جان نقشبندي ۽ مولانا غلام محي الدين عطاري جي اڳواڻي ۾ هڪ پيادل ريلي ٽائون ڪاميٽي ڀان جي گيٽ کان عثمان سولنگي هوٽل تائين ڪڍي ويندي. بعد ۽ ڊاڪٽر صادق آرائين چوڪ تي هڪ عظيم الشان نعت خواني ڪئي ويندي. جڏهن ته 12 ربيع الاول جي ڏينهن، بروز اڱاري تي صبح جو درگاهه ويهڙ شريف کان موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن تي مشتمل هڪ ريلي مفتي پير خليل احمد جان نقشبندي جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويندي. ريلي ڀان شهر جي مشهور درگاهه حضرت سخي سيد سليمان شاهه رح ۽ ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ حضرت سخي سيد طالب حسين شاهه جي مزارن تي چادر چاڙهڻ بعد ڀان شهر جي مرڪزي مسجد سيد قبول محمد شاهه (لوهار مسجد) ۾ پهچندي، جتي هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويندو. جنهن کي مفتي پير خليل احمد جان نقشبندي، مولانا قاضي عبدالغفور ۽ مولان غلام محي الدين عطاري ميلاد مصطفىٰ جي شان بابت خطاب ڪندا. بعد ۾ عرس مبارڪ جو لنگر تقسيم ڪيو ويندو. # _______________________ ڀان سيد آباد (ن-ع) ڀان سيد آباد ۾حضرت سخي سيد سليمان شاهه رح جو ساليانو 3 روزهه عرس مبارڪ / ميلو 21-20-19 سيپٽمبر بمطابق 16-15-14 ربيع الاول خميس جمع ۽ ڇنڇر تي نهايت جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ميلي جي پهرين ڌمال تي درگاهه جو سجادهه نشين سيد محمد شاهه چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪندو. اهڙي طرح ميلي جون مڪمل تياريون ڪيون ويون آهن. ميلي جي زائين جي خريداري لاءِ نوان مٺائي، ڪشمش ۽ ڪتابن جا دڪان لڳي ويا آهن. جڏهن ته ٻارڙن جي تفريح لاءِ سرڪس، لوهي ۽ ڪاٺ وارا چوڏول، راندين ۽ فوٽو گرافي جا اسٽال لڳي ويا آهن. ميلي جي ٽنهي ڌمالن تي ملاکڙو ڪيو ويندو. جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ملهه پهلوان پنهنجي پهلواني جو مظاهرو ڪندا. جڏهن ته راڳ روپ جون محفلون پڻ ٿينديون، جنهن ۾ نوجوان فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. اهڙي طرح وچين ڌ مال تا شهري فلاح بهبود تنظيم پاران اظهر حسين بلوچ جي نگراني ۾ ثقافتي شو پڻ ڪيو ويندو. جنهن ۾ نوجوان فنڪار سجاد سولنگي، سيد ڪامران شاهه، نزاڪت علي برهماڻي ۽ ٻيا فنڪار لوڪ گيت ڳائي محفل جهومائيندا. محمد اسحاق ميمڻ نمائندهه عبرت ڀان سيد آباد 2024-9-15

Bhan Sayedabad: Report with pics from M Ishaque Memon Reporter 3-9-2024ڀان سيد آباد (رپورٽ محمد اسحاق ميمڻ) مرڪزي جماعت ...
03/09/2024

Bhan Sayedabad: Report with pics from M Ishaque Memon Reporter 3-9-2024

ڀان سيد آباد (رپورٽ محمد اسحاق ميمڻ) مرڪزي جماعت اهل سنت ضلع ڄامشورو ۽ گلشن اشرفيه جماعت ڀان سيد آباد پاران ڀان سيد آباد ۾ تاجدار ختم نبوت، حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام رباني مجدد الف ثاني رح جن جي عرس مبارڪ جي حوالي سان درگاهه ويهڙ شريف جي گادي نشين حضرت پير آغا فقير محمد جان نقشبندي جي سربراهي ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ سنڌ جي مختلف روحاني درگاهن جي گادي نشينن پنهنجي جماعت جي ڪثير تعداد سان شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي مرڪزي جماعت اهل سنت جي صوبائي صدر مفتي محمد جان نعيمي خصوصي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ آهي ته قادياني ڪٿي به پنهنجي عبادتگاهه ٺاهي نه ٿا سگهن. قادياني اسلام جي دائري مان خارج آهن. 1974 ۾ شاهه احمد نوراني جي ڪردار جي بنياد تي شهيد ذوالفقار ڀٽو قادياني کي ڪافر قرار ڏنو هو. هن پڌرو ڪيو ته اهل سنت جماعت پاران 7 سيپٽمبر 2024 تي گولڊن جوبلي پروگرام هيٺ ڪراچي ۾ ختم نبوت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي. هن عوام تي زور ڀريو ته ختم نبوت جي عقيدي ۽ ايمان کي محفوظ رکو. ڪو شخص بغاوت ڪري ته هر ڪلمه گو جي ذميواري آهي ته ان خلاف آواز بلند ڪري. آخري رسول جي امت آخري آهي. پاڻ ڪريمن پنهنجي وقت ۾ هوشيار ۽ خبردار ڪيو هو ته منهنجي وصال کان پوءِ 30 ڪوڙي نبوت جا دجال ايندا. جيڪي امت کي ناڪام گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. جنهن ڪري عقيده ختم نبوت جي حفاظت ڪرڻي آهي. پوري ملڪ اندر ڪانفرنس ڪوٺائي ڪوڙن دجالين خلاف مسلمانن کي هوشيار ڪرڻو آهي. هن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته قاديانين کي پابند ڪيو وڃي ته آئين پاڪستان کي تسليم ڪن. ٻي صورت ۾ هنن کي آئين جو غدار قرار ڏنو وڃي. هن کان اڳ مفتي پير خليل احمد جان نقشبندي، مفتي نجم الدين اشرفي، مخدوم نديم احمد درگاهه کهڙا شريف، سيد ضياءُ الله شاهه، پير سيد ضمير حسين شاهه، ميان پير صفدر حسين، پير شمس الدين سوهو، پير حضور بخش درگاهه مسڪين پور، حافظ شفيق الرحمان درگاهه باقراڻي، مخدوم اظهار الحق صديقي درگاهه پاٽ شريف، پير محمد زمان ڪرمي، سيد حفيظ الله شاهه، علامه محمد ابراهيم، پير شفيق احمد جان اشرفي، پير محمد حسن جان اشرفي، علامه مختيار احمد قاسمي، سيد فاروق احمد شاهه همداني، محمد فياض نقشبندي ۽ مولانا محمد صادق اشرفي خطاب ڪندي چيو ته عقيده ختم نبوت ايمان جو حصو آهي. بنا ڪنهن تخفيف جي پاڻ ڪريم جن آخري نبي آهن. قرآن شريف ۽ حديث جي روشني ۾ اسان جو عقيدو آهي ته پاڻ ڪريم آخري نبي آهن. ايتري قدر جو پاڻ ڪريم جن ٻڌائي ويا هئا ته مون کان پوءِ ڪوبه نبي نه ايندو. هنن چيو ته حضرت امام رباني جي دور ۾ دين اسلام کي تقويت ملي. ان وقت جي بادشاهه پاران دين اسلام جي خاتمي لاءِ ناڪام ڪوششون ڪيون ويون. ڪانفرنس دوران محمد توفيق اشرفي، محمد صالح جمالي، فقير زيشان اشرفي، محب علي اشرفي ۽ فرحان علي سميت مختلف نعت خوانن ٰ ٰ بي سهارن جو سهارو آ محمد مصطفىٰ- جيڪا مدينو نه ساري، دل کپي ئي نه ٿي- جيڏو سهڻو نبي تنهنجو نام مٺو، تنهنجو شهر الائي ڇا هوندو- نبي ڪي گهر کا نوڪر هون جهڙيون نعتون پڙهي سامعين کي لطف اندوز ڪيو. ياد رهي ته ڀان سيد آباد جي تاريخ ۾ هي هڪ بهترين ديني جلسو ٿيو، جنهن ۾ شهر جي علاوهه ڪنڊ ڪڙڇ جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. آخر ۾ ايصال ثواب خاطر لنگر تقسيم ڪيو ويو. #

18/08/2024

ڀان سيد آباد: ڀان سيد آباد ۾ رات دير سان تيز رفتار برسات وسڻ ڪري شهر جون گهٽيون ۽ روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. جنهن ڪري ماڻهن جي اچ وڃ بند ٿي وئي آهي. ٽائون ڪاميٽي ڀان جي سوئيپر عملي پاران کين ملندڙ پگهارن جي گهٽ وڌائي سبب ڪيل هڙتال ڪري اڳئي شهر جي حالت خراب هئي، ويتر برساتي پاڻي سبب شهر جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ان ڪري ٽائون انتظاميا کي شهر جي صفائي بابت اپاءَ وٺڻ جو مطالبو ڪجي ٿو.

09/05/2024

ڀان سيد آباد: ڀان سيد آباد ۾ واپڊا حيسڪو پاران روزانو مختلف وقتن تي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ. شهري ۽ صارفين سخت پريشان. تفصيل موجب واپڊا حيسڪو پاران ڀان سيد آباد ۾ روزانو مختلف وقتن تي 18 ڪلاڪن جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جنهن ڪري شهري ۽ صارفين سخت پريشان آهن. تمام گهڻو وقت لوڊشيڊنگ ڪرڻ سبب بجلي تي هلندڙ ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري مذدور طبقو بي روزگار ٿي ويو آهي. جڏهن ته شهر ۾ پاڻي جي قلت پيدا ٿي وئي آهي. مسجدن ۾ وضو لاءِ پاڻي اڻلڀ آهي. هوڏانهن رات جي وقت بجلي بند هجڻ ڪري مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي. جنهن ڪري شهري رات جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن. شهرين ۽ صارفين واپڊا حيسڪو جي اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هن طرف توجهه ڏئي ڀان سيد آباد ۾ بجلي جو نظام درست ڪيو وڃي.

Transfer & Posting orders of District Education Officers for more update follow my page.
02/05/2024

Transfer & Posting orders of District Education Officers for more update follow my page.

ڀان سيد آباد:پ پ ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق پاران تڪ جي عوام جي مان ۾ ڀان سيد آباد ڀرسان پير جي لانڍي وٽ افطار پارٽ...
24/03/2024

ڀان سيد آباد:
پ پ ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق پاران تڪ جي عوام جي مان ۾ ڀان سيد آباد ڀرسان پير جي لانڍي وٽ افطار پارٽي ڏني وئي. جنهن ۾ ايڊووڪيٽ شفيع محمد ميمڻ پرنسپال لا ڪاليج، پ پ تعلقه صدر محمد عمر پنهور، غلام حيدر کوسو، امداد علي ڏاوڇ، يوسي چيئرمين عبدالرحمان پنهور، ميمبر ضلع ڪائونسل اصغر علي برماڻي، ميمبر ضلع ڪائونسل حمزو خان برهماڻي، يوسي چيئرمين امتياز علي پنهور، ڊپٽي ڊي او رفيق احمد آءِ ميمڻ، تعلقه آفيسر غلام رسول چانڊيو، پروفيسر قربان علي ڀنڊ، حبيب الرحمان ڪوريجو، طارق حسين پنهور، ايڊووڪيٽ سيد بخشل شاهه، سينيئر صحافي ولي محمد لنڊ، وڏيرو خميسو خان کوکر، وڏيرو جهنڊو خان پنهور، يوسي چيئرمين صفدر حسين پنهور، يوسي ڪائونسلر لياقت سومرو، وڏيرو نواب خان دل، يوسي ڪائونسلر علي خان پنهور، خالد جميل ڀنڊ، پير عامر حسين، ڪمدار غلام حسين پنهور سميت علائقي جي مختلف سياسي و سماجي شخصيتن سان گڏ علائقي جي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن موقعي تي ايم پي اي پير مجيب الحق عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته رمضان شريف جو مهينو اسان مسلمانن جي لاءِ هڪ تحفو آهي. الله تعالىٰ هن بابرڪت مهيني ۾ رحمتن ۽ برڪتن جا دروازا کولي ڇڏي ٿو ۽ روزيدار لاءِ وڏا انعام رکيا آهن. هن چيو ته رمضان مهينو اسان کي ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو، جنهن ڪري اسان کي گهرجي ته غريبن ۽ مسڪينن جي سار لهون. انهن جي هر طرح مدد ڪيون. ساڻن گڏ روزا افطار ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي، جنهن جو منشور عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ پارٽي مضبوط آهي. هو عوامي ليڊر آهي. هر وقت پنهنجي عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته تڪ جي اندر ترقياتي ڪمن ڪرائڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. خاص طور پيئڻ جي صاف پاڻي، روشنائي ۽ ڊرينيج جي اسڪيمن تي توجهه آهي. #
23-3-2024

ڀان سيد آباد (ن-ع) ڀان سيد آباد ويجهو درگاهه ويهڙ شريف ۾ حضرت خواجه محمد اشرف جان نقشبندي المعروف مصلي ڌڻي بادشاهه رح جن...
16/03/2024

ڀان سيد آباد (ن-ع) ڀان سيد آباد ويجهو درگاهه ويهڙ شريف ۾ حضرت خواجه محمد اشرف جان نقشبندي المعروف مصلي ڌڻي بادشاهه رح جن جو 26 هون عرس مبارڪ نهايت عقيدت و احترام سان ملهايو ويو. هن موقعي تي درگاهه جي گادي نشين حضرت آغا فقير محمد جان نقشبندي جي نگراني ۾ هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويو. جنهن کي مفتي پير خليل احمد جان نقشبندي خطاب ڪندي چيو ته حضرت مصلي ڌڻي بادشاهه رح ولايت جو سج ٿي اڀريو هو، جنهن جي عرس مبارڪ جي رات ظاهري طرح وڇوڙي واري رات آهي ۽ ظاهري اکين کان اسان کان پري آهن، مگر مريدن کي هنن ڪڏهن به نه وساريو آهي. سائين جن آخري دم تائين فرمايو ته ڪڏهن به پريشان نه ٿجو، هرگز پري نه آهيان. سائين جن پنهنجي ظاهري زندگي ۾ ٻڌايو هو ته سندن عمر 79 سال ٿيندي. دنيا جي زندگي کان موت کي هميشهه ياد ڪندا هئا. ڪامل قرب الاهي لاءِ هي موت وڇوڙو نه هوندو آهي. بلڪه حقيقي محبوب سان ملاقات هوندي آهي. هن چيو ته سندن شمار انهن برگزيدهه بندن ۾ ٿئي ٿو، جن کي الله تعالىٰ وهبي ۽ ڪسبي ولايت سان نوازيو هو. الله جو ارشاد آهي ته هدايت ۽ ولايت وارا رستا کولي رکندو آهيان ته جيئن بندو محنت ڪري مون رب ڏانهن متوجهه ٿئي. جيڪو بندو پنهنجي خالق کان پري نه ٿو ٿئي ۽ ساڻس رجوع ڪندو آهي ته الله پاڪ ان کي پنهنجو رستو ڏيکاريندو آهي. جنهن ڪري الله مان اميد نه لاهيو. هو ماڳ مڪان تائين موٽائيندو. هن زائرين تي زور ڀريو ته الله کي ياد ڪيو. هو تمام وڏو مهربان آهي. هن چيو ته مصلي ڌڻي بادشاهه کي عالم ارواح کان ئي کين قرب ۽ ولايت حاصل هئي. سندن والد رهنماءِ سالڪين ٻڌائيندا هئا ته ڀٽائي بادشاهه سندن ولادت جي بشارت ۽ مبارڪ ڏني هئي. سندن 6 ذوالقعد 1340 هجري بروز آچر جي ڏينهن ولادت ٿي هئي. سندن والده نماز پڙهڻ بعد مصلي تي کين جنم ڏنو هو. سندن سجدي جي حالت ۾ ولادت ٿي هئي، مگر هن ڳالهه کي اهل باطن ۽ اهل روحانيت وارا سمجهندا. الله تعالىٰ سائين جن کي اعلىٰ مقام فرمايو هو. 14 سالن جي عمر ۾ کين پنهنجي والد رهنما سالڪين پاران جماعت سنڀالڻ جو مقام مليو. الله تعالىٰ کين پنهنجي قرب جي اعلىٰ مقام تي فائز ڪيو هو. هميشهه فقيري تي ناز ڪندا هئا. هر وقت جماعت جي روحاني آبياري ڪيائون. هن کان اڳ پير محمد حسن جان اشرفي، ڊاڪٽر نجم الدين اشرفي، علامه پير عبدالرحيم جان اشرفي، علامه پير اشفاق احمد جان اشرفي ۽ مولانا محمد صادق اشرفي پڻ خطاب ڪيو. هن کان اڳ حضرت مصلي ڌڻي بادشاهه رح جن جي روح کي ايصال ثواب پهچائڻ خاطر درود پاڪ 57 لک 97 هزار 300، قرآن شريف 530 ختما، دلائل الخيرات جا 62 ختما بخش ڪيا ويا. جڏهن ته درگاهه جي گادي نشين حضرت آغا فقير محمد جان نقشبندي پاران زائرين جي حق ۾ خاص دعا گهري وئي. جلسي دوران مشهور نعت خوان پير احمد زمان اشرفي، توفيق احمد اشرفي، سيد جاويد شاهه، نور احمداشرفي، نور محمد اشرفي، ساجد علي شينو ۽ ٻين نعتون پڙهي زائرين کي لطف اندوز ڪيو. عرس مبارڪ ۾ پير شفيق احمد جان نقشبندي، پير محمد عارف گوجرانواله، ڊاڪٽر پير منظور احمد جان، پير رفيق احمد جان، صاحبزادهه پير اسد الله جان، خليفه محمد صالح اشرفي، خليفه محمد قاسم اشرفي، ايڊووڪيٽ پير فاروق احمد جان، رفيق احمد آءِ ميمڻ سميت مختلف مذهبي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن عرس مبارڪ ۾ شريڪ زائرين لاءِ سحري ۽ افطار جو بندوبست ڪيو ويو. #
محمد اسحاق ميمڻ نمائنده عبرت ڀان سيد آباد. 2024-3-16

Address


Telephone

+923003251849

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when IBRAT Bhan News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to IBRAT Bhan News:

Shortcuts

  • Address
  • Telephone
  • Alerts
  • Contact The Business
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share