R Dasrat Akhani

R Dasrat Akhani Follow me for:

Stunning nature photo

"Hi, I'm R Dasrat Akhani

Nature Photographer & Videographer | Conservation Storyteller

Capturing the essence of our planet's breathtaking landscapes, wildlife, and moments.

27/07/2025

*ایک لڑکے کو امتحان میں کچھ نہیں آتا تھا.*🙈
*اس نے ایسی لائنیں لگا دی 👇👇*
|||||||||||||
*اور کہا برائے مہربانی سکریچ کر کے جواب پڑھ لیں.*
😂😂🤣😃😃

●♡▬▬♡

15/07/2025

In Karachi... with Friends ❤️💯

28/06/2025
*پیارے سورج .....🙄😂**مانا کہ ہم نے جنوری میں آپ کے دیدار کے لیے بہت دعائیں🤲🤲 مانگیں تھی*🫣*مگر یہ اندازہ نہیں تھا کہ قبول...
26/06/2025

*پیارے سورج .....🙄😂*
*مانا کہ ہم نے جنوری میں آپ کے دیدار کے لیے بہت دعائیں🤲🤲 مانگیں تھی*🫣
*مگر یہ اندازہ نہیں تھا کہ قبولیت کا وقت جون میں آۓ گا _____😂😂💔*

16/06/2025

Pakistan’s squash star Sehrish Ali has clinched another title, winning gold at the US Virginia Gold Circuit.

In a thrilling final, she edged past her sister Mahnoor Ali with a 3-2 victory. The match scores were 12-10, 11-13, 11-8, 8-11, and 8-11.

This marks Sehrish’s third consecutive gold and the 18th title of her career.

Feel This Vibe❤️(Jannat😍🌄) Beautiful sunset 🌆 time from Tharparkar.
16/05/2025

Feel This Vibe❤️(Jannat😍🌄) Beautiful sunset 🌆 time from Tharparkar.

15/05/2025

*مندن جي تبديلي (Climate Change) جي لاء دنيا ڪھڙن اپائن تي عمل ڪري رھي آھي؟*

جيئن تہ اسان ھن کان پھرين واري موضوع ۾ مندن جي تبديلي ۽ سنڌ جي پوندڙ اثرن جو مختصر جائزو ورتو ۽ ٻڌايو تہ مندن جي تبديلي عالمي مسئلو آھي ۽ ان جي حل لاء انفرادي ۽ قومي ڪوششن جي ضرورت آھي مندن جي تبديلي جي لحاظ کان دنيا ٻن واضع ڌڙن ۾ ورھايل آھي ھڪ گھڻائي ۾ پوئتي پيل غريب ملڪن جن جو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ نه ھئڻ برابر حصو آھي پر تبديلي جا نقصان انھن ملڪن تي وڌيڪ ۽ ڏوررس اثر ۽ نقصان ڪري رھيا آھن. ٻئي طرف ٿوري تعداد ۾ پر ترقي يافتہ ۽ امير ملڪ جن ملڪن جي ترقي ۽ ڪارخانن ڪاربان ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ اضافو ڪيو. تبديلي جا نقصان انھن ملڪن تي بہ اثر ڪري رھيا آھن پر انھن ملڪن جي مضبوط اقتصادي بيھڪ ۽ ڪاروبار جي ڪري انھن ملڪن ۾ نقصان برداشت ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت آھي ۽ نقصان جا اثر ڏوررس ثابت نٿا ٿين. ان جي وضاحت لاء ننڍو مثال ھي آھي تہ سنڌ ۾ جنھن ھاري جو گذرسفر صرف فصل تي آھي يا ڪنھن مالوند جي آمدني جو ذريعو صرف جانورن جي کير يا ڏيتي ليتيءَ تي آھي ۽ مينھن يا ٻوڏ جي ڪري فصل يا جانور کي نقصان پھچي ٿو تہ ھو سالن تائين پوئتي پئجي ويندو يا قرض کڻڻ ۽ لاھڻ جي چڪرن ۾ پئجي ويندو. ان جي بنسبت ڪو سرندي وارو يا جنھن جا آمدن جا ذريعا ھڪ کان وڏيڪ آھن اھو شايد نقصان برداشت بہ ڪري وڃي ۽ جلدي پنھنجي معاملات ۽ آمدن کي بحال بہ ڪري وٺي. اھم ڳالھ اھا بہ آھي تہ مندن جي تبديلي سان منسلڪ ڪاروبار ۾ بہ وڌ کان وڌ فائدو بہ ترقي يافتہ ملڪ وٺي رھيا آھن ۽ ترقي پذير غريب ملڪ تبديلي کي ضابطي ۾ آڻڻ واري ٽيڪنالاجي جھڙوڪر شمسي توانائيءَ، ھوا تي ھلندڙ بجلي گهر، بجلي ۽ بيٽرين تي ھلندڙ گاڏين وغيره وغيره جي خريداري جون وڏيون منڊيون بنجي ويا آھن جيڪي ترقي يافتہ ملڪ ٺاھي رھيا آھن.

عالمي اعدادوشمار مطابق پاڪستان جو ڪاربان ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ حصو صرف ۰.۹ سيڪڙو آھي جيڪو مجموعي طور تي نه ھجڻ جي برابر آھي پر ان جي باوجود ملڪ کي تقريبن ھر سال مندن سان لاڳاپيل تبديلين جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رھيو آھي. سنڌ جو ئي مثال وٺون تہ سنه ۲۰۲۲ ۾ اڌ کان وڌيڪ صوبو برساتن جي ڪري متاثر ٿيو ۽ بحالي جو ڪم اڃان تائين بہ جاري آھي. ھن حقيقت کي سمجهڻ انتھائي ضروري آھي، اھو بہ سمجھڻ ضروري آھي تہ جيڪڏھن پاڪستان ڪنھن طريقي گرين هائوس گيسن جي اخراج کي ٻُڙي بہ ڪري ڇڏي تڏھن بہ ملڪ تبديلي جي اثرن کان بچي نٿو سگھي ڇو تہ عالمي اخراج فضائن ۾ گھمندو رھندو ۽ تبديليون اثر انداز ٿينديون رهنديون جيسيتائين سڄي دنيا مان گرين هائوس گيسن جي اخراج تي ضابطو نٿو اچي ۽ موجوده گيسن کي قدرتي طور يا ٽيڪنالاجي جي وسيلي فضا مان ختم ڪيو وڃي. پر ان جو اھو مطلب ھرگز بہ نہ آھي تہ اسان کي گرين هائوس گيسن جي اخراج کي روڪڻ لاء ڪجھ بہ ڪرڻ نه گھرجي. اسان جون ڪوششون اسان جي قدرتي ماحول کي خوش گوار بڻائي سگھن ٿيون مثال جي طور سنڌ جي دوست وڻن جي وڍائي جي روڪ ۽ نون وڻن لڳائڻ سان آسپاس جي گرمي پد ۾ نمايان ۽ ڪارائتي گھٽائي ڪري سگھجي ٿي جيڪا انسانن سان گڏوگڏ ٻين ساھ وارن لاء فائديمند ٿيندي. ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ سان ڪيترين ئي ساھ ۽ دل جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. آبي ذخيرن جي حفاظت ۽ احتياطي استعمال سان زراعت، پيئڻ جي پاڻي ۽ چرند پرند جي زندگي، کي محفوظ رکي سگھجي ٿو وغيره وغيره.

بنيادي طور تي مندن جي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاء دنيا ۾ بشمول پاڪستان، ٻن پيراھن تي ڪوششون ٿي رهيون آهن. ھڪ تبديلي جي سببن جي رفتار کي گھٽائڻ يا ختم ڪرڻ (Mitigation) ٻيو تبديلين سان مطابقت رکي نوان اپاءَ وٺڻ (Adaptation). ٻنھي رخن تي ڪم ڪرڻ انتھائي ضروري آھي ۽ لاٽار جي صورت ۾ پوئتي پيل ۽ غريب ملڪ تبديلين سان منسلڪ نقصان کڻندا رھندا.

تبديلي جي سببن جي رفتار کي گھٽائڻ يا ختم ڪرڻ جو سڌو سنئون تعلق ڪاربان ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گھٽائڻ آھي ۽ ان ڏس ۾ ڪوئلي ۽ تيل جي سڙڻ کي ٻين توانائي جي ذريعن جي استعمال سان گھٽائڻ آھي جيئن شمسي توانائي، ھوا ۽ پاڻي سان ٺھندڙ توانائي، بجلي تي ھلندڙ گاڏين جو استعمال وغيره شامل آهن. ان کان علاوه وڻڪاري کي گھڻو ھمٿايو وڃي پيو ڇوته وڻ، زمين ۽ سمنڊ جي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪرڻ جا قدرتي ذريعا آھن. سنڌ ۾ بہ ان تي عمل ٿي رھيو آھي ۽ بجلي تي ھلندڙ بسون ۽ ڪارون روڊن تي نذر اچن ٿيون ۽ وقت سان گڏوگڏ شايد بجلي تي ھلڻ وارين گاڏين ۾ واڌارو ٿئي. ان کان علاوه شمسي ۽ ھوائي توانائي جي استعمال ۾ بہ واڌارو ڏسڻ ۾ اچي پيو. ان سان گڏوگڏ ڪاربان يا ٻين گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گھٽائڻ لاء ڪاربان جو ڪاروبار بہ متعارف ڪرايو ويو آھي جتي اسٽاڪ مارڪيٽن وانگر ڪاربان جو ڪاروبار ھلي ٿو. (ڪاربان مارڪيٽ جي موضوع تي وڌيڪ تفصيل ۾ نه ٿا وڃون ۽ ان جو ذڪر الڳ آرٽيڪل ۾ ڪنداسين).

ٻئي طرف تبديلي سان مطابقت رکڻ وارا عمل گھڻ رخا آھن ۽ انفرادي، صوبائي ۽ قومي سطح جي اپائن سان حل ٿي سگهن ٿا. مثال جي طور گرمي جي شدت کي گھٽائڻ لاء وڻ پوکڻ ۾ ھر فرد بہ حصو وجھي سگھي ٿو تہ حڪومت بہ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اڄڪلھ گھر ۽ عمارتون سيمينٽ، بجري، بلاڪن يا سرن سان ٺھي رھيون آھن پر اسان جا پھريان نسل شايد اسان کان وڌيڪ عقلمند ھئا جن موسمن جو خيال رکندي گھرن جي اڏاوت ڪئي. گھر گھڻو ڪري مٽي جا ٺھندا ھئا ۽ ڇتيون لهواريون ڇپر وانگر ھونديون ھيون جنھن جي ڪري سج جي گرمائش گھرن کي گھٽ گرم ڪري سگھندي ھئي. ھينئر جا گھر گرمي ۾ وڌيڪ گرم ٿيو وڃن ۽ پھچ وارا ائير ڪنڊيشن کان سواءِ رھي ڪون سگھن جنھن ڪري بجلي جي پيداوار ۽ کپت جو توازن بگڙيو وڃي. وقت سان گڏ شايد گرمائش ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ان لاء ضروري آھي تہ انفرادي ۽ حڪومتي سطح تي اسان بظاهر ننڍي ڏسڻ ۾ ايندڙ مسئلي جو حل تلاش ڪريون ۽ پراڻن ۽ جديد دؤر جي ميلاپ سان گھرن ۽ عمارتن جي تعمير لاء موسمن کي سامهون رکندي نوان ۽ قدرت دوست طريقا استعمال ۾ آڻيون. انسان قدرتي آفتن کي روڪي تہ نہ ٿو سگھي پر حفاظتي اپاء وٺڻ سان نقصان کي گھٽائي ضرور سگھي ٿو. مندن جي تبديلي ۽ تيز ۽ اڻمندائتي برساتن، سامونڊي طوفان ۽ مينھن / پاڻي جي اڻاٺ جو پاڻ ۾ تعلق ثابت ٿي رھيو آھي. سڄي دنيا ۾ قدرتي آفتن جي تعداد ۾ اضافو ڏٺو ويو آھي. ڪجھ برساتي ٻوڏون ايڏيون وڏيون اچن ٿيون جو برساتن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ وارا نظام ناڪاره ڪريو ڇڏين. صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ ۾ انساني ترقي جو بہ ھٿ آھي ڇوتہ ترقي قدرتي نظام ۾ وڏي ڇيڙ ڇاڙ جو سبب بنجي ٿي ۽ اسان جيسيتائين قدرتي وسيلن جي تبديلي برابر يا ان کان وڌيڪ صلاحيت جو متبادل نه ڏينداسين تيسيتائين قدرت اسان کي نقصان ڏيندي رھندي. ان ڪري عالمي سطح ان ڳالھ تي وڌيڪ زور ڏنو پيو وڃي تہ قدرت جي نظام کي واپس اصلي ماحول ۾ آندو وڃي. جيئن مثال طور ٻوڏن کان بچڻ لاء قدرتي وهڪرن کي پنھنجي اصلي حالتن ۾ رکڻ ضروري آھي. بيشڪ اھو ڏکيو ڪم آھي ڇوتہ اسان قدرتي ماحول ۾ وڏي تبديلي ڪري چڪا آهيون بحرڪيف اھو بہ اسان کي ياد رکڻ گھرجي تہ قدرت کي نعمل بدل نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان مان ھڪ يا ٻئي کي ان جو نقصان کڻڻو پوندو. اسان گھٽ ۾ گھٽ اھو تہ ڪري سگھون ٿا تہ مستقبل ۾ اسان ترقي جي دوران قدرتي ماحول کي گھٽ کان گھٽ نقصان پھچايون ۽ قدرت کي برابر يا ان کان بھتر متبادل ڏيون جيئن قدرت اسان جي دشمن نه ٿي پوي. پاڻي جي ذخيرن جو بچاءُ ۽ ان جي موثر استعمال تي بہ زور ڏنو پيو وڃي ڇوته پاڻي جي موجودگي ۽ استعمال جي توازن بگڙجڻ سان ھر جاندار متاثر ٿيندو. زراعت جي شعبي کي مندن جي تبديلي کان بچائڻ لاء وڌيڪ ڪوششون ٿي رھيون آھن تہ جيئن کاڏي جي پيداوار ۽ کپت کي تبديلي جي اثرن کان بچائي سگھجي. ان ڏس ۾ نيين جنسن تي تحقيق، فصلن جي پوکائي جا نوان طريقا مثال طور گرين هائوس فارمنگ, عمودي پوکائي (Vertical Farming), ھڪڙي زمين تي مختلف فصل پوکڻ وغيره وغيره جھڙا عمل شامل آهن. ان کان علاوه زراعت ۾ آبپاشي جي نظام کي بهتر ۽ مؤثر بڻائڻ لاء ڪوششون ٿي رهيون آهن.
C.p.

Peeron ..... Beauty of Thar Desert ......‘‘‘‘❤❤                               🔹🔹🔹🔹🔹🔹🔹🔹🔹🔹        • 
11/05/2025

Peeron ..... Beauty of Thar Desert ......





❤❤







🔹🔹
🔹🔹
🔹🔹
🔹🔹
🔹🔹














Address

Sindh

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when R Dasrat Akhani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to R Dasrat Akhani:

Share