Pakistan jo uho sheher jehjn jo nalo ubto subto sago aa....
17/05/2025
Tareekh
17/05/2025
Salam Dostan khe..♥️🙏
18/04/2024
18/04/2024
دبئی کا شمار دنیا کے ترقی یافتہ شہروں میں ہوتا ہے، مگر گزشتہ روز کے بارش نے دبئی کے سسٹم کو بٹھادیا ہے۔۔
بیشک خدا تعالیٰ کی ذات سے بڑھ کر کوئی طاقت ور نہیں ۔
18/04/2024
چٻرو
چِٻرو ( True Owl ) جنھن کي عربي ۾ قطاط ، فارسي ۾ سنگ اشڪنگ ، ھندي ۾ سوانا، طبطات، دباسي ۽ باقيرھہ چوندا آهن. چِٻرو ھڪ پکي آھي. هن جو مٿو ويٺل ۽ اکيون وڏيون، ڪن نوڪدار ۽ وڏيرا ٿيندا آهن. پري کان ڏسڻ ۾ ٻِلو پيو معلوم ٿيندو. ٻيا پکي جي کيس ڏسن تہ ڏاڍو ڦانڦوڙيندا آهن، تنهنڪري ڏينهن جو ٻاهر نہ نڪرندو آهي ۽ گوشائتن هنڌن تي وڻن ۾ لِڪيل رهندو آهي. هي ڪم همت آهي. ڪو ماڻهو بہ جيڪڏهن ڪم همت ۽ ماڻهن کان پري اڪيلائي پسند هوندو تہ ٿري چوندا آهن، ”ادا فلاڻو ته چِٻري جهڙو آهي“. هيءُ رات جو ٻاهر نڪري پنهنجو گذران ڪندو آهي. هن کي ٿري نِڀاڳو پکي سمجهندا آهن. رات جو پاڙي ۾ اچي ٻوليو تہ بدسوڻ سمجهن. ڪٿي ٻاهر مسافريءَ تي اُسهڻ وقت بہ رات جو ساڄي پاسي هن جو ٻولڻ بلڪل بدسوڻ سمجهندا آهن.
جِسامت
هن جي جِسامت 21 سينٽي ميٽر يعني 8.3 انچ آهي. هن جو رنگ سُرمائي ناسي ۽ کَنڀن تي اَڇا ٽُٻڪا ۽ پيٽ جا کَنڀ ڌاريدار لڳندا اَٿس. اکيون گول ۽ هيڊيون اَٿس. نر ۽ مادي ٻئي هڪ جھڙا ٿيندا آهن.
رهائش
هي عام طور تي ڳوٺن، باغن ۽ ويرانن ۾ وڻن جي پورن ۾ نظر ايندو آهي.
نسل جي واڌ ويجھ
هي نومبر کان اپريل تائين آنا ڏيندا آهن. 3 کان چار آنا جن جي جسامت 26 کان 30 ملي ميٽر ۽ وزن 11 گرام هوندو آهي. مادي هڪ نر سان پوري عمر نہ گذاريندي آهي ۽ نر مَٽائيندي رهندي آهي. مادي 31 کان 32 ڏينهن آرو ڪندي آهي ڇو تہ آنن لاهڻ ۾ 8 ڏينهن جو فرق ٿي سگھي ٿو. 1 مهيني کانپوءِ ٻَچو آکيرو ڇڏي هليو ويندو آهي.
کاڌ خوراڪ
هي گوشت خور آهي. هي نوريئڙا، ڪوئا، جيت، ڏيڏر ۽ ننڍا پکي پڻ کائيندو آھي.
18/04/2024
باز
باز نالي پکي جا ڪافي قسم آهن۔ هي هڪ سُهڻو ۽ رعبدار پکي آهي. باز پنهنجي ڦُڙتي، تيز نظر ۽ مٿاهين اُڏام جي ڪري مشهور آهي.
علامه اقبال پنهنجي شاعري ۾ باز جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي ۽ اُن جهڙو ٿيڻ جي تلقين ڪندي نظر اچي ٿو. سندس مشهور شعر اَٿس:
“نهين تيرا نشيمن قصرِ سُلطاني ڪي گنبد پر
تو شاهين(باز) هي بصيرا ڪر پهاڙون ڪي چٽانون مين“
ھڪ قسم جو شڪاري پکي، جيڪو پکين جو -بادشاهه- ليکيو وڃي ٿو. سِرڻ ۽ عُقاب وغيره جي نسل سان لاڳاپيل آهي. نهايت تيز اُڏامندو آهي. هِن جا پَر وڏا ۽ زور -ڀريا- ٿين ٿا، جنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن تمام مٿي اُڏامي، ٽِڪ ٻَڌي بيهي رهندو آهي. هن جا چنبا تکا ۽ چُهنب مُڙيل ٿيندي آهي. هيءُ پرديسي پکي آهي، جيڪو -پاڪستان- جي -اُتر- وارن جبلن مان اچي ٿو. چترال، سوات، هندوڪش ۽ قُراقُرم جبلن مان -باز- اونهاري گذرڻ بعد سيپٽمبر ڌاري سياري ۾ شڪار سانگي سنڌ ۾ ايندو آهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري ڪوهستان، -ٿر- ۽ لاڙ جي علائقن ۾ رهندو آهي. مُند ختم ٿيڻ تي پنهنجي مُلڪ ڏانهن موٽي ويندو آهي، -جتي- هن کي شڪار ملي ويندو آهي. هن جو شُمار اَڻ لَڀ پکين ۾ ٿئي ٿو. قد بُت ۽ شڪل شَبيھہ ۾ سِرڻ جهڙو ٿئي. هيءَ ڪانگ، ڪَٻر، جهرڪيءَ، ڳيري، -تتر-، تُلور، پاريهر، ڪبوتر، هرڻن، ننڍن ڇيلن، گهيٽن، سَهَن ۽ ڍانڍي پکين جو شڪار گهڻي انداز ۾ ڪندو آهي. -باز-، بُنيادي طرح هڪ خاص جنس جو نالو آهي، پر سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان هن پکيءَ جي مختلف جنسن لاءِ ”اسم جنس“ طور استعمال ٿيو. ’-باز-‘ اصل ۾ ماديءَ جو نالو آهي، جنهن جو نر ”ذُرو“ (-جده-) ٿيندو آهي، پر سنڌ ۾ -باز- کي نر جي مفهوم ۾ ئي ڪم آندو ويندو آهي. ضلعي دادوءَ جي تعلقي جوهيءَ ۾ گهڻا ماڻهو هن پکيءَ کي هاسيڪار ۽ گهڻي ناڻي تي هَٿ ڪري پالين ۽ پوءِ اُن جي هٿان ننڍن پکين جو شڪار ڪرائي خوش ٿا ٿين. هن پکيءَ جو گوشت نہ کائبو آهي. اُن کي فقط شوق خاطر پالبو آهي. -باز- جي مختلف قِسمن ۾ ڪِن جا کَنڀ ننڍا تہ ڪِن جا وڏا ٿين. هن جي نظر تِکي ٿيندي آهي. سنڌ ۾ گھٹو ڪري سياري جي مُند ۾ پکين جو شڪار ڪَرڻ ايندو آهي. بازن جا ٻہ وڏا قِسم آهن: گلاب چشم ۽ سياهه چشم. گلاب چشم يعني ڳاڙهين اکين واريون ٽي جِنسون نر ۽ مادي هن طرح ٿين. (1) -باز- (مادي)، زُرو (نر)، (2) باشو(مادي)، -بشين- (نر)، (3) شِڪرو (مادي)، چپڪ (نر). جڏهن ته سياه چشم يعني ڪارين اکين وارن ۾ پنج جِنسون ٿين (1) چرخ (مادي)، چرغيلو (نر)، (2) لغڙ (مادي)، جهڳڙ (نر)، (3) بحري (مادي)، بحري ٻچو (نر)، (4) شاهين (مادي)، شهنجو، ڪوهيلو (نر)، (5) تُرمڇي، يا چُرمچي (مادي)، چٽوئو (نر). سنڌ ۾ -باز- جي قسمن ۾ سينچاڻو ۽ ملهالو بہ شامل آهن.
18/04/2024
ڪبوتر
ڪبوتر (Pigeon ) هڪ پکي آهي۔ ڳيرو بہ هن جي نسل مان آهي۔ هن جا تقریباً 300 قسم آهن۔
ڪبوتر فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن کي عربي ۾ حمام، ھندي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪبوتر ۽ اُن جا ٻيا نالا طوري، قرقار،:سماروس:، خلعه ۽ يمامه آھن. اِن جي گوشت جو طِبي اثر گرم ۽ خُشڪ آھي. اِن جو وزن اڌ پاءُ ھوندو آھي. هن جو گوشت فالـج، لقوي، استرخاءِ ۽ عضون جي ڏڪڻ لاءِ مُفيد آهي. رت چڱو پيدا ڪري ٿو. گڙدن، مَثاني، معدي ۽ جِگر کي طاقت ٿو. قوت باھہ کي وڌائي ٿو. هِن جي وِٺ آلت کي طاقت ڏئي ۽ طرفين کي لَذت ڏئي ٿي. هن جو رت اک جي ڦُلي کي فائدو رَسائي ٿو.
Be the first to know and let us send you an email when Raja Noman Majeed Attah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.