Varsa HD channel with Sardar Bhayo

  • Home
  • Varsa HD channel with Sardar Bhayo

Varsa HD channel with Sardar Bhayo Developing stories and display culture, heritages and role models of societyand hidden sides of segmemts of society.

20/07/2024

نامياري ڪلاسيڪل راڳي استاد شفيع فقير جي نئين ڪمپوزيشن، شاعري مظهر لغاري جي آهي. هي شاعري پهريون ڀيرو استاد شفيع فقير ڪمپوز ڪري پاڻ ڳائي آهي.

25/06/2024

Walhar Elementary School Umerkot

"Activities based learning"

08/06/2024
08/06/2024

عُمرڪوٽ جا نوجوان "آن لائِين ڪاروبار" ڇو نه ٿا ڪري سَگهن؟
--------------------------------------سردار ڀيو

مَهانگائي ۽ بيروزگاري خاص طور تي پَسمانده طبقن توڙي جو هاڻي ته اسان جي مِڊل ڪلاس جي چيلهَه چِٻي ڪري ڇڏي آهي، اهڙِين مُعاشي بَدترين حالتن ۾ ماڻهو پنهنجي زِندگي جو روزانو وارو وهنوار هلائڻ جي لائق به ڪونهي رهيو، موجوده مُعاشي ڏيوالپڻي جي نتيجي ۾ "ذريعه مُعاش" جِي حاصلات لاءِ ماڻهن کي ڪَهڙو دَڳ وٺڻ گُهرجي؟ اهو بنيادي سوال آهي.

اسان جي آبادِي جو 60 سيڪڙو نوجوان آهن، اِهي نوجوان "ايڊوانس ڊجيٽل بزنس زون " Advance Digital Business Zone ۾ ذريعه معاش جي لاءِ ڀرپور صلاحيتن جو اِستعمال ڪري مُعاشي ڏيوالپڻي سبب اِستحصال جو شڪار ٿيندڙ گَهراڻن جو ڀَرجهلو بڻجي سگهن ٿا. هِن وقت جديد ٽيڪنالاجيز، مَصنوعي ذهانت، ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي ڌوم متل آهي. فيسبوڪ، انسٽاگرام، ٽِڪ ٽاڪ، يُوٽيوب سميت سَوَن جي تعداد ۾ سورسز ميسر آهن، جتان ماڻهو eBay, Amazon, Walmart, Etsy, Nextdoor, Ozon, Rubbylane, Posh Mark, Dara, Ali express ۽ ٻين سوين مارڪيٽن ۾ ڌنڌو ڪري ناڻو ڪمائي رهيا آهن. سڄي دنيا هڪڙي ڊجيٽل ڳوٺ جو رُوپ ڌاري چُڪي آهي، آڱرين جي ٽپس تي عالمي مارڪيٽن تائين ايڪسيس ۾ ممڪن ٿي چُڪي آهي. آِي ڪامرس جي شعبي ۾ نوجوانن جي دِلچسي ايتري حد تائين وڌي چُڪي آهي جو پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ اِي ڪامرس شعبي ۾ ڊجيٽل مارڪيٽن ۾ خريد فروخت سان مختلف اِسڪلس جي بُنياد تي ماهوار لکين روپيا ڪمائين پيا، اهو به ڊالرس ۾.

اسان وٽ نوجوان جو وڏو حلقو، جيڪو هن نئين ڊجيٽل مارڪيٽن تائين رسائي جي ٽيڪنيڪل واٽن کان ان واقف آهي، انهن نوجوانن کي جيڪڏهن اهي گس ملي پون يا ڪو مسيحا نوجوانن کي ڊجيٽل دنيا جو وهنوار سمجهائي ته حقيقت ۾ هنن نوجوانن ۾ صلاحيتن جا خزانا لڪيل آهن، اهي ڊجيٽل آن لائين بزنيس ۾ اڳيان ۽ اڳڀرا ٿي ڏوڪڙ ڪمائي پنهنجي گهرن مان رُسي ويل معاشي خوشحالي کي واپس موٽائي سگهن ٿا. اهو سڀ ڪجهه ممڪن تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان جا نوجوان پنهنجو قيمتي وقت وڃائڻ بدران پنهنجي موبائيلن ۽ ليپ تاپس جو درست استعمال ڪرڻ جي لاءِ تيار هجن. هي دنيا هاڻي هڪڙي وِک پري ڪونهي!

ولهار اڪيڊمي عمرڪوٽ اهو ارادو رکي ٿي ته نوجوانن کي منظم انداز ۾ جديد ڊجيٽل مارڪيٽن تائين ايڪسيس، آن لائين ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ مختلف اسڪلس (گُر) جي سِکيا ڏيارڻ ۽ مختلف ڪاروباري مارڪيٽن سان ڳنڍڻ لاءِ تربيت ڏيارجي، ته جيئن اسان جا نوجوان آن لائين ڪاروباري جهان ۾ پنهنجون صلاحيتون، هُنر (اسڪلس) وڪڻي پئسو ڪمائي سگهن، جنهن سان هن وقت وڌندڙ عالمي مهانگائي جي طوفان جي نتيجي ۾ معاشي ڏيوالپڻي واري ڪَرب ۽ اضطراب ۾ پنهنجو مالي survival ڪري سگهجي.

ڪالهه ولهار اڪيڊمي پاران اِي ڪامرس شعبي ۾ آن لائين ڪاروباري جهان سان جُڙڻ لاءِ نوجوانن کي آگاهي سيشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ڀرپور شرڪت ڪئي، باصلاحيت نوجوان سائين اوم پرڪاش پراڳاڻي عالمي آن لائين مارڪيٽن تائين ايڪسيس جا ٽول سيکارڻ کان اڳ نوجوانن ۾ جيڪو چاه، جذبو ۽ لڳاءُ سان گڏ بنيادي ضروري شين متعلق مفصل ۽ چٽائي سان interactive ڳالهه ٻولهه ذريعي سُهڻي انداز ۾ سمجهايو. مقصد جي حاصلات لاءِ سڀ کان پهرين اِنسان کي هِن ڊجيٽل سَفر جي لاهن چاڙهن، ڏکيائن، چئلينجز جو پتو هئڻ گهرجي، اهو به ڊالرس ڪمائڻ جي لاءِ سِکيا واري پروسيس ۾ "مَکڻ جي شِيخ پچائڻ" آهي، اِهو سڀ ڪجهه مَمڪن تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن نوجوان پنهنجي اندر ۾ اهو لڳاءُ، جذبو، مُستقل مزاجي، برداشت سان گڏ بهترين ٻُڌندڙ ٿيڻو پَوندو.

اَڃان هِن ڊگهي سفر جي هِي پهرين پِتڪڙِي وِک آهي، نوجوانن جي لاءِ اڳيان مُعاشي خُوشحالي جون واٽُون مُنتظر آهن. وَلهار اڪيڊمِي جو عَزم نوجوانن کي اُنهن جي صلاحيتن جي آڌار پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي. اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي.

In an effort to promote religious harmony and mutual respect, a Hindu man organised an Iftar party for his Muslim friend...
16/03/2024

In an effort to promote religious harmony and mutual respect, a Hindu man organised an Iftar party for his Muslim friends in the Tharparkar district of Sindh.

As per details, the man also dedicated a place in his home for the Muslims to offer Maghrib prayers after breaking their fasts.

The picture of the Muslims offering prayer also went viral on social media, garnering appreciation from the netizens.

However, the name of the person, who organised Iftar, was not disclosed in the post.


Copied

05/03/2024

وڻن جي واڍي دراصل فطرت سان کئونس ڪرڻ آهي، وڻ وڍڻ ڀونڏو ڪم آهي، فطرت دشمن عمل

Come to join Walhar Academy Umerkot leads to brightened future of youth cadre through skill development, English Learnin...
23/02/2024

Come to join

Walhar Academy Umerkot leads to brightened future of youth cadre through skill development, English Learning and competency, brainstorming and career counselling.

Seventh consecutive test was held at Walhar Academy. As regular assessment is important to enhance the learning of the students especially when it comes to the learning of language. Which also motivates the learnes to learn more and fill their gap.

ولهار اڪيڊمي عمرڪوٽ رحيم ڪالوني ۾ مقامي عورتن کي هنري سکيا جي تربيت ذريعي پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشي طور تي سگهارو بڻائ...
21/02/2024

ولهار اڪيڊمي عمرڪوٽ رحيم ڪالوني ۾ مقامي عورتن کي هنري سکيا جي تربيت ذريعي پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشي طور تي سگهارو بڻائي رهي آهي،

ساڳي وقت انگريزي ٻولي English Language" learning" جي سکيا، مختلف مضمون جي ڪوچنگ [Tution]ڪرڻ سان گڏوگڏ پري اسڪولنگ [3 کان 5 سال جي ڄمار جي ٻارڙن]جا ڪلاس هلائڻ جو بندوبست پڻ ڪيو آهي.

Amazing Cow!!!!
21/02/2024

Amazing Cow!!!!

21/02/2024

مَرجي ۽ جِيئجي مِٺي ۾،

هِتي ڪلهي ڪانڌي به اهي ئي هُجن ٿا، جيڪي جيئري جيءُ ۾ جايون ڏيندڙ هوندا آهن، دُنيا ۾ مِٺي زنده دِل اِنسانن جو شهر آهي. مِٺي شهر جي ڪشادن روڊن ۽ ويڪرين گِهٽين جيان ماڻهن جُون دِليون به ڪُشاديون آهن.

اَڄ مِٺي شھر ۾ حسين شاعر سائينداد ساند جي جنازي کي سندن شاعري جي خوبصورت آلاپن سان ڪُلهو ڏيندي ڏسي دِل ڀرجي آئِي آهي. الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي.

اگر تمھاری اولاد میں ایک بیٹا اور ایک بیٹی ہو اور تمھاری استعداد فقط ایک کو درسگاہ بھیجنے کی ہو تو تم بیٹی کو بھیجنا۔مول...
12/11/2023

اگر تمھاری اولاد میں ایک بیٹا اور ایک بیٹی ہو اور تمھاری استعداد فقط ایک کو درسگاہ بھیجنے کی ہو تو تم بیٹی کو بھیجنا۔

مولانا جلال الدین رومی رحمتہ اللہ علیہ

24/05/2023

ٿر ۾ قائم "جديد اسلامي انسٽيٽيوٽ" ، جتي تفريق ۽ تعصب ناهي!
_________________________ سردار ڀيو

ٿر ۾ ديني مدرسن جو نيٽ ورڪ پکڙيل آهي، اتي ساڳي وقت مشنري ادارا به پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن پيا، انهن ادارن کي وزٽ ڪري اسان ناهي ڏٺو نه ڪڏهن موقعو مليو آهي، ته اتي بنيادي ڪارج ڪهڙو ڪار فرما آهي...، انهن جي حاصلات حدف ڪهڙو آهي؟ ڳالهيون گهڻيون، آهي پنهنجي جاء تي،
جيڪڏهن مذهبي ادارن ۾ بنا تفريق جي علم جي حصول جو حق هر ڪنهن کي حاصل هجي، ته اهو ساراه جوڳو ڪم چئبو.

تازو سائين ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀار، لياقت علي جوڻيجو، ارباب نيڪ محمد، پروفيسر عبدالرؤف سومرو ۽ آئون عمرڪوٽ کان واوڙي مهراڻ پئي وياسون، اتي حافظ مهراڻ سان سندن والده جي وڇوڙي تي ڏک ونڊڻو هو. واٽ ويندي ڇاڇرو شهر کان اورتي هڪڙو ماڳ آهي "اڪ وڊو"، جتي اسان جي گاڏي کي ارباب نيڪ محمد روڪرائي ڇڏي، موصوف پاڻ لهي وڃي عمارت جو مک دروازو کوليائون، ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀار گاڏي ڪاهي اندر وڃي چوئنري سان گڏ ٻن خوبصورت لانڍين جي اوٽ ۾ بيهاري، اهو عصر نماز جو ٽاڻو هو

اسان سڀئي گاڏي مان لهي اڳتي اداري کي ڏسڻ لاء وڌياسون، انهي اداري جي عمارت تي لڳل نالي واري پئنافليڪس کي پڙهيو سون، انهي اداري جو نالو "عبدالله بن مسعود اسلامي مرڪز " آهي، ٿوري دير ۾ قاري محمد رمضان نهڙي صاحب اچي اسان سان مليو، قاري صاحب سان اڳ عمرڪوٽ ۾ ڪيئي ملاقاتيون ۽ ڪچهريون هيون.

قاري محمد رمضان نهڙي صاحب کي اسان ٻڌايو ته سڀ کان پهرين اسان کي نماز پڙهڻي آهي، پوء وضو ڪري نماز پڙهي سڌو اداري جي ڪلاس رومن ۾ وياسين، اتي استادن کٿابين کي پڙهايو پئي، حيرانگي سان گڏ اسان کي بيحد خوشي ٿي ته اتي ڪلاس رومن ۾ ڊيسڪن تي کٿابين کي ويٺل ڏٺو، وائيٽ بورڊ تي استادن مختلف مضمون پئي پڙهايا، انگريزي، رياضي ۽ ٻيا مضمون. هر ڪمري ۾ ٽيهارو کن شاگرد ويٺل هئا، هاڻي تازو امتحان ٿيا آهن تنهڪري شاگردن جو تعداد گهڻو گهٽ لڳي رهيو هو.

هن اداري ۾ ٽيهارو کن شاگردن جو تعلق هندو مذهب سان آهي، انهن ۾ اڌ ڇوڪريون آهن، جيڪي مختلف ڳوٺن کان ايندا آهن، هندو شاگردن کي هتي اخلاقيات پڙهائي ويندي آهي. هتي 3 استاد به هندو مقرر ڪيل آهن، جيڪي پنهنجيون ذميداريون نڀائين پيا.

قاري صاحب ٻڌايو ته هتي آس پاس جي ڳوٺن مان اڍائي سئو ٻار ۽ ٻارڙيون تعليم جي حاصلات لاء هتي اچن ٿا، اسان ڪوشش ڪري پسگردائي جي هندو ڀائرن کي راضي ڪيو ته ٻارن کي اسان وٽ موڪليو، ته جيئن اهي تعليم حاصل ڪري سگهن، پهريان ته ڊنل پئي لڳا پوء جڏهن اهو يقين ٿيو ته نصابي تعليم ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ واري ڏبي، ٻارڙن جو خاص خيال رکيو ويندو.

هن اداري پاران شاگردن کي گهران کڻڻ ۽ اداري کان گهرڻ تائين ڇڏڻ جي لاء پوانئنٽ جيپون هلن ٿيون، اهو اسان پنهنجي اکين سان به ڏٺو، ته موڪل مهل ٻارڙا ٻاهر بيٺل پوائنٽ جيپن ۾ چڙهي رهيا هئا. اسان انهن هندو استادن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان حال احوال ڪيا،زير تعليم ٻارڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، انهن کان مختلف مضمونن مان سوال به ڪيا. شاگرد تمام گهڻا ذهين لڳي رهيا هئا.

هن اداري ۾ رڳو نصابي تعليم جو بندوبست ٿيل ناهي، هتي مسلمان ٻارن کي ديني تعليم ڏني ويندي آهي، خوبصورت لائبريري به موجود آهي، هتي پاڻي جو بندوبست ٿيل آهي، سڄي عمارت ۾ بجلي ناهي ليڪن سولر سسٽم لڳل آهي. عاليشان ڪشادي مسجد سڳوري زير تعمير آهي، استادن ۽ مهمانن جي رهائش جي لاء ڪمرن جو ڪم جاري آهي.

عبدالله بن مسعود اسلامي انسٽيٽيوٽ ٿر جي رڻ ۾ قائم ڪيل اهڙو ادارو آهي، جيڪو بنا ڪنهن مذهبي تعصب ۽ فرق جي صرف تعليمي شعبي تي ڪم ڪري پيو، هتي عربي، فارسي، سنڌي، ارڏو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
سائين قاري محمد رمضان نهڙي اسان کي ڪتاب تحفي طور پيش ڪيا، چانهه به پياري. اسان کي مدعو ڪيو ته ٻي ڀيري سيڙجي اداري کي وزٽ ڪرڻ لاء اچو، جيتوڻيڪ ڪجهه عرصي بعد اتي پروگرام به رٿيل آهي، ان ۾ شرڪت لاء دعوت ڏيڻ جو پئي چيائون. واٽ ويندي اهڙي اسلامي اداري جو دورو ڪيو، جتي هندو مسلمان ٻارڙا گڏ پڙهي رهيا آهن.

هن اداري جو تعميراتي ڪم ختم ناهي ٿيو، اڃان به توسيع سان گڏ وڌيڪ ڪم ٿيڻو آهي. اسان کي هي ادارو ڏسي خوشي ٿي، اميد ڪجي ٿي ته ساڳي جذبي ۽ عزم سان ٿر ۾ علم جو ڏيئو ٻرندو رهندو، جتي بنا تعصب، نفرت، ويڇو ۽ فرق جي ٻارڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.

Address


Telephone

+923332118242

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Varsa HD channel with Sardar Bhayo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Varsa HD channel with Sardar Bhayo:

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share